ڪلا پرڪاش
ساهتي پرڳڻي جي
سڃاڻپ بڻيل
ساهتي پرڳڻي کي اهو اعزاز رهيو آهي ته هُن زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن ۾
ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پيدا ڪيون آهن. ايئن سنڌي ادب ۾ پڻ ساهتي پرڳڻي جو اهم حصو
رهيو آهي. هڪ اهڙو حصو، جنهن کي الڳ ڪرڻ سان سنڌي ادب ۾ گهڻي ڪمي رهجي ويندي.
ائين سنڌي ادب جو ذڪر ڪرڻ وقت ساهتي پرڳڻي جي نهايت علمي ادبي شهرنما
ڳوٺ خانواهڻ ۾ ٻه جنوري اوڻيهه سؤ چوٽيهن تي جنم وٺندڙ، سنڌ توڻي هنڌ ۾ هڪ جيتري ادبي
مڃتا رکندڙ، ڪلا پرڪاش کي ذڪر هيٺ نه آڻبو ته اهو تذڪرو پڻ اڻ پورو رهجي ويندو. سنڌي
ادب کي درجن کان وڌيڪ ناول ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ هڪ روح ۾ گهاءُ ڪندڙ سفرنامو ڏيندڙ ڪلا
پرڪاش، اڄ ڪلهه سنڌين جي اڏيل شهر آديپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ پنهنجي ليکڪ ۽ بيحد خوبصورت
شخص ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان زندگي گذاري رهي آهي.