هري دلگير
ڀٽائيءَ جو هنج
منظور ڪوهيار
هري دلگير سان پنهنجي سنئين سڌي
ملاقات ته ڪونه هئي. پر ڪيترن ئي حوالن سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ناتو آهي.
اڻ سڌي طرح هڪ حوالو آهي، مرحوم
قلندر بخش بدويءَ جو ، جنهن لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ بزم شهباز جو بنياد رکيو، جيڪو
منهنجي لاءِ پهريون ادبي مڪتب هيو. بدويءَ صاحب ڏاڍا خوبصورت گيت سرجيندو هيو.
سندس گيتن ۾ بلا جي رواني هوندي هئي. جنهن به کائنس پڇيو ته سندس گيتن ۾ ايڏي
رواني ۽ بي ساختگي ڇو آهي؟ ته وراڻيندو هيو، ’اُستاد ڪامل هري دلگير جو شاگرد
آهيان.‘
ٻيو حوالو آهي، ڊاڪٽر اياز قادري
جو. سائين جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته سندس ئي اوطاق تي ڀرپور ڪچهريون ٿينديون
رهنديون هيون.
هڪ دفعي سندس ئي پي. ايڇ. ڊي وارو
مقالو ’سنڌي غزل جي اؤسر‘ زير بحث آيو. اُن تي ڳالهائيندي ٻڌايائين ته ’هتي سنڌ ۾
سڀني علمي ۽ ادبي حلقن ۾ تعريف ٿي. پوءِ
دوستن رايو رکيو يا الهه لڳ رايو ڏنو پر مون کي جيڪا مو ٽ هند ۾ ويٺل اديبن ڏني،
اُن جي خوشي ڏاڍي ٿي.‘
پوءِ ڊاڪٽر اياز قادري هند مان
لکيل اديبن ۽ محققن جا خط پڙهايا. اُنهن ۾ هڪڙو خط هري دلگير دريانيءَ جو به هيو.
جيڪو جيئن جو تيئن هتي پيش ڪجي ٿو.
آدي پور (ڪڇ)
۲۱ جنوري۱۹۸۵
پيارا ڀاءُ اياز قادري،
سدائين باغ بهار، تو وٽان سمجهان
ٿو ته ۳ خط پهتا آهن، پر مان جواب ڏيڻ ۾ گٿو آهيان. ان لاءِ معاف ڪج.
تو وٽان تنهنجو شاهڪار ’سنڌي غزل
جي اؤسر‘ پهتل آهي. اُن کانپوءِ به مون تو ڏانهن ڪيترائي رسالا موڪليا ها،جن جي تو
پهچ ڏني آهي.
سنڌي غزل تي تو جيڪا محنت ڪئي آهي،
اُن تي سرجهڪايان ٿو. بيشڪ تو لاثاني پورهيو ڪيو آهي.
تو منهنجو ليک استاد نياز صاحب تي
پڙهي، مون ڏانهن لکيو هو ته اُن ليک سان توکي ۱۹۳۰ع جي مشاعرن بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ
ملي آهي. ايئن گڏ ويهجي ته نوان داستان کلي ويندا. ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو تون هتان ٿي
وڃين. هتي بلڪل سنڌ جو سواد ايندءُ، سنڌ جا اديب دوست هتي ايندا آهن ته بمبئي يا
دهليءَ مان ئي ٿي ويندا آهن . توڙي جو سنڌ جو هڳاءُ ڪڇ مان ئي ملي سگھندو آهي.
مون کي ياد ناهي ته مون تو ڏانهن
پنهنجا هيٺيان ڪتاب موڪليا آهن يا نه؟
۱.روُلو آواز (غزلن جو مجموعو)
۲.ڪشنچند بيوس
۳.مزيدار گيت (ٻارن لاءِ)
اڄ مان توڏانهن ’رولو آواز‘ جي هڪ
ڪاپي مقصود گل رتوديرو جي معرفت موڪلي رهيو آهيان.پهچ ڏج ۽ ٻين ڪتابن بابت به لکج
ته موڪلي سگھندس.
شيخ اياز جو ’پتڻ ٿو پور ڪري‘ مون
ڪونه پڙهيو آهي. پڙهائي سگھنديم ؟
زياده خير ــــــ اميد ته تون
پنهنجين ادبي مشغلين ۾ لڳو پيو هوندين.
ڪم ڪار لاءِ حاضر آهيان.
قربن سان
هري دلگير
هري دلگير جي انهي خط پڙهڻ کانپوءِ
منهنجي دل ۾ سندس لاءِ وڌيڪ مانُ ۽ مرتبو پيدا ٿيو ته هي منهنجي اُنهي ادبي هستيءَ
جو هم عصر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجو ادبي
استاد سمجهندو آهيان.
۽ ٽيون حوالو آهي، پنهنجي ذاتي
دوست رميش لال پارواڻي جي پتا ماڌنڌاس پارواڻيءَ جو، جيڪو سندس پاڙيسري هيو. جيڪو
ٻڌائيندو هيو ته ’هري درياني دلگير پاڙيسرين لاءِ ڇپر ڇانوَ هيو. پوءِ چاهي اهو هندو
هجي يا مسلم. جيڪو به سندس گھر ’درياني لاج‘ تي اُميد ڪري پهچندو هيو ته خالي نه
موٽندو هيو.
۽ آخري ٻه سڌا سنوان حوالا آهن، هڪ
شهر لاڙڪاڻو ۽ ٻيو ادب ــ انهن ٻنهي حوالن سان هري درياني دلگير منهنجو آهي ۽ مان ان جو. هري دلگير پنهنجي آتم ڪٿا ’چولو
منهنجو چڪ ۾‘ جهڙي ريت لاڙڪاڻي شهر جو لفظن سان درشن ڪرايو آهي. اُهو لاڙڪاڻي جي
هڪ سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ ادبي تاريخ جو حصو آهي.
هري دلگير لاڙڪاڻي جي عام مروج
پهاڪي ’هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو‘ ۾
پنهنجي تخليقي انداز سان هيئن اضافو ڪندي لکيو آهي.
لاڙڪاڻو ساهه
سيباڻو، مڪان معشوقاڻو،
ماحول شاعراڻو، هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.
ماحول شاعراڻو، هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.
۽ پوءِ ۱۹۳۰ع جو اُهو لاڙڪاڻو
پسايو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي جي علم ادب ۽ فضيلت جي حوالي سان سونهري دؤر آهي. پنهنجي
آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو:
”سنڌ جو هيءَ سرسبز، شاداب،
شاهوڪار شهر، ادبي ۽ سياسي تحريڪن جو مرڪز، منهنجي لاءِ روح
جي فرحت ۽ قلب لاءِ ڪُشتو هو. ۱۹۳۰ع
۾ شهر جو آدم سترهن هزار کن هو.“
ادبي ماحول جو نظارو ڪجهه هن ريت
چٽي ٿو :
۱۹۳۰ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڪنهن هفتيوار
اخبار ۾ منهنجي هڪ ڪچي ڦڪي ڪوتا شايع ٿي هئي. ان ساڳي ڏينهن تي نياز صاحب مون وٽ
گھر لنگھي آيو ۽ چيائينم ته: ’هري تنهنجو شعر ته اخبار ۾ پڙهيم. خيال ٺيڪ لڳا. پر وزن ۾ ڪيتريون ئي
غلطيون آهن. جي تون چاهين ته توکي شعر جو
فن سولائي سان سيکاري سگھندس.
مون چيو، ’چاچا انڌو گھري الله کان
هڪ اک، مون کي ٻه ٿيون ملن. مان ضرور سکندس ۽ توهان ڏانهن سڀاڻي ايندس.‘
انهن ڏينهن ۾
لاڙڪاڻي ۾ نت نيم سان مشاعره مهيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا ٿيندا هئا. پرڀو وفا ۽ِ مان
نياز سان گڏ انهن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳاسين. اهڙا مشاعره رات جو نوين وڳي کان
يارنهين تائين هلندا هئا. نياز صاحب کان سواءِ ٻيا مکيه شاعر هيا. بزرگ شاعر علي
محمد قادري،حاجي محمود خادم، غلام عباس قادري جوش، عبد عاقلائي، محمد علي جوهر ۽
عبدالله اثر....رام پنجواڻي به بعضي بعضي ايندو هو، هڪ دفعي رام پنجواڻي لکي آيو:
”ڪڍي سگريٽ مان
سوٽو، سٽيئه جيئن ٻاڦ ٿي ٻاهر،
اتي هر نقش ٿيندو
ويو، نمونو زلف پيچان جو.
سڀ کان مزيدار شعر هوندو هيو، هڪ
گمنام شاعر جو. جنهن پاڻ تي ”ڪانءُ“ جو تخلص رکيو هو. اُهو شعر ٽپال ذريعي ايندو
هو. اُن ۾ کل مسخري خوب هوندي هئي ۽ بعضي مزيدار گاريون به هونديون هيون. شعر جي
سمپاوتي ’ڪانوَ‘ جي شعر سان ٿيندي هئي. هرڪو هن جي شعر ٻڌڻ لاءِ ويهي رهندو هيو،
ڀل ته ڪيڏي به دير ٿي وڃي.....اُنهن مشاعرن ۾ نه فقط شعر پڙهيو ويندو هو، پر اُن
تي داد به خوب ملندو هيو. سڌاري لاءِ صلاحون به ملنديون هيون، بعض ڪڙي نڪته چيني
به ٿيندي هئي. اِن ڪري هرڪو اهڙي تنقيد
لاءِ تيار ٿي ايندو هو.“
هري دلگير نه صرف استاد نواز علي
’نياز‘ جعفري جهڙي ڪامل روايت پسند شاعرکان استفاده ڪيو پر سنڌ جي جدت پسند شاعر
ڪشنچند بيوس کان به پرايو. لکي ٿو ته: ”نياز صاحب کان مون کي فن جي ڄاڻ ملي، بيوس
سائين جي سنگ مان وري ڪو ٻيو رنگ مليو. بيوس سائين کي وزن جي پوري ڄاڻ هوندي هئي،
پر هو وزن ۽ قافيه جي ڪري ڪڏهن به مول ويچار کي قربان ڪرڻ پسند ڪونه ڪندو هو.
ان حوالي سان ’بيوس‘ جي ويچارن جي
واقفيت ’بيوس‘ جي زباني هيٺين ريت ڏني اٿائين:
”وزن ۽ قافيي کي ڪڏهن به ضرورت کان
وڌيڪ اهميت نه ڏيڻ گھرجي. ڄاڻ ضروري آهي، پر ڄاڻ جي ڄار ۾ ڦاسڻو ناهي. دل جي ڀاؤ
يا نازڪ خيال کي ڪڏهن به قربان نه ڪرڻ گھرجي. وزن ۽ قافيه آهن شعر جو جسم، پر نازڪ
خيالات آهن روح. يا وري ائين سمجهه ته علم عروض آهي پيالو، پر ڪلپنا آهي شراب. جي
پيالو ڪي قدر سادو آهي، پر اُن ۾ شراب اوچو آهي ته پيئندين خوب مزو ايندو. پر جي
سهڻي پيالي ۾ ردي پيڄ هوندو ته پيئندي من ئي نه ورندو. پر جي پيالو به سهڻو ۽ مدرا
به موج ڀري آهي ته ڪوتا کي چار چنڊ لڳي ويندا.“
اهڙي ادبي ويچار ڌارائن ۾ هري
دلگير جو فن سرجيو. اِن ڪري هري دلگير جي
غزلن ۾ اسان کي روايتي قدر ۽ گيتن ۾ جدت پسندي نظر ايندي.
گيت ته وري
جدت پسندي جو شاهڪار آهن، اهڙا مٺڙا، سلوڻا، سندر سشيل ۽ سُمانا شبد استعمال ڪيا
اٿائين، جو من جي اٿاهه گھراين ۾گھري آنند رسائن ٿا. هي ڇهن بندن تي مشتمل ’سک
نگري سنسار‘ اِن جو مثال آهي.
سک نگري سنسار
هير ڏکڻ جي من ــــ موهن جيان مٺڙي
بين وڄائي،
پشپ لتائن کي گـوپـيـن جيان مَنهَرَ ناچ نچائي،
ڪوئل ڳائي،
پشپ لتائن کي گـوپـيـن جيان مَنهَرَ ناچ نچائي،
ڪوئل ڳائي،
دل لهرائي،
جهولي ٿي هر ٽار ــــ سک جي نگري هيءَ سنسار.
چندر ـــ پري نيلم ماڙي مان، مرڪي
هيٺ نهاري ،
پريم اُمنگ ڀري سيني ۾، ساگر لهرون ماري
ڳائن ڇوليون،
پريم اُمنگ ڀري سيني ۾، ساگر لهرون ماري
ڳائن ڇوليون،
ٻــولن ٻوليون،
ڇيڙن دل جي تار ــــ سک جي نگري هيءَ سنسار.
’ساوڻ ـــ راجا‘ آيو، کوليا سارنگ
ساز سمورا
’برکا اَپسر‘ وار اُکيلي، پاتا ڇم ڇم نورا
بوندون برسن،
’برکا اَپسر‘ وار اُکيلي، پاتا ڇم ڇم نورا
بوندون برسن،
ڇيريون ڇمڪن.
مڌر مڌر جهنڪار ــــــ سک جي نگري هيءَ سنسار.
سک ـــ سنديش ڏئي ٿو تارو، جيئن
گگن ۾ ٽمڪي،
’نراشا جي رات وڃڻ سان، آشا سورج چمڪي.‘
نياپو نيارو
’نراشا جي رات وڃڻ سان، آشا سورج چمڪي.‘
نياپو نيارو
پيارو، پيارو
ڏي آنند اَپار ــــ سک جي نگري
هيءَ سنسار.
ڪئن ته ڪڻي
مان ڪيچ ڪري ٿي، ماتا ڀونءِ ڀلاري،
آهه آد کان دانُ اکٽ ٿيو، داتا جو هت جاري.
رزق جو رازق،
آهه آد کان دانُ اکٽ ٿيو، داتا جو هت جاري.
رزق جو رازق،
ڪُل جو خالق
سائين سرجڻهار ـــ سک جي نگري هيءَ
سنسار.
سوڀيا ــ راڻي پئي پسائي، نرمل نور
نظارو،
پريم ـــ پري سنگيت ٻُري، آنند ــ ڀــري جڳ سارو
نينهن نرالو
پريم ـــ پري سنگيت ٻُري، آنند ــ ڀــري جڳ سارو
نينهن نرالو
من متوالو
ڄڻ ته سرڳ جو دئار ـــ سک جي نگري
هيءَ سنسار.
سندس انسان جي عظمت ۾ ويساهه هيو .
اُن جي محنت ۽ ماڻهپي تي کيس فخر هيو. اِن ڪري ”انسان“ جي
عنوان سان هيٺيون گيت رچيائين، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
انسان
تون اوچو انسان، جڳت ۾ تون اوچو
انسان!
تنهنجي پيرن هيٺ هماليه، جھڪي ڪري
پرنام،
آسمان جو چنڊ به نئڙي، توکي ڪري سلام.
نيلي اُڀ ۾ ڊوڙون پائين
جھنڊي پنهنجي کي جھولائين
شاهي تنهنجو شان، جڳت ۾ تون اوچو
انسان!
طوفانن جي رخ کي موڙين، روڪين سمنڊ
اٿاهه
بجليون برساتون تابع ڪرين، او شڪتيءَ جا شاهه
ڦڙي ڦڙي ۾ بجلي توکان
اَڻي اَڻي ۾ شڪتي توکان
ڦوڪين ٿو ڇا جان! جڳت ۾ تون اوچو
انسان!
قدرت ڌرتي ٺاهي، پر سا توکان سرڳه
دئار،
رستا ٺاهين، محل بڻائين، چمن هڻين چوڌار
ڌرتي کيڙين، اَن اُپائين
گلن ڦلن جي جھر مر لائين
قدرت جو ڪان، جڳت ۾ تون اوچو
انسان!
هيرا لعل لڪايا قدرت، توکي تن جو
انت،
تن کي ڪاٽي، ٺاهي ٺوڪي، بخشين سونهن اننت
ٽٻيون ڏئي موتي ٿو آڻين،
جڳ ۾ ڇا جوتي ٿو آڻين!
نرمل نور ـــ نشان، جڳت ۾ تون اوچو
انسان!
توکان جڳ ۾ سنگتراشي، چتر ڪلا ۽
گيت
ڳائين، جھومين، موج مچائين، لهرائين سنگيت
جيون ۾ آيو جس توکان
نؤ جيون ۾ نؤ رس توکان،
دُهرو تنهنجو دانُ، جڳت ۾ تون اوچو
انسان
ورهاڱي کان پوءِ جڏهن انسان ڌرم،
وشواس ۽ سماجي قدرن ۽ مولن جي حوالي سان ورهائجي ويو ته هري دلگير به دلزده،
دلفگار ۽ دلشڪسته ٿي پيو. پنهنجي آتم ڪٿا ۾
اِن ڪيفيت کي هيٺين ريت بيان ڪيو اٿائين.
”سڀ سنڌي منهنجا ڀائر آهن. سنڌ ۾
هُو مون کي ڪيڏو نه آدر ۽ پيار ڏيندا آهن، ڄڻ اول گھول پيا ويندا آهن. پر اِها به
حقيقت هئي،ته سنڌ ۾ پاڻ کي سيڪنڊ ڪلاس ناگرڪ سمجهندو هوس.“
۱۹۵۵ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلم فساد،
کيس بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ان ڪري غير محفوظ ماحول کي ڏسي لڏڻ جو
فيصلو ڪيائين. جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان موڪلايائين ته حيدر بخش جتوئي جي
ڪيفيت کي پنهنجي آتم ڪٿا ’چولو منهنجو چڪ ۾‘ هيئين بيان ڪيو اٿائين:
”اکين ۾ پاڻي اچي ويس. ڀريل آواز
سان چيائين، يار تون به...؟..رات جو ٽانگي تي چڙهي پنهنجي برقع پوش بيگم سان اچي
منهنجي گھر نڪتو. سندس گھر واري، منهنجي گھر واري سان وڃي ويٺي ۽ کيس ڳراٽڙي پائي زور ڪيائين ته سنڌ ڇڏي نه وڃون . اها
منهنجي آخري ملاقات هئي حيدر سان. ان کانپوءِ اخبار ۾ پڙهيم ته کيس جيل ۾ وڌو
ويوهو. “
پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ کان ۸ آگسٽ ۱۹۵۸ع
تي جدا ٿيڻ وارو جيڪو جذباتي ۽ احساساتي منظر چٽيو اٿائين. اُن ۾ سندس اذيت، ڪرب ۽
پيڙا واضح ٿئي ٿي ته سندس لاءِ اِهو ڪيڏو
نه وڏو صدمو هيو.
”هوائي جهاز ۾ ويٺس ته ائين سمجهيم
ته مان هڪ نهايت ئي ذليل، نڌڻڪو ۽ نڀاڳو انسان آهيان. مون جهڙو ڪو بدبخت هوندو ئي
ڪونه ...ماءُ پيءُ ٻه ٽي سال اڳ موڪلائي ويا هيا.پر مان ائين محسوس ڪري رهيو هيس
ته سچ پچ ڇورو مان اڄ کان ئي ٿي ويو
آهيان.“
۽ اُن کان پوءِ اُنهن گھڙين جي
ترجماني ليکراج عزيز جي نظم جي ذريعي هن ريت ڪئي اٿس.
ڪنهن به هاڃي تي ڪڏهن هيانءُ نه
هاري ويٺس
هاءِ هن ويل مگر پاڻ وساري ويٺس
هاءِ هن ويل مگر پاڻ وساري ويٺس
ديس جي ڌوڙ رکيم سر تي، جڏهن ڌار ٿيس
دل کي ڪيڏو به دٻيم، لڙڪ ٻه هاري ويٺس
قرب ڪنڌي جو ڇڏي، دُور دنگي هاڪاريم
تيز طوفان ۾ موجن جي سهاري ويٺس
هري درياني دلگير پيشي جي لحاظ کان سول انجينئر
هيو. هي جڏهن پوني ۽ بمبئي (ممبئي) پهتو
ته اتي به سول انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اُتي جڏهن لاڙڪاڻي
جي هڪ عظيم شخصيت ’ڪاڪا پرڀداس تولاڻي‘ سان ملاقات ٿيس ته اُن کيس ’آدي پور‘ ۾ اچڻ
لاءِ زور ڀريو.
ان وقت آدي پور، ڪڇ ڊسٽرڪٽ، گجرات
رياست جو ننڍڙو ڳوٺ هيو. آدي پور۱۹۴۷ع ۾ هڪ مهاجر ڪيمپ هئي . ڀائي پرتاب داس هندوستان حڪومت کي گذارش ڪئي ته سنڌي هندن لاءِ هڪ شهر
اڏيو وڃي. ۽ ان مقصد لاءِ ڪڇ جي راجا ۲۶۰۰ ايڪڙ زمين ڏني، ان حوالي سان ريسيٽ ـــ
ليمينٽ ڪارپوريشن جي تحت مقامي حڪومت ٺاهي وئي.
ورهاڱي کان اڳ ڪاڪو پرڀداس تولاڻي
لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽي جو وائس پريزيڊنٽ رهيو هيو. ۽ کيس شهري انتظام هلائڻ جي
مڪمل خبر هئي. سندس اها خواهش هئي ته سنڌ جي سنڌين کي ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي واسين کي
ڪڇ ۾ وسائي. ڇو ته ڪڇي ثقافت، سنڌي ثقافت جو جز آهي.
آدي پور ۽ گانڌي ڌام ڪڇ ضلعي جون
ٻه جاڙيون وسنديو ن هيون، ’ڪاڪي پرڀداس تولاڻي‘ ٻنهي وسندين ۾ آهستي آهستي ايترا
تعليمي ادارا کوليا جو شايد سڄي هندوستان ۾ ڪنهن هڪ شخص ڪنهن شهر ۾ ايترا
اداراکوليا هجن.
مثلن ۱.تولاڻي ڪاليج آف آرٽس اينڊ
ڪامرس
۲.تولاڻي سائنس ڪاليج
۳.تولاڻي انسٽيٽيوٽ آف
مئنيجمينٽ اسٽڊيز
۴.تولاڻي انسٽيٽيوٽ آف لا
۵ . تولاڻي ڪاليج آف فارميسي
۶.تولاڻي پوليٽيڪنڪ اسڪول ۽ پوءِ
ڪاليج کولي ان ۾ هري درياني دلگير کي پرنسيپل مقرر ڪيائين.
۱۹۶۵ع ۾ هري درياني دلگير گانڌي
ڌام جي ميونسپل ڪاميٽي جو صدر ٿيو. ۽ هري دلگير ان دؤران سنڌ جي سنڌين کي وسائڻ ۾
نه گھٽايو. ۽ ڪيترن ئي ٽائون شپ اسڪيمن جو بنياد پيو. جن آدي پور ۽ گانڌي ڌام جهڙن
ڳوٺن کي خوبصورت شهرن جو درجو ڏنو. ۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۹ع تائين سنڌي ساهتيه اڪيڊمي
گجرات جو چئرمين رهيو. تنهن کان سواءِ روٽري ڪلب گانڌي ڌام جو صدر بڻيو. ۽ هر عهدي
کي شان مان ۽ سچائي سان نڀايائين.
سنڌي ادب جي حوالي سان هن ۲۰ کن
ڪتاب لکيا. سندس مشهور ڪتابن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
(۱) موج ڪئي مهراڻ
(۲) پل پل جو پڙلاءُ
(۳) امر گيت
(۴) مزيدار گيت
(۵) چولو منهنجو چڪ ۾
(۶) صبوح جو سهاڳ
ان حوالي سان جيڪي کيس ايوارڊ
مليا. انهن جو وچور هيٺين ريت آهي.
(۱)۱۹۷۹ع ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ ـــ
شاعريءَ جي مجموعي ’پل پل جي پڙلاءُ‘ تي.
(۲) ۱۹۸۴ع ۾ سينٽرل هندي
ڊائريڪٽوريٽ گورنمينٽ آف انڊيا ايوارڊ ڪتاب ’مزيدارگيت‘ تي.
(۳) ۱۹۹۲ ع پريا درشني ايوارڊ.
(۴) ۱۹۹۳ع گورو پرسڪار پاران سنڌي
ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ.
(۵) ۱۹۹۶ ع نارائڻ شيام ايوارڊ
(۶) ۱۹۹۸ ع انڊس انڊيا ايوارڊ
لاڙڪاڻي جي دل، هاڻوڪي ريشم گليءَ ۾
۱۵ جون ۱۹۱۶ع ۾ پيدا ٿيل ٻار، جنهن جو نالو ”هري گرڏنو مل درياڻي“ هيو، هڪ بهترين
انجنيئر، استاد ۽ ليکڪ هري دلگير جي حيثيت سان ۱۱ اپريل ۲۰۰۴ع ۾ ڪڇ جي مٽي ۾ ملي
امر ٿي ويو.
هو لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته لاڙڪاڻي کي
سرهو ڪيائين، آديپور ۾ رهيو ته آديپور کي.سچ پچ ته هو ڀٽائيءَ جو هنج هيو، جتي به
ويو ته پاڻ ملهايائين.
هنج مڙيو ئي هنج، ميرو منجهن ناه
ڪو
جتي رهن سنجهه، سو سرڪن سرهو.
**
No comments:
راءِ ڏيندا