; سنڌي شخصيتون: جانو - جيوترام آر منگلاڻي

16 December, 2012

جانو - جيوترام آر منگلاڻي


جانو
گھوٽڪيءَ جو ملنگ مستانو
جيوترام آر منگلاڻي
گهوٽڪيءَ ۾ هر شخص هن مست کي جانُو جي نالي سان سڃاڻي ٿو، پر هن جو اصلي نالو محمد مُراد سومرو آهي. هيءُ گهوٽڪي جي ڳوٺ سائين ڏنو گهوٽو جو رهندڙ آهي. انتهائي سادو ۽ غريب آهي. گهوٽڪي جي مختلف روڊن، رستن ۽ بازارن ۾ سدائين کلندو، ٽهڪ ٽپا ڏيندو نظر ايندو. نڪي هن کي خود اها خبر آهي ۽ نه ئي وري شهر واسي ڄاڻين ٿا ته هن جي کلڻ يا ٽپا ڏيڻ جو ڇا مقصد آهي، هرو قت پنهنجي ليکي ٽهڪ ۽ ٽپا ڏيندو رهي ٿو. هو سدائين خوش نظر اچي ٿو ۽ خيرات وٺندو رهي ٿو. جيڪي ماڻهو هن کي پن جيان ڏهه رپيا خرچي ڏين ٿا ته هي جانو وڌيڪ خوش ٿي نچي ٿو. ڪنهن هوٽل يا موبائل تي گانو ٻڌندو ته پوءِ خوشي ۾ ۽ موج ۾ تمام گهڻو نچي ٿو. انتهائي مزيدار مست آهي. چانهه پيئڻ جو شوقين آهي جيڪي ڪجهه ڪمائي ٿو، چانهه سگريٽ تي خرچ ڪري ٿو. ماڻهو رونشي لاءِ چوندس ته جانو ۱۰ رپيا خرچي ٿا ڏيون سامهون ويٺل ماڻهو کي چماٽ هڻي اچ ته دير ئي نه ڪندو. هن کي اها خبر نه هوندي آهي ته جنهن کي چماٽ هڻان ٿو اهو ڪير آهي. بس هن کي ۱۰ رپيا روڪ يا پيئڻ لاءِ چانهه ملندي. وڏي مزيدار ڳالهه اها آهي ته جنهن کي چماٽ وهائي ڪڍندو پوءِ به خوش ٿي ٽپا ڏيندو. ماڻهو به هن جي ڳالهه کي برداشت ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته هي هڪ مست آهي. جانُو ملنگ ۽ مست.


هن جي عمر اٽڪل ۲۰ سال ٿيندي ۽ ٺپ اڻ پڙهيل آهي. هي شروع کان يعنيٰ ڄمندي ئي مست آهي. هن جو پيءُ غلام قادر سومرو ان وقت فوت ٿي ويو جڏهن جانُو ننڍڙو هو. غير شادي شده جانُو کي سندس والده سُٺا ڪپڙا پارائيندي آهي پر هن جو ڪپڙن سان ڪوبه شوق يا دلچسپي نه آهي، هر وقت پيرين اُگهاڙو گهمند رهي ٿو. بس هي ٽپن ۾ خوش رهي ٿو. موجوده برساتن ۾ جانوءَ جو گهر ڪِري پيو جنهن کانپوءِ هي ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ ۾ پنهنجي ماءُ، ننڍڙي ڀاءُ ۽ ٻين عزيزن سميت اچي کليل آسمان هيٺان ويٺو. ڪنهن به سرنديءَ واري هن مسڪين جي سار نه لڌي. گهوٽڪي جي ايس ڊي ايم توڙي مختيارڪار کيس گهڻا ئي دلاسا ڏنا پر عملي طور ڪوبه ڪم نه ٿيو. جانو جو ماسات گامڻ جيڪو گذريل ۱۵ سالن کان شهر ۾ ريڙهيءَ تي سبزي وڪڻندو آهي ان عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسين انتهائي غريب آهيون، جانو به شهر ۾ پني پيٽ پاليندو آهي. هينئر ڪري پيل گهر جي مٿان تال پتري ڏيئي رهيا پيا آهيون، جڳهه ٺهرائڻ جي طاقت نه آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جانو صبح جو ۹ وڳي گهران منهنجي لاءِ ناشتو کڻي هتي ايندو آهي ۽ آئون به کيس ۱۰-۵ رپيا خرچي ڏيندو آهيان، جنهن کانپوءِ هي سڄو ڏينهن شهر ۾ گهمندو ڦرندو ۽ خيرات وٺندو رهي ٿو، جيڪي پئسا هي چانهه ۽ سگريٽن تي خرچ ڪري رات جو ۸-۷ بجي تائين گهر واپس اچي ويندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ جانوءَ جي ماسات گامڻ ٻڌايو ته هن ڪڏهن به شادي ڪرائڻ لاءِ ناهي چيو ۽ نه ئي وري ڪنهن سان عشق ڪري ٿو. هو مڪمل طور اڻڄاڻ ۽ مست آهي. شهر ۾ جيڪا اُڳاڙي ڪري ٿو اها کائي کپائي ڇڏي ٿو. اسان کي اها خبر نه آهي ته ڪيترا پئسا هن کي خيرات ۾ ملندا آهن. بس جڏهن رات جو گهر ايندو آهي ته هن جا کيسا خالي هوندا آهن.
جانو جي هڪ دوست عزيز الله چنو ٻڌايو ته؛ جانو جنهن وقت گهران ناشتو کڻي اچي پنهنجي ماسات کي ڏيندو آهي ته پوءِ مونسان ڀاڪر پائي چنبڙي پوندو آهي ۽ مونکي چوندو آهي؛ جانو يار موبائل فون تي ڪو ڪلام ٻڌاءِ! آئون موبائيل تي گانو چالو ڪندس ته هي نچڻ شروع ڪندو آهي، ڄڻ ته هن کي موسيقي سان عشق آهي.
عزيز الله چنو ٻڌايو ته؛ رات جو گهر وڃڻ وقت به مونسان ڀاڪر پائي پوءِ گهر ويندو آهي. بس هي هڪ ملنگ فقير آهي. جانو گهڻو وقت پبلڪ پارڪ ۾ به گذاري ٿو جتي گهڻا ماڻهو موجود هوندا آهن هن کي ماڻهن سان گڏ گذارڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي. هن جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته سڄو ڏينهن ٽپا ڏيندو خوش گذاري ٿو. هي جتان به ٽپندو آهي ته ماڻهو چوندا آهن جانو ڇا حال آهي؟ پوءِ هي ٽهڪ ڏئي ٿو. هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جتي ماڻهو انتهائي پريشاني واري عالم ۾ غمگين ۽ مايوس ڏسڻ ۾ اچن ٿا اتي جانو ڏاڍو خوش نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته هن کي زماني بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. سنڌ سرڪار ۽ سرندي وارن ماڻهن کي گهرجي ته جانو يار جي مالي سهائتا ڪن ۽ هن جي جڳهه به نئين سر تعمير ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن جانو وڌيڪ خوش گذاري.

No comments:

راءِ ڏيندا