; سنڌي شخصيتون: راڻا چندر سنگهه - مير نادر علي ابڙو

11 December, 2012

راڻا چندر سنگهه - مير نادر علي ابڙو


راڻا چندر سنگهه
سنڌ جو ڪلاسيڪل سياستدان
مير نادر علي ابڙو
پهرين آگسٽ سياسي تاريخ جو اهم ڏينهن بڻجي ويو آهي جنهن ڏينهن تي امراڻو ڄايو سنڌ جي سياسي تاريخ جو راڻو، راڻو چندر سنگهه هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندن وڇوڙي واري خبر ملڪي سياسي تاريخ تي وڄ بڻجي ڪڙڪي، هڪ پل لاءِ سوڳ جا بادل ڇانئيل نظر آيا. سندن جنم ڀومي وارو شهر عمرڪوٽ ته سندن لاڏاڻي جي سوڳ ۾ ٻن ڏينهن تائين بند رهيو پر ٿر جا ڪيترائي شهر راڻا چندر سنگهه جي لاڏاڻي واري غم ۾ ٻڏل نظر آيا. هر طرف هڪ ڏک ٿي پسجڻ لاءِ مليو. صدر آصف علي زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، پير صاحب پاڳاري، مخدوم امين فهيم کان ويندي سمورن سياسي اڳواڻن سندن لاڏاڻي تي غم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته راڻو چندر سنگهه ملڪي سياسي تاريخي جو تمام وڏو نالو هو. سندن خال ڪڏهن به پُــر نٿو ٿي سگهي. راڻي چندر سنگهه جي سياسي ڪهاڻي به عجيب نظر ٿي اچي، پاڻ هڪ مخصوص اسٽائل هجڻ سبب علائقي جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. هي سنڌ جو اهو واحد ليڊر هو جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به سياسي شڪست نه ڏٺي ۽ هر دفعي واري اسيمبلي ۾ پهتو. جڏهن آئون ۲۰۰۱ع سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ۾ اسٽيبلشمينٽ عمرڪوٽ ۾ مقرر ٿيس ته مون کي منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ياد آيو. هو جڏهن به عمرڪوٽ جو ذڪر ڪرڻ ويهندو هو ته راڻا چندر سنگهه جو ذڪر ضرور ڪندو هو. سندن واسطا ويجهائي وارا رهيا هئا. تنهن جو سبب ۱۹۷۷ع ۾ بابا جو ميرپورخاص ضلعي جو سيشن جج هجڻ هو. جڏهن مان چارج سنڀالي ته مونکي ڇڪ ٿي ته راڻا چندر سنگهه سان ملان. انهي ڇڪ تي هڪ دوست ساڻ عمرڪوٽ لڳ راڻا جاگير ساڻن ملاقات لاءِ پهتس ته واٽ تي هن دوست چيو ته تون ننڍڙي عمر جو ۽ راڻا صاحب هيڏو وڏو ماڻهو ڪٿان توسان ڪچهري ڪري. بهرحال جيئن مان راڻا جاگير پهتس ته نوڪر کي هڪ پني تي پنهنجو نالو ولديت سميت لکي ڏنم، ته راڻا صاحب کي ڏي ته ڪجهه لمحن بعد حويلي مان سندن ڀاڻيجو اڳوڻو ايم پي اي راجوير سنگهه ٻاهر نڪتو، جنهن چيو ته راڻا صاحب تيار ٿي اچي رهيو آهي تيستائين اوهان سان ڪچهري لاءِ مون کي موڪليو اٿائين. ٿوري دير بعد راڻا صاحب جاهه و جلال سان منهنجي سامهون اچي رهيو هو. اهو منظر ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو پراڻي زماني جو بادشاهه قدم کڻي اچي رهيو آهي ڪجهه لمحن لاءِ محسوس ڪيم ته شايد مان بادشاهي دؤر ۾ وڃي پهتو آهيان. ايڏي روب تاب منجهان ايندي ڏسي مون وري به ڪجهه لمحن لاءِ محسوس ڪيو ته شايد هي منهنجي ڪچهري واري سڪ لاهي سگهي. پر حيرت تڏهن ٿي جڏهن هن بادشاهه ٻنهي ٻانهن ۾ مونکي گرم جوشي سان ڀاڪر پائي پٺي تي ٿپٿپي ڏني ۽ منهنجي پيشاني تي چمي ڏيندي چيو ته ويهه چاچا. پهرئين ملاقات ۾ راڻا صاحب مون سان رلي ملي ويو ۽ سندس ڀاڻيجو راجوير سنگهه ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. هو صوفي جي کاٻي پاسي کان هو ۽ ساڄي پاسي کان مان ويٺو رهيس ته راڻا صاحب مون کي پنهنجي پراڻن راڻن جي تصويرن ڏانهن متوجه ڪندي چيو ته اسين به راجپوت آهيون ۽ اوهان ابڙا به راجپوت آهيو ، تون منهنجو مائٽ آهين. پوءِ پهرين ڪچهري وڏن بحثن تي مشتمل رهي، راڻو صاحب ڪيڏي مهل سياست، تاريخ، مذهب تي مختلف ٻولين انگريزي، سنڌي، اردو، پارڪري، مارواڙي، ڍاٽڪي ڳالهائيندي ٿي رهيو. مون سان ڪچهري ڪندي شايد کيس هن لاءِ مزو پئي آيو جو مان سندن دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو پٽ هئس. موڪلاڻي واري سمي راڻا صاحب ٻيهر ڀاڪر پائي پيشاني تي چمي ڏئي ٻاهر اچي مون سان موڪلائي مون کي پنهنجو مريد بنائي ورتو. ٻاهر نڪرڻ تي دوست چيو راڻا صاحب اوهان ۾ آخر ڇا ڏٺو جو ٽهڪن جو سلسلو ختم ئي نٿي ٿيو. بهرحال اها ڪچهري راڻا چندر سنگهه سان منهنجي يادگار ڪچهري هئي.


 ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ فون ڪري چيو هو ته پيءُ وانگر مڙس ماڻهو آهين يا...... مون چيو چاچا آزمائي ڏسو ۽ حڪم ڪيو ته راڻا صاحب موٽ ۾ چيو پهريون سرڪل آفيسر آهين، جنهن کي فون ڪيو اٿم. ڪيسرو ۽ ڪچرو ڀيل تو ڏانهن موڪليان ٿو انهن جو جائز ڪم ضرور ڪجان.
راڻو چندر سنگهه پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي رهيو. سندس سياست جا گر پيچ سڄي ننڍي کنڊ ۾ مشهور رهيا آهن. راڻا چندر سنگهه سياست ۾ ڪڏهن به مصلحت پرستي کان ڪم نه ورتو ۽ ڪڏهن به ٻين جي آڏو پاڻ کي سياسي طور هيڻو ۽ ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. سندس مزاحمتي انداز پڻ مشهور رهيو. اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ، وڏيرو شاهنواز جوڻيجو، بلخ شير مزاري، نواب اڪبر بگٽي ۽ ٻيا ڪيترا ئي سياستدان ويجها دوست رهيس. جڏهن ته حرن جو روحاني پيشوا پير صاحب پاڳارو، سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم، غوثيه جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم شاهه محمد قريشي، پير نور محمد شاهه جيلاني، سيد مظفر حسين شاهه، ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي، صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه، فقير جادم منڱريو، ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو ۽ ٻيا سياستدان به ويجها ساٿي رهيس ۽ سندن تمام وڏي عزت ڪندا هئا. راڻو چندر سنگهه ۱۹۷۷ع وارين عام چونڊن ۾ ننگر پارڪر واري تڪ تان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. هن ضياءِ جي مارشلا دوران راڻا جاگير ۾ نظر بندي جا ڏينهن ڪاٽيا ۽ ۸۸ع ۾ ان وقت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوري تحريڪ ۾ شريڪ رهيو ۽ اقليتن واري مخصوص سيٽ تان سڄي پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ اقليتي اڳواڻ ثابت ٿيو ۽ ميمبر قومي اسيمبلي منتخب ٿيو. بعد ۾ راڻو چندر سنگهه ۹۰، ۹۳ ۽ ۹۷ جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو پر ۹۷ ۾ پ پ پ سان اختلافن سبب نواز ليگ ۾ شموليت ڪئي ۽ نارڪو ٽيڪس جو وفاقي وزير بڻيو. هن پنهنجي پاڪستان هندو پارٽي به ٺاهي ۽ هن وسيلي سياسي سفر جاري رکيو. ميرپورخاص ڊويزن مرحوم پير غلام رسول شاهه جيلاني ۽ سندس پٽ آفتاب حسين شاهه جيلاني، موجوده وفاقي وزير پير سيد قربان علي شاهه، مرحوم عبدالڪريم پلي، مرحوم ارباب امير حسن سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ ٻيا سياستدان سٺا دوست رهيس ۽ اڪثر سياستدانن سان گڏ سياست پڻ ڪئي.
 راڻو چندر سنگهه هميشه گڏيل چونڊ سرشتي جي حمايت ۽ پارلياماني فورمن تي پاڪستان جي اقليتن جي حقن لاءِ خصوصي طور آواز اٿاريو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. راڻا چندر سنگهه جو برطانوي طرز جي انگريزي ڳالهائڻ ۾ مهارت رکندڙ اهم سياستدانن ۾ شمار ٿيندو هو. سندس انگريزي ۾ ڪيل تقريرون پارليامينٽ هائوس جي رڪارڊ تي اڄ به موجود آهن. راڻا چندر سنگهه پنهنجي تعليم پرڏيهه ۾ پڻ حاصل ڪئي. سندس اسٽائلش انگلش ٻولي سبب کيس نو جوانن ۾ وڏي مڃتا ملي ۽ کيس اينگري پوليٽيشن طور خطاب پڻ مليو. هن پرڏيهي زبان ۾ سنڌ جي اقليتن جو ڪيس ڀرپور انداز سان رکيو ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيون ۽ کيس انگريزي ادب ۾ وڏي ڄاڻ پڻ حاصل هئي. کانئن ۸۵ سالن جي ڄمار تائين ڪو به نالي وارو صحافي انٽرويو ڪري نه سگهيو، ست نامور ليکڪن اها ڪوشش ڪئي هئي پر راڻي کي ريجهائي نه سگهيا. اهڙي صورتحال سبب هو پنهنجي ديهانت سان سياست جا ڪيترائي تاريخي حوالا پڻ پاڻ سان گڏ کڻي روانو ٿي ويو ۽ صحافي ڏسندي رهجي ويا. جيڪر سندن زندگي ۾ ڪو صحافي انٽرويو ڪري ها ته اهو يقينن تاريخي ثابت ٿئي ها.
راڻو چندر سنگهه ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم وي پي سنگهه جو سنڍو پڻ هو، هن جو عالمي سياست ۾ هميشه اهم رول رهيو ۽ هن پاڪ ڀارت تعلقات بهتر بنائڻ لاءِ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو، هن کي پرڏيهي معاملن تي مهارت حاصل هئي.
راڻا چندر سنگهه جي ديهانت جي اطلاح تي علائقي جا ڪيترائي شهر بند ٿي ويا، هر زبان تي اهي ٻول ٻڌڻ آيا ته هاڻي ٻيو ڪو راڻو چندر سنگهه نه ٿي سگهندو. هن چئن پٽن جو اولاد ڇڏيو آهي. جن ۾ موڀي ڪنور همير سنگهه، جيڪو ضلع نائب ناظم عمرڪوٽ آهي، ٻيو پٽ ڪنجي عرف ڊاڪٽر پتيپال سنگهه سميت چار پٽ ڇڏيا آهن. جڏهن ته سندن کي ڀائيٽي راجوير سنگهه سان به انتهائي جي محبت هئي.
(فيصلو، عوامي فورم، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سُڪار، تعمير سنڌ)

No comments:

راءِ ڏيندا