; سنڌي شخصيتون: رحيم بخش سومرو

10 December, 2012

رحيم بخش سومرو

رحيم بخش سومرو

سنڌ جو ناميارو سياستدان

مير نادر علي ابڙو



سال ۱۹۹۹ع ڌاران منهنجي پوسٽنگ پهريون دفعو بطور ايڊيشنل سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شڪارپور ٿي. اتان جي سينيئر وڪيل عطا محمد سومرو جن سان جڏهن ڪچهري ڪرڻ ويس ته مون کي چيائين، هلو ته هلون رحيم بخش سومري سان ملاقات ڪرڻ. منهنجي چاچي رحيم بخش سومرو سان اها پهرين ملاقات هئي. عطا محمد سومري منهنجو چاچي رحيم بخش سومري سان تعارف ڪرائيندي چيو ته هي تاج محمد ابڙو جو فرزند آهي ۽ هتي پوسٽنگ ٿي اٿس. چاچو رحيم بخش سومرو انتهائي ضعيف هو ۽ ان ڏينهن ته اتفاق سان طبيعت به صحيح ڪونه هئس پر تنهن هوندي به وڏي محبت ۽ گرم جوشيءَ منجهان مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ چيائين ته تون ته منهنجو ڀائيٽيو آهين. تنهنجو بابا منهنجو پراڻو سنگتي هو. 


پهرين ملاقات ۾ ئي چاچي رحيم بخش مون کي پنهنجو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ مان جيترا ڏينهن به شڪارپور ۾ رهيس چاچي رحيم بخش سان شام جو ڪچهري ڪرڻ سندس اوطاق تي ويندو هوس. 

هو ننڍن سان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو، مطلب ته هر عمر واري سان رلي ملي ويندو هو. قدرت واري هن کي محبت ۽ پيار واري زبان ڏني هئي، انهيءَ ڪري هر عمر، هر طبقي ۽ مختلف سوچن جا ماڻهو هن وٽ محبت ۾ ڇڪجي ايندا هئا. هو پراڻي دؤر  جي سياست جي لاهن چاڙهن جي تاريخ اهڙي نموني ٻڌائيندو هو جو کيس ڇڏڻ تي دل ئي ڪانه چوندي هئي. پر مان جلدي ٿورن ڏينهن ۾ ئي شڪارپور کان بدلي ٿي لاڙڪاڻي هليو ويس ۽ اهو مختصر ملاقاتن وارو سلسلو به بند ٿي ويو، سنڌ صوبي تي نظر ڦيرائبي ته سياست جي حوالي سان ڪجهه خاندانن جون تمام گهڻيون ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ لاءِ خدمتون رهيون آهن. انهن منجهان ئي هڪ شڪارپور جو سومرو خاندان به آهي ۽ انهيءَ خاندان جو هڪ فرد رحيم بخش سومرو به آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ننڍا توڙي وڏا چاچو رحيم بخش ڪري سڏين ٿا. چاچو رحيم بخش سومرو ۱۹۱۸ع ۾ ڄائو، علي ڳڙهه مان تعليم حاصل ڪيائين. سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت دوران پهريون ڀيرو وزير بڻيو. جنهن بعد عبدالستار پيرزادي جي ڪابينا ۾ پڻ وزير ٿيو. گورنر يوسف هارون ۽ گورنر جنرل رحيم الدين جي دؤر  ۾ پڻ وزير رهيو. اختر علي جي قاضي وزير اعليٰ سنڌ جي حڪومت ۾ پڻ وزير رهيو. چاچي رحيم بخش سومري سياست جي شروعات لوڪل بورڊ جيڪب آباد مان ڪئي. ۱۹۴۵ع ۾شهيد الله بخش سومرو جي شهادت کان پوءِ مڪمل طرح سياست جو آغاز ڪيائين. رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان جو ويجهو دوست هو. تنهن ڪري تحريڪ استقلال ۾ پڻ رهيو. اڪثر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون آزاد اميدوار طور لڙيو. آخري اليڪشن وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق علي جي دؤر  ۾ ٽنڊوباگو ضلعي بدين مان صوبائي اليڪشن ۾ حصو ورتو، مرحوم جيڪب آباد مان درياهه خان کوسو شڪارپور مان ميجر عطا محمد پٺاڻ سان پڻ اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو. چاچو رحيم بخش سومرو وفاقي وزير حفيظ شيخ ۽ سينيٽ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جو مامو هو. جڏهن ته اڳوڻي دفاعي وزير آفتاب شعبان ميراڻي جو سالو هو ۽ اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر الاهي بخش سومرو، احمد ميان، افتخار احمد سومرو جو سئوٽ ۽ جنيد احمد سومرو جو وڏو چاچو هو. چاچو رحيم بخش سومرو سومرا برادري جو سردار پڻ هو. چاچي رحيم بخش جي تربيت جيئن ته سياسي گهراڻي ۾ ٿيڻ ڪري هو غريب، مسڪين بي پهچ ۽ سنڌ جي پيرين اگهاڙي ماڻهن جي ويجهو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو مسڪين طبقي جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ سبب کيس ڪافي دفعا وزير ڪيو ويو. هن ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرور نه هو ۽ هن کي خدا جي طرفان سياست جي ڏات مليل هئي. سنڌ ۾ سياسي جوڙ توڙ جي حوالي سان به هو مشهور رهيو. هو نه فقط راڄوڻن فيصلن جو ماهر هو پر سومرو خاندان جي ننڍي وڏي مسئلي کي حل ڪرائڻ ۾ پڻ وڏي رهنمائي ڪئي. شال سندس اولاد به چاچي رحيم بخش جي ڏنل راهه تي هلي پنهنجي امر والد جو سياسي ۽ سماجي حوالي سان نالو روشن رکندي اچي.

 

(تعمير سنڌ، سڪار، سنڌو، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مهراڻ، هلچل)


 

مرحوم رحيم بخش سومرو

سياست جو سادو ۽ اجرو ڪردار

سارنگ منير سومرو

ٿي سگهي ٿو موجوده صورتحال ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙي سياست اڻ لڀ هجي جنهن مان جذبو، خدمت، سادگي ملڻ مشڪل هجي، پر پوري سنڌ جو ماضي انهي جذبي واري سياست سان ڀريو پيو آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان وٺي، سائين جي ايم سيد تائين لياريءَ کان وٺي شڪارپور تائين سنڌ ۾ سياست اهڙا نالا ۽ ڪردار پيدا ڪيا، جن ملڪ ته ڇا پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو، سنڌ جي پهرين چونڊيل وڏي وزير شهيد الله بخش سومري جون سياسي خوبيون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن هن سياست کي جهڙو ڪردار ڏنو سادگي ڏني سچائي ڏني اها ملڪ نه پر پوري دنيا جي سياسي تاريخ ۾ ڳائي وڃي ٿي، جتي شهيد الله بخش سومرو سياست جا جديد لاڙا ڏنا اتي هن سياست کي هڪ دلير سادو سٻاجهڙو پٽ رحيم بخش سومري به ڏنو، جنهن جي سياست جا رنگ ڍنگ به شهيد الله بخش سومري کان گهٽ نه هئا، سياست ۾ سادگي ۽ سچائي سان پنهجي سڃاڻپ رکندڙ رحيم بخش سومري ۱۹۱۹ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، هو به پنهجي پيءُ جيان هندو مسلم ڀائيچاري جو حمايتي هو.

رحيم بخش سومرو پنهجي پيءُ جي هوندي ئي سياست جو حصو ٿي ويو، هو پهريون سکر جو چيئرمين ۽ جيڪب آباد ميونسپل جو صدر چونڊجي ويو، جنهن بعد هو ۱۹۴۶ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو، هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷ دفعا سنڌ اسيمبلي ۽ ۲ دفعا قومي اسمبليءَ جو ميمبر رهيو رحيم بخش سومرو يوسف هارون، ابراهيم رحمت الله، غلام حسين هدايت الله ۽ جنرل رحيم دين خان جي ڪيبنيٽ ۾ وزير رهيو، هو چار دفعا صوبائي وزير رهيو ۽ هن چارئي دفعا حڪومت سان مختلف اختلافن سبب استعيفيٰ ڏني، هو ايوب خان خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ احتاجي طور استعيفيٰ ڏيندڙ پهريون ميمبر هو، رحيم بخش سومري پنهنجي خاندان ۾ ڪيترن ئي سياستدانن کي سياسي تربيت ڏني، جن ۾ الاهي بخش سومرو، آفتاب شهبان ميراڻي، احمد ميان سومرو، افتخار سومرو سميت ٻيون مشهور سياسي شخصيتون شامل آهن، رحيم بخش سومرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو تمام ويجهو دوست هو ذوالفقار علي ڀٽو کيس چاچا چوندو هو، ذوالفقار علي ڀٽو هن آڏو سگريٽ نه پيئندو هو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو شادي ڪئي هئي ته هو شادي ڪرڻ کانپوءِ ۱۵ ڏينهن هن جي مخصوص ٿيل هوٽل واري ڪمري ۾ رهيو.

رحيم بخش سومرو سياست ۾ تمام سادگي ۽ سچائي طور مشهور رهيو، هو وزير هوندي به پنڌ شهر ۾ گهمندو هو ۽ ماڻهن سان هوٽل تي ويهي چانھ پيئندو هو، هو هزارين ايڪڙ زمين هجڻ باوجود به ڪڏهن ڪڏهن زمين تي هر پاڻ هلائيندو هو ۽ مزدورن سان ماني گڏ کائيندو هو، جڏهن ته بورچي نه هجڻ سبب مهمانن کي پاڻ ماني پچائي کائيندو هو مهمان نواز طو ر پوري سنڌ ۾ مشهور رحيم بخش سومرو تي ڪڏهن به ڪرپشن ۽ الزام نه لڳو، ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته رحيم بخش سومرو جي سياست ۾ شهيد الله بخش سومري جي پرورش جو ڪمال هو، ان لاءِ هو شڪارپور جو اهو منفرد ڪردار ۽ سياست جو سچو سپاهي ثابت ٿيو هن جي والد جڏهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ سالن کان جلاوطنن ٿيل مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي جلاوطني ختم ڪرائي هن کي سنڌ گهرايو هو ته انهي جي مهمان نوازي ۽ کيس وٺي اچڻ جو انتظام رحيم بخش سومري تي رکيو ويو هو، ۽ رحيم بخش سومرو انهي ۾ خوب تي ذميواري نڀائي هئي، رحيم بخش سومرو جي زندگيءَ جي وڏي سڃاڻپ هن جي سادگي رهي، هن جي سادگيء جا مثال پوري ملڪ ۾ ڏنا وڃن ٿا مون کي چڱي طرح ياد آهي ته رحيم بخش سومرو جي ڳوٺ رحيم اباد ۾ جڏهن اسلام آباد کان سروي لاءِ انجنيئرن جي ٽيم رحيم آباد پهتي هئي ته انهن رحيم آباد پهچڻ سان هڪ زمين تي ڪم ڪندڙ تمام سادي ماڻهو کان پڇو هو ته رحيم بخش سومري صاحب جو بنگلو ڪٿي آهي، اوهان ٻڌائي سگهو ٿا ان تي زمين تي ڪم ڪندڙ سادي انسان اهو چئي پوري ٽيم کي ئي حيران ڪري ڇڏيو هو ته اهو رحيم بخش سومرو مان ئي آهيان، رحيم بخش سومري سياست ۾ ايمانداريءَ جو مثال قائم ڪيو هن ڪڏهن ڪرپشن نه ڪئي، رحيم بخش سومري سياسي اسڪاٽ واري شوبازيءَ کان الڳ هو هن ڪڏهن پوليس اسڪاٽ ته ڇا گارڊ به نه رکيو هن کي جڏهن وزير هوندي ڪراچيءَ جي بنگلي لاءِ گارڊ مليا هئا ته هن واپس ڪيا هئا ته منهنجا در هميشه عوام لاءِ کليل رهن، رحيم بخش سومرو اوطاقي ۽ مهمان نواز طور پوري ملڪ ۾ مشهور هو رحيم بخش سومري جو بورچي سعيد سومرو ٻڌائي ٿو ته رحيم بخش سومرو گهر جو دروازو ڪڏهن به بند ڪرڻ نه ڏنو، هو چوندو هو ته دروازو مهمانن لاءِ کليل هجي، هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته صبح جو آزانن سان مهمان اچڻ شروع ٿيندا هئا رات جو ٻئين وڳي تائين مهمانن جو ميلو متل هوندو هو، رحيم بخش سومرو وزارتن ۽ عهدن جي ڪڏهن به پرواه نه ڪئي پوري دنيا جا ماڻهونسياست کي مال ٺاهڻ جي مشين سمجندا آهن پر هن سياست ۾ سڀ ڪجھ وڃايو هو، هر اليڪشن ۾ زمين يا ڪو گهر وڪڻي اليڪشن وڙهندو هو رحيم بخش سومري جي حيران ڪندڙ ڳالھ ته هو اليڪشن ڏيهن پورو ڏيهن سمهي گزاريندو هو شام جي ٽائيم عوام هن کي اٿارڻ ويندو هو ته اٿو اچو ته جهمريون هڻون، رحيم بخش سومرو جڏهن به اليڪشن ۾ بيٺو، هن هميشھ ڪاميابي حاصل ڪئي هن اليڪشون ڪيئن کٽيون اتي هڪ ئي مثال ڏين ڪافي آهي ته ۷۰ واري اليڪشن جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي هارائڻ وڏو چئليج هو، اتي پوري سنڌ مان رحيم بخش سومرو سان گڏ مولابخش سومري جيڪو هن جو چاچو هو انهن ٻنهي پوري سنڌ مان پيپلز پارٽيءَ کي شڪست ڏني هئي،

رحيم بخش سومري جي سياسي سادگيءَ جا هزارين مثال آهن هن جو پٽ همير سومرو ٻڌائي ٿو ته بابا هڪ ڀيرو منسٽر هوندي آفيس مان موٽي آيو ته گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڊکڻڻ کي هٿ ونڊايان پوءِ جڏهن رحيم بخش سومري جي گهر ان جي آفيس جا ملازم هن کي وٺڻ آيا ڏٺائون ته رحيم بخش سومري پنهجي گهر ۾ ڊکڻن سان گڏ رندو پيو هڻي، هو ڪپڙا استري نه هجڻ سبب ائين ئي پائيندو هو ۽ گهر ۾ ملازم يا بورچي نه هجڻ سبب به گهر جا ڪافي ڪم پاڻ ڪندو هو اڪثر هن جا بورچي هن جي مهمانن ۾ ٿڪجي پوندا هئا پر هو پوءِ به انهن کي هوٽل تان يا ماني پاڻ پچائي کارائيندو هو، هڪ ڀيرو هن جي گهر جنرل ضياءُ آيو هو جنهن هن جي گهر ۾ طعام ڏسندي ئي چيو هو ته لڳي ٿو مانيءَ جو انتظام الاهي بخش سومرو نه پر رحيم بخش سومري ڪيو آهي.

رحيم بخش سومري سياست ۾ ڪڏهن به لالچ نه رکي هو پوري زندگي صادق ۽ امين رهيو، ورهاڱي وقت جڏهن شڪارپور مان هندو روئندي شڪارپور ڇڏي رهيا هئا ته پوري هندو برادري امين طور پنهنجي پنهنجي گهرن جو چاٻيون رحيم بخش سومري وٽ امانت طور رکي ويا هئا جن جو خيال هو ته هنن جي واپسي به ٿيندي جن جي واپسي نه ٿيڻ کانپوءِ اهي سڀئي ملڪيتون غريبن ۽ مسڪينن ۾ امانت طور ورهايون ويون هيون.

رحيم بخش سومرو پوري زندگي پنهجي بابا جي ڏنل گهر ۾ رهيو جيڪو گهر هن وقت رحيم بخش سومري جي پٽ همير سومري وٽ آهي، جيڪو به پنهجي پيءُ جيان سياست ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ سادو ۽ پنهجي والد جيان عوام جي بغير ڪنهن لالچ ڪم اچڻ وارو انسان آهي، اڄ سنڌ جي انهي عظيم شخصيت جي ورسي آهي جيڪو اسان کان ۲۴ جنوري ۲۰۰۵ع تي پوري شڪارپور کي سوڳوار ڇڏي ويوهو، جنهن جي ورسيءَ تي موجوده سياسي حالتن کي سامهون رکي اهو ضرور چئجي ٿو ته جيسيتائين شڪارپور سميت پوري سنڌ جي سياست رحيم بخش سومري جهڙن باڪردار ماڻهن جي هٿن ۾ هئي، سنڌ خوشحال هئي، شڪارپور پر امن هو. جڏهن کان سنڌ ۽ خاص ڪري شڪارپور جي سياست انهن ماڻهن مان آزاد ٿي آهي ته پوري سنڌ جيان شڪارپور به اجڙيل آهي.


 

رحيم بخش سومرو

عوامي سياستدان جي ياد ۾!

ماھنور شيخ

پاڪستان اندر موجوده دور ۾سياسي قيادت جو بحران، ماضيءَ جي مشهور سياسي اڳواڻ رحيم بخش سومرو جي ياد ڏياري ٿو، جيڪو سماج ۾”عوام جو ماڻهو” جي نالي سان مشهور رهيو آهي. ۲۴ جنوري ۲۰۲۳ع تي هن عظيم سياستدان جي ۱۸ هين ورسي ملهائي وئي، هن پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ ڪيترائي وزارتي عهدا سنڀاليا ۽ هن پاڪستان کان اڳ توڙي پوءِ ملڪي سياست ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو.

۱۹۱۹ع ۾ هيءُ شڪارپور ۾ ڄائو، رحيم بخش سومرو، الله بخش سومرو جو وڏو پٽ هو، جيڪو ۱۹۳۸ع ۾ سنڌ جو پهريون وڏو وزير ٿيو هو، هن ۱۹۳۵ع ۾ بمبئيءَ کان سنڌ کي صوبائي خودمختياري ڏياري هئي، انهيءَ سياسي جدوجهد رحيم بخش کي هڪ فطري سياستدان بڻائي ڇڏيو، جنهن ڪري حڪمراني ۽ قيادت بابت هن وٽ وسيع تجربو هو. هيءُ ان وقت جي اهم سياستدانن، جن ۾ محمد علي جناح، گانڌي، نهرو ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد شامل هئا، سان ميل جول ۾ رهيو انهن سياسي ماڻهن سان لاڳاپن سبب هن ڪافي ڄاڻ ۽ مهارت حاصل ڪئي، انهن سياستدانن مان اڪثر سندس گهر ايندا هئا. سندس سياسي ڪيريئر ۶۰ سالن کان به مٿي رهيو، جنهن دوران هن عبدالستار پيرزادو، يوسف هارون، ابراهيم رحيم ٽولا، سر غلام حسين هدايت الله ۽ جنرل رحيم الدين خان جي ڪابينا ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو ست ڀيرا سنڌ اسيمبلي ۽ ٻه ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.

پيءُ جي وفات کان پوءِ رحيم بخش سومرو قبيلي جي پڳ سنڀالي ۽ سومرا قبيلي جو اڳواڻ ٿيو. هن جي سڄي زندگي پنهنجي ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف هئي، سموري عمر هيءَ عوام جو ماڻهو ٿي رهيو، هيءَ تمام گهڻو سماجي ۽ عوامي ماڻهو هو. هيءَ واقعي به سياستدانن ۾ هڪ ناياب انسان هو، ڇاڪاڻ ته سندس گهر جا دروازا هميشه غريب عوام لاءِ کليل رهندا هئا. اسان جو موجوده نسل اڄڪلهه جي سياستدانن کان اهڙي عوامي جذبي واري روش جي اميد ڪرڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي، جيڪي هاڻ صرف اقتدار جا بکيا آهن ۽ عوام جي ڏکن جي کين ڪا به پرواهه ناهي. ڪن روايتن موجب، رحيم بخش سومرو ڪڏهن به گهر وارن سان گڏ مٿي ماڙيءَ تي نه سمهندو هو، فقط ان ڪري جو متان ڪو ڳوٺ جو ضرورتمند رات جو ساڻس ملڻ اچي ته هيءَ ان سان فوري طور تي ملي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو صبح جو سوير ئي ماڻهو سندس گهر تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويندا هئا، جيڪي هميشه هن وٽان پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ جا خواهشمند هوندا هئا ۽ اهي ماڻهو سندس ئي ڪمري ۾ وڏي آواز ۾ ڪچهري ڪندي ۽ سگريٽ پيئندي نظر ايندا هئا. رحيم بخش انهن ماڻهن مان ڪڏهن به بيزار نه ٿيو، هو پنهنجي ماڻهن جا ڪيس تڪڙا اڪلائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته رحيم بخش سومرو جو سياسي سماجي ڪردار اڄ به بي مثال محسوس ٿئي ٿو. ڇو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ جي سياست ته يو ٽرن ۽ پروپيگيٽو داستانن سان ڀريل آهي، پر مرحوم رحيم بخش سومرو ڪڏهن به اصولي موقف اختيار ڪرڻ کان نه هٽيو. هن ۱۹۷۰ع جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور حصو ورتو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وڏي ڪاميابيءَ جي نتيجي ۾ هيءَ واحد ميمبر هو جيڪو آزاد اميدوار طور چونڊجي ويو هو. جيتوڻيڪ هو ذوالفقار علي ڀٽي جو ويجهو دوست به هو، ڀٽي صاحب کيس پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي آڇون ڏنيون، پر هن هميشه انڪار ڪيو ۽ پنهنجي طريقي يعني عوام جي خدمت واري راهه تي سياست ڪرڻ کي ترجيح ڏني. نه رڳو ايترو پر هيءَ ايوب خان جي خلاف احتجاج ڪندي استعيفيٰ ڏيندڙ پهريون پارليامينٽ ميمبر هو. جنهن کانپوءِ ٻيا سياستدان سندس جي پٺيان لڳا. هيءُ هڪ امير ۽ خانداني سياستدان هجڻ جي باوجود به سادو ماڻهو هو. هن قيمتي ڪپڙن ۽ لگزري گاڏين سان ڪڏهن به پيار نه ڪيو. جيتوڻيڪ هن وٽ ڪافي قيمتي گاڏيون موجود به هيون پر هيءَ ڪراچيءَ کان شڪارپور تائين سيڊان ۾ باقاعده سفر ڪندو هو، اهو به بغير ڪنهن پروٽوڪول جي. هن ڪڏهن به پنهنجي گهر تي ڪي گارڊ ۽ چوڪيدار يا ڪي گهڻا حفاظتي انتظام نه رکيا ته جيئن ڪو عام ماڻهو جڏهن به چاهي اندر اچي سگهي. هن جو خيال هو ته هن کي هر حال ۾ ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي ۽ هن پاڻ کي ڪڏهن به ماڻهن کان پري نه رکيو. هو سچ ته راڄ جو مالڪ نه هو، پر ڄڻ محافظ هو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اڪثر ماڻهو هن کي هڪ پياري پيءُ جي حيثيت سان ڏسندا هئا، جيڪو انهن جو پنهنجي ٻارن وانگي خيال رکندو هجي، ۽ نه ڪنهن مغرور سردار وانگر، جيڪو عام ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن تي ڪو به ڌيان نه ڏيندو آهي.

رحيم بخش سومرو ۸۵ سالن جي ڄمار ۾ ۲۰۰۵ع ۾ ڊگھي بيماريءَ کانپوءِ آخري ساهه کنيو، کيس سندس اباڻي قبرستان پنج پير ۾، سندس والد الله بخش جي قبر ڀرسان دفن ڪيو ويو. هن جي وفات کان پوءِ دنيا کي خبر پئي ته هن جي لاءِ هر ڪنهن سنڌ واسيءَ جي دل ۾ بيحد محبت ۽ تعظيم هئي، جنهن جو مظاهرو سندس جنازي ۾ شريڪ ماڻهن جي سمنڊ مان ٿيو، هن جي وفات تي سندس وارثن کي بيشمار تعزيتي پيغام مليا.

ڏٺو وڃي ته اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ناهن مرندا جيڪي پنهنجي عوام لاءِ جيئندا آهن، سندن شفقت ۽ فڪر جو ورثو هنن کي هميشه زنده رکندو آهي. سو رحيم بخش سومرو سچ پچ ڌرتي جي انهن عظيم فرزندن مان هڪ هو، جيڪي سچا سپوت سنڌ پيدا ڪيا آهن. هن جي سچائي، ايمانداري، سادگي ۽ سخاوت هن کي اڄ جي سياسي وڏيرن جي ڪردار کان ڌار ڪري بيهارين ٿا. ٿي سگهي ته اڄ جي اسان جي سياسي ليڊرن کي رحيم بخش سومرو جي ڪردار جي پيروي ڪرڻ گهرجي. ڇو ته سياست جو مقصد رڳو پروٽوڪول حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپٽ عملن ذريعي دولت گڏ ڪرڻ ناهي، پر سياست جو اصل مقصد زمين تي رهڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، جيئن ماضيءَ ۾ رحيم بخش سومرو پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪيو هو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا