بدر اڄڻ
پهريون ۽ آخري تاثر
منظور ڪوهيار
چوندا آهن ته شخصيت جو پهريون
تاثر، آخري تاثر هوندو آهي. پر منهنجي مشاهدي مطابق ائين ناهي، ڪن ماڻهن جو پهريون
تاثر تمام ڀلو ۽ پوءِ ڍلو ٿي پوندو آهي. ڪن ماڻهن جو پهريون تاثر تمام خراب ۽
پويون تاثر تمام سٺو ٿي ويندو آهي. ڪجهه
ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن جو پهريون ۽ آخري تاثر ساڳيو هوندو آهي.
بدر الدين اڄڻ جو غائبانه تعارف ته
ٿيل هو پر ڪنهن سانگ سبب دعا سلام اڃان ڪونه ٿي هئي. هڪڙي ڏينهن سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي سٺي سرجڻهار، غلام نبي مغل جيڪو
لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ٿي آيو هو. تنهن ٻانهن کان وٺي اٿاري چيو ”هل ته بدر
اڄڻ ڏي هلون.“ اتان اٿي، بدر اڄڻ صاحب جي آفيس پهتاسين، بدر اڄڻ صاحب ان وقت
لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر روينيو هو. ۽ اهو سال هيو ۱۹۹۵ع جو. غلام بني مغل اسان
ٻنهيءَ جو مختصر پر جامع تعارف ڪرايو.
”سائين، هي منظور ڪوهيار، هي بدر
اڄڻ.“ بدر اڄڻ صاحب مرڪي، گرم جوشيءَ سان هٿ ڏئي. ”ڪهڙا حال آهن؟“ چئي ڪچهري شروع
ڪئي. ڪچهري جي ابتدا سنڌي ادب جي مسئلن تي
ٿي. مون وٽ جيڪو سندس شخصيت جو پهريون تاثر جڙيو ته هي دراز قد بدر اڄڻ وڏي
علمي ادبي هاٺي ڪاٺي وارو شخص آهي ۽ ڊينڊڙن جو اهو هلايل غلط آهي ته دنيا جا سڀئي
ڊگها بي وقوف هوندا آهن.
۽ ان کان پوءِ ساڻس ڪٿي نه ڪٿي،
ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪچهريون ٿينديون رهيون. پر هتي ان لمبي ڪچهريءَ جو ذڪر ڪرڻ
ضروري سمجهان ٿو. جيڪا غلام نبي مغل صاحب جي ڪوارٽر تي ٿي.
ڪچهريءَ جو سبب سائين بدر اڄڻ جي
پهرين اپريل ۱۹۹۶ع واري سالگره هئي. ايڏي، وڏي سڏي موقعي تي اسان صرف ٽي ڄڻا هياسين. ۽ ٻيا اديب شايد فرسٽ
اپريل فول وارو پروگرام سمجهي نه آيا هئا .. ماني ٽڪيءَ جو بندوبست غلام نبي مغل
ڪيو هو ۽ مان ڪيڪ وٺي آيو هيس. بدر اڄڻ جي هڪ ئي ڦوڪ سان موم بتيون گل ٿي ويون.۴۹
سال عمر دڦ ٿي وئي. اسان تاڙيون وڃائي چئي رهيا هئاسين:
”هيپي ڀرٿ ڊي ٽو يو
بدر الدين اڄڻ“
مانيءَ جا چار گرهه کائي ۽ پوءِ
بقول شاعر
جهان دو بوتلين رکهه دو
وهي ميخانه هوتا هي.
علم و عرفان جو صراحيون کليون ته
ادبي اک ڪڪڙي ٿي وئي. ۽ پوءِ شروع ٿي وئي هڪ لمبي ڪچهري .... عالمي ادب کان وٺي، سنڌي ادب تائين، ٻنهي
خوب ڳالهايو. مون کي وارو ئي نه ڏنائون. ۽ مون پئي سوچيو ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ته خيال
ڪن ها ته مان به ڪيڪ وٺي آيو آهيان.
جڏهن ٻارنهن وڳا ته بدر اڄڻ صاحب
کي احساس ٿيو يا منهنجي صبر جو پيگ ڇلڪندي
ڏٺائين ته چيائين:
”فقير تون به الله جي ڏني مان
ڳالهاءِ!“
مون وراڻيو.
”سڀ ڪجهه ته اوهان ڳالهائي ويئه ..
باقي مان ڇا ڳالهايان، باقي بچي آ گلا، چئو ته اها ڪيان.“
بدر صاحب چيو. ”اها به تنقيد جي
ضمري ۾ اچي ٿي، جنهن کي personnel
criticism) )
چيو ويندو آهي، جنهن جو وڏو حامي ”اناتول
فرانس“ آهي. انفراديت جو اهو نظريو فرد جي وجود ۽ حقيقت تي زور ڏئي ٿو ۽ آدرش
پرستي جي نفي ڪري ٿو. جنهن جو مطلب هيءَ آهي ته انسان ٻي کي مڃڻ بدران پاڻ کي مڃي
۽ مڃرائي.“
۽ ان کانپوءِ بدر اڄڻ صاحب ۱۸۰ جي
ڊگري تي قلابازي کائيندي برونيٽائر brunetier جو اعتراض
ٻڌايو ته هو چوي ٿو ته ”شخصي تنقيد نه فقط ڪتابن کي نظرانداز ڪري ٿي ۽ موضوع تي
گهٽ ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي، پر ادبي تاريخ کي پڻ ميساري ڇڏي ٿي.“
مون جواب ۾ چيو”سائين اهو ته ائين
آهي، جيئن ڪنهن چريي کي چيو ته ”چريا، چڪ نه پائجانءِ“ چريي چيس چڱو ٿيو ياد
ڏياريئه“ سو هاڻي ياد ڏياري اٿوَ ته ذاتي تنقيد personal
criticism به ٻڌڻي پوندئه، هونئن پنهنجي
”برونيٽائر“ سان پوي ئي ڪونه.“ جڏهن مير مجلس اجازت ڏني ته پهريائين بدر صاحب جي
ڪجهه گهڻگهرن کي گهرڙي ۽ پوءِ پنهنجي ادبي رقيبن رو سياهه و سفيد کي ورتم. انهيءَ
هيانءَ جي باهه مارڻ واري عمل دؤران بدر صاحب ٻڌندو رهيو ۽ مشڪندو رهيو. غلام نبي
مغل صاحب ڪنڌ ڌوڻيندو ۽ چوندو رهيو ”ها، ائين ته آهي.“
رات جي هڪ وڳي کانپوءِ سنگت جي اها
صلاح بيٺي ته سائين بدر اڄڻ ٽي ايس ايليٽ جي انگريزي شاعري ٻڌائي ۽ ڪجهه سمجهائي،
بدر صاحب ڊرائيور کي سڏي، پنهنجي گاڏيءَ مان ٻه ڪتاب کڻي اچڻ لاءِ چيو. ڊرائيور
ڪتاب کڻي آيو ته انهن تي ڪجهه لکيائين ۽ پوءِ پنهنجي ڪتاب ”ٽي ايس ايليٽ فن ۽ فڪر“
جي هڪ هڪ ڪاپي اسان کي ڏنائين. منهنجي ڪاپيءَ تي لکيل هيو.
”مسٽر منظور ڪوهيار، سڄاڻ
ڪهاڻيڪار، ۽ جاکوڙي جي مطالع لاءِ ...
پاران
بدر اڄڻ
لاڙڪاڻو ۱_ ۴ _ ۹۶ع
”جنم ڏينهن جو تحفو“
پوءِ جڏهن حاضرين مجلس جي پر زور
اصرار تي ايليٽ جي جڳ مشهور نظم the waste land مان ڪجهه ٽڪرا، ڪجهه حصا the game of chess مان ٻڌائيندي what the
thunder said جو آخري ٽڪرو پئي ٻڌايائين ته چيائين ؛
مهرباني ڪري منهنجي ان ڪتاب ۾ ٿيل
ترجمي کي به ڏسندا وڃو.“ جڏهن ترجمي جي ان حصي تي نظر ڦيرائي سين ته لکيل هو:
اڪيلو ڪڪڙ
وڻ جي چوٽيءَ تي ٻانگون ڏئي
صبوح جي اچڻ جو اعلان پيو ڪري
کنوڻ جو تجلو
گهميل هوا
هلڪي بارش جو وسڪارو
گنگا جي پيٽ ۾
سڪل پن
ترڪندي
ترسي رهيا آهن.
مينهن لاءِ جڏهن ڪارا ڪڪر
هماليه تي هلن پيا.
جهنگلي جيوت خاموش آ
مايوسين جي ور چڙهيل آ
اچانڪ گجگوڙ جو آواز اچي ٿو
”ڏي ..... دا ...“
پر اسان ڇا ڏنو آ؟
وعدي خلافي
بي وفائي
غداري
عقل کي پٺي
مرڻ کان پوءِ سچا ناهيون.ڍانڍا
خالي ڀانڊا
وري گجگوڙ
همدردي ڪيو . ديا ڌوم
زندان واري ڪلف ۾
ڪنجيءَ جي ڦرڻ جو کڙڪو
ضمير جي قيد هئڻ جو اعتراف
رات جي اڪيلائيءَ ۾
آسمان مان،
اتساهه جو آسرو
قلب تان ڪس لاهي
ڀائيچاري جو سنديس سڻائي ٿو.
وري گجگوڙ جو آواز
قبضي ۾ رکو. (دميا تا)
مظبوط هٿن ۾ هلندڙ ٻيڙي
سانت سميت سري ٿي
سمنڊ ۾ به سڪون آ
دل جي دنيا
تڏهن روشن ٿيندي
جڏهن
سڄڻن جو سنيهو ايندو.
چيو ويندو آهي ته اصل تخليق هيري
جيان ۽ ترجمو پٿر هوندو آهي. ايڏو صاف ۽ سٺو ترجمو پڙهي احساس ٿيڻ لڳو ته جي اصل
هيري مثل آهي ته بدر اڄڻ جو ترجمو به پکراج کان گهٽ ناهي. ڪٿي به اٽڪاءِ نه، لفظن
۾ رواني، گهرائي و گيرائي اتم درجي جي موجود آهي. مان پڙهندي پڙهندي حيرت جي
واديءَ ۾ سرگردان پئي هليس. ائين جيئن ۱۹۷۵ع ۾ جڏهن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾
انگريزيءَ جو استاد ”سائين ارشاد قريشي صاحب“ اسان کي ”ورڊس ورٿ“ جي پوئٽري
پڙهائيندي ڪڏهن آواره بادلن ۾ اماڻي ڇڏيندو هو ته ڪڏهن هوا ۾ لهرائيندڙ ڊيفوڊلس
کي تصور جي اک سان ڏيکاري ڇڏيندو هو.
منهنجي زندگيءَ ۾ هي ٻيو ماڻهو هو،
جنهن جي پوئٽري پڙهڻ جو انداز ايڏو متاثر
ڪن هيو.
چوندا آهن ته سوچ جهڙو پکئيڙو
ڪونهي. مان بدر اڄڻ جي لفظن ۽ ٽي ايس ايليٽ جي مثاليت ۽ علامت نگاريءَ جي آسمان ۾
اڃان محو پرواز هئس ته سائين غلام نبي مغل ائين رڙ ڪئي، ڄڻ ڪوَلي چڪ پاتو هجيس.
”يار رات جا اڍائي ٿي ويا اٿوَ.“
تسلسل ٽٽي پيو ۽ بدر اڄڻ خاموش ٿي
ويو. مان زمين تي لهي آيس. گهڻي وقت گذرڻ جو احساس Guilt ۾ تبديل ٿي ويو. ٻئي اٿي کڙا ٿياسي، سائين بدر اڄڻ پنهنجي بنگلي
تي روانو ٿي ويو ۽ مان پنهنجي گهر.
منهنجي زال مراد خاتون هميشه وانگر
گھر جو دروازو کوليندي چيو ”اديبن سان ڪچهريءَ ۾ ويهين ٿو ته خبر ئي نٿي پوئي؟“
مون سوچيو؛ ٻئي دوست ڇو اديبن جي
حيثيت سان پٽجن. وراڻيم ”آفيسرن سان ميٽنگ هئي، ڇا ڪجي؟ نوڪري ته ڪرڻي آهي.“
۽ جڏهن محو خواب ٿيس ته ٽي ايس
ايلٽ جي ڪنهن گيت جو پوپٽ ٿي اڏامڻ لڳس.
***
No comments:
راءِ ڏيندا