; سنڌي شخصيتون: افضل قادري

22 December, 2012

افضل قادري

افضل قادري

محنت ڪش ۽ معزز دوست

منظور ڪوهيار



شاعر يا اديب لاءِ هڪ رويو اهو به جڙيل آهي ته شاعر يا اديب نڪمو يا غير ذميوار ٿئي ٿو ۽ شاعري انسان کي ڇڙواڳ بڻائي ٿي. ٻيو رويو اهو آهي ته شاعر يا اديب ماڻهن کي ناواقفيت جي ننڊ مان بيدار ڪري ٿو.


جيتري قدر ياد ٿو اچي ته شام جو وقت هو، سال ۱۹۷۵ع جي پڇاڙي هئي، مون کي به هِن هُن کان خبر پئي ته لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ ڪچي جاءِ جي ڪوٺي تي، وڇايل تڏن مٿان ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ جون تنقيدي گڏجاڻيون ٿينديون آهن. انهن ئي ڏينهن ۾ مون به هڪ ڏينهن وڃي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي هلندي ويٺلن جو پاڻ مرادو تعارف ٿي وڃي ٿو، هي شوخ طبع ۽ ڳالهائڻ ۾ ڀڙ سليم ڪورائي آهي، هي احتياط سان هر لفظ ادا ڪرڻ وارو رزاق مهر آهي، هي درد ۾ ٻڏل واجد ناز آهي، هي سنجيده طبيعت ممتاز ابڙو آهي، هي سمانو ليکڪ زيب سنڌي آهي، هي کل مک ۽ خوش مزاج افضل قادري آهي. انهيءَ زماني ۾ ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ جي، لاڙڪاڻي جي ادبي ماحول ۾ هاڪ هئي، هيءَ ادبي سنگت اهڙن نوجوانن تي مشتمل هئي جيڪي ادبي شوخ پڻي ۽ ارڏائپ جي ڪري مشهور هئا. مان به ان ادبي سنگت جو پهريان ميمبر، پوءِ سيڪريٽري ۽ آخر ۾ صدر بڻيس. انهيءَ ادبي سنگت جي حوالي سان ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت، ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ ادب دوست ماڻهن سان ملاقات ٿي. روح رهاڻ ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اهي ڇتا بحث ٿيا، جو جيڪڏهن انهن تي لکجي ته هڪ دبستان ٺهي سگھي ٿو، ۽ شايد اهڙن بحثن جو نتيجو نڪتو، جو ان ادبي سنگت جا ۹ ميمبر صاحبِ ڪتاب بڻيا. افضل قادريءَ جي تنقيد جو انداز به نرالو هوندو هيو. سندس تڪيه ڪلام هوندو هيو، لانڍ سان ”ادا!!“ چوڻ. پهريان نهايت عزت و احترام سان لقب القاب ڏئي پوءِ ليکڪ جي لاک لاهيندو هيو. مڙندو ڪنهن کان به نه هو، پوءِ ڀل اُهي گهاٽا يار ڇو نه هجن. هڪ دفعي سليم ڪورائي پنهنجي ڪهاڻي پڙهي، افضل قادري ڪجهه هيٺين ريت تنقيد ڪيس:

”ادا، سليم ڪورائي عظيم ڪهاڻيڪار آ. سندس ڪهاڻي به ظاهر آ عظيم هوندي، پر مون کي سنڌ جو قسم ته ڪهاڻي سمجهه ۾ نه آئي، گھٽ ۾ گھٽ ايتري سولي ڪهاڻي ته لکي، جو مون جهڙي سادي ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ اچي. باقي سليم ڪورائي جي ڪهاڻي ۾ رواني ڏاڍي هئي.“

ان زماني ۾ مان به ٿوري ٿڪي شاعري ڪندو هئس مون هڪڙو شعر پڙهيو، ان ۾ هندي لفظن جي ڀرمار هئي، افضل قادري نهايت مودبانه انداز ۾ تنقيد ڪندي چيو:

”ادا! منظور اسان جو گھڻ پڙهيو دوست آهي، الله سندس علم ۾ اضافو ڪري. سندس نظم زبردست هيو مگر اسان جي کيس هڪ گذارش آهي ته سنڌيءَ ۾ به شاعري ڪري ته جيئن اسان جهڙا گھٽ پڙهيل دوست به کيس سمجھي سگھن.“

سليم ڪورائي ۽ مون مان به جڏهن نه مڙيو ته باقي ٻين مان ڪهڙو مڙيو هوندو، هڪ دفعي شيخ اياز جي ڪنهن شعر تي به شاعري ۾ تنقيد لکي آيو، انهيءَ شعر ۾ اياز ڪو”پپر پيلا گل“ ڪري لکيو هيو، جنهن جي جواب ۾ افضل لکيو هيو:

”پپر پيلا گل ٿيندا ناهن، او ڪوي!“

افضل جي هڪ خوبي اها به هئي ته سندس ظرافت جو انداز نرالو هيو، محرم جا ڏيهاڙا هجن، سليم ڪورائي، رزاق مهر، واجد ۽ مان گھمندي ڦرندي سندس گھر پهتاسي. اهو اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته روح رهاڻ جي آفيس، افضل جي گھر جي مٿان ٺهيل هوندي هئي. جنهن کي هڪ ننڍڙو آڳر ۽ ٻه ڪمرا هوندا هيا. اسان روح رهاڻ جي آفيس ۾ ساڻس ڪچهري پئي ڪئي سي ته اوچتو کيس ڪجهه ياد پيو. اسان کي اٿاريندي چيائين:

”ادا، اسان جي پاڙي جي پارڪ ۾ اڄ مولا جو نياز آ، هلو ته هلي کائون.“

اسان نٽايوسي، پر سندس زور ڀرڻ تي هلي پياسي، پهتاسي ته واقعي نياز هلي رهيو هيو، پر ماڻهن جي وٺ سٺ لڳي پئي هئي، افضل پري کان نياز ورهائيندڙن کي سڏيو پر ايڏي گوڙ ۾ ڪير ٿو ٻڌي؟ ۱۵ منٽ کن انتظار ڪيوسي ۽ پوءِ هلڻ جي ڪئيسي ته افضل قادري اسان کي روڪيندي چيو:”آخري ڪوشش ڪرڻ ڏيو“ افضل قادري انهن کي زور سان رڙ ڪندي چيو: ”ادا! پنج سيد بيٺا آهيون، ڪجهه ته خيال ڪيو، ڪربلا ۾ به سيدن کي مسلمانن ڏاڍو انتظار ڪرايو هتي به انتظار ٿا ڪرايو!؟“ نياز ورهائيندڙ ٽن مان هڪڙي همراهه کيس سڃاڻيندي چيو: ”ادا، توهان ته دايا قادري آهيو، سيد ڪڏهن کان ٿيو؟“ افضل قادري هڪدم وراڻيو: ”ها ادا! ٿورا ٿورا دايا به آهيون.“ اسان سڀن کان ٽهڪ نڪري ويا. نياز ورهائيندڙ به کلي ويٺا، هڪدم اسان آڏو ٿالهين ۾ نياز (پلاءُ) وجھي کڻي آيا.

سليم ڪورائي ڪلاڪار پبليڪيشن ڪڍي ته رزاق مهر نئين دنيا ۽ ان کان پوءِ ممتاز ابڙي ڪلا پبليڪيشن.

روح رهاڻ ادبي سنگت ۾ واجد ۽ افضل جي نوڪ جهونڪ هلندي هئي. افضل پاڻ مٿان ٿيل تنقيد ٽن ڏينهن کان پوءِ وساري ڇڏيندو هو، پر واجد ان جو گھرو اثر وٺندو هيو ۽ مهينو کن ان جو ردعمل ڏيکاريندو هيو. ان سبب ڪري، واجد هڪڙو مضمون لکيو، جنهن ۾ افضل قادري سان گڏ ڪراچي تائين سفر جي ڪٿا هئي ۽ ان ڪٿا ۾ ڪجهه افضل تي هلڪي سلڪي ڪاوڙ جو اظهار به هيو. اهو مضمون جڏهن ڇپيو ته هڪ ڏينهن سندس سائيڪلن جي دوڪان تي ممتاز ابڙو آيو ته افضل چيس:

”ادا خبر پئي آهي ته تنهنجي ڪلا پبليڪيشن ۾ منهنجي خلاف مضمون ڇپيو آهي؟“

ممتاز وراڻيو:”ادا مان ڇا ڪيان، واجد زور ڀريو ته ڇاپڻو پيو.“

افضل ڏاڍي پياري انداز ۾ چيس:

”هُن ته کڻي مضمون لکي ڇائي پاتي پر تو به ته ڇاپي ڌوڙ پاتي نه ادا؟“

ممتاز ڪڇي ڀت ڪڇي، ٻين کي چوندو وتي، ”يار مان جنڊ جي ٻن پڙن ۾ اچي ويس.“

افضل ڏاڍو ڏکيو ماڻهو به هيو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪندو هو، جو اڳلي ماڻهوءَ جا ٺپ ٺاري ڇڏيندو هيو. روح رهاڻ ادبي سنگت ۾ هڪڙو اسان جو ميمبر اشفاق منگي به هيو، ان جي والد صاحب سچل منگي جي ايمپائر روڊ تي هيئر ڪٽنگ سيلون هوندي هئي، ادبي لڏي جا ماڻهو اڪثر ڪري سندس دوڪان تان وار ٺهرائيندا هيا. سچل منگي نهايت سلجھيل ماڻهو هيو. ڏاڍي فضيلت سان ڳالهائيندو هيو. پر اهلِ تشيع هئڻ جي ناتي پنهنجي مسلڪ /فرقي جو پرچارڪ به هيو، مان وار ٺهرائي رهيو هيس، افضل ۽ ٻيا دوست ويٺا هيا، سائين سچل منگي چوڻ لڳو:

”اوهان اديب آهيو، تنهن ڪري توهان جي مٿان فرض آهي ته حق جي ڳالهه ڪيو ۽ برملا ڪيو، جي اوهان گڏجي صرف ”باغ فدڪ“ واري مسئلي تي پنهنجي راءِ زني ڪيو ته سڀ معاملا پٽ پڌر ٿي ويندا.“

افضل وراڻيو؛ ”سائين، مان توهان کان هڪڙي ڳالهه ٿو پڇان ته حضرت علي سائين عرب هيو ۽ مڪي جو هيو يا نه؟”

“ها هيو!“ سچل منگي وراڻيو،

“۽ حضرت عمر﷦ به عرب ۽ مڪي جو هيو يا نه؟“

“ها هيو“

”ٻئي هڪ ئي استاد جا شاگرد يعني حضرت محمد ﷺ جي نظريي اسلام جا پيروڪار هيا يا نه؟“

”ها هيا.“

”ته پوءِ سائين سچل صاحب! هڪ قوم جا، هڪ شهر جا، هڪ نظريي جا ماڻهو، قيامت ۾ هڪ ٻئي سان ٺهي وڃن، ته تنهنجي منهنجي منهن ۾ ڇا رهندو؟! پاڻ بابا ڏتڙيل قوم جا ماڻهو آهيون، ان ڪري پاڻ کي سنڌي قوم جي مسئلن تي سوچڻ گھرجي. اڄوڪن مسئلن تي سوچڻ گھرجي ۽ عملي جدوجهد ڪرڻ گھرجي، جيڪو مسئلو ۱۴ سؤ سال پراڻو آ، ان کي تون ۽ اسان ڪاڏنهن حل ڪنداسين...!“

پوءِ ته افضل اهڙو کرو ۽ سڌو ڳالهايو جو سائين سچل منگي ڪڏهن به ان موضوع تي اسان سان نه ڳالهايو، جي ڳالهائيندو هيو ته سنڌ جي مسئلن تي.

افضل وٽ جڏهن چڱو ڀلو شاعري جو مواد ڪٺو ٿي ويو ته کيس ڪتاب ڇپرائڻ جو خيال ٿيو، ان وقت ۱۵۰ صفحن جو ڪتاب اڍائي ٽي هزار روپيا کائيندو هيو، مون کيس ۲۰۰ روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو، ۱۰۰۰ روپيا پاڻ گڏ ڪيا هيائين باقي، پندرنهن سؤ کن گھربل هيس، ان ڪري پريشان رهندو هيو، هڪ ڏينهن ڪيبن تي ويٺو هيو، مان به بينچ تي ساڻس ڪچهري پئي ڪئي، سيد مظفر حسين شاه، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان سلهاڙيل ۽ لاڙڪاڻي جو مشهور قوم پرست اڳواڻ/ ڪارڪن هيو، سو ٽانگي تي چڙهيو پئي ويو. تنهن کي ڏسي زور سان چيائين:

”او سائين مظفر شاه! سنڌ جو قسم اٿئي ٽانگي تان لهه، اڄ قوم کي تو کان حساب وٺڻو آ.“

مظفر شاه هڪدم لهي پيو، ٽانگي واري کي ڪرايو ڏئي، افضل وٽ آيو، افضل چيس:

”ادا! مظفر شاه! هن ويهين صديءَ ۾ هڪڙي جي ايم سيد کان سواءِ باقي سڀني سيدن سنڌ کي لٽيو آ.“

مظفر شاه وراڻيو:”پوءِ سڀني سيدن جو حساب مون کان وٺندين ڇا؟“

”ها بابا! پهريان تو کان وٺبو، پوءِ ٻين کان ......“

”پوءِ قوم حاضر آ.“ مظفر شاه وراڻيو،

”بابا سائين، هڪڙي غريب قومي شاعر جي ڪتاب ڇپرائڻ جو مسئلو آ... ان کي اوهان ڏن ڏيو ته ڪتاب ڇپجي، باقي قيامت ۾ ته اوهان به اسان کي ڪو نه ڇڏائيندؤ، اها پڪ آ.“

مظفر شاهه چوڻ لڳو: ”اسان سڄي دنيا کان ڏن وٺئون. تون وري اسان کان وٺين. هيءَ ڪا شرافت آ...!؟“

پوءِ افضل ۽ مظفر شاه جي ڀوڳ ٺڪاءَ واري ڪچهري هلندي رهي. افضل، مظفر شاه سان ڏاڍو حجائتو هيو، افضل جا ڀوڳ چرچا ۽ ٺمريون اکين تي رکي ڇڏيندو هيو، ۽ پوءِ خبر پئي ته بقايا پئسا مظفر شاه ڏنا.

شاعريءَ جو ڪتاب ”ٻـريـا رنـگ رتـول“ ڇپجڻ لڳو، پيش لفظ سليم ڪورائي کان لکرايائين، ۽ پس لفظ مون کان. اِهو ڪتاب ۸ مئي ۱۹۷۷ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ منهنجو لکيل پس لفظ هيٺين ريت هيو:

”افضل قادري منهنجو دوست آهي ۽ دوست به دوستن جهڙو. مان سچي دوست لاءِ رت ست ڏيڻ وارو آهيان. سنگت ۾ ’وِهُه به اتي ته گِــهه به‘ اتي واري ڳالهه کي ورجائيندو آهيان. ظاهر آهي ته جيڪڏهن مان افضل لاءِ پنهنجا جذبا ظاهر ڪيان ۽ اهي جذبا ٻين لاءِ ڀل ته رس ڀريا ۽ چس ڀريا نه هجن، پر پوءِ به مان پريشان نه ٿيندس، ڇو ته اهو منهنجو فطري جذبو هوندو، جيڪو هڪ دوست جو ٻي دوست جي لاءِ هوندو آهي، پر چوندا آهن ته ”لٺ کڻجي ڀاءُ ڏانهن، ڳالهائجي الهه لڳ.“ جڏهن به اهو حق سچ جو سوال سامهون ايندو ته پنهنجي دوستي واري جذبي کي پاسيرو رکي پروڙڻو پوندو ته منجھس ڏانءُ، ڏات، ۽ سچائي ڪيتري آهي. وڌيڪ توهان سڄاڻ پڙهندڙ انصاف ڪري سگھندؤ ته مان رڳو دوستيءَ جو حق نڀايو آهي يا ان سان گڏوگڏ مٿائنس ڪجهه ناقدانه نظر به وڌي آهي.

پهريون پهريون سوال جيڪو منهنجي ذهن ۾ هورا کورا مچائي ٿو ته، مان پهريائين افضل جي شخصيت تي ڳالهايان يا شاعريءَ تي، جڏهن ته منهجي نظر ۾ ٻئي پهلو اهم آهن. بهرحال مان پهريائين افضل جي شخصيت تي ڪجهه روشني وجھان ٿو، ۽ سندس شاعري تي پوءِ، ڇو ته شخصيت جو اثر لکت تي نمايان هوندو آهي.

هونئن به افضل جي شخصيت جي باري ۾ جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. افضل جي شخصيت جو اثر مختلف ماڻهن تي مختلف نموني سان پيو آهي، سو، کوهن ۽ ماڻهن جا وات ڪير بند ڪري؟. ڪن جي نظر ۾ افضل قادري ڪهاڙي باز، ڪن جي نظر ۾ جذباتي شاعر.

حقيقت ۾، مون کان پڇو ته منهنجي نظر ۾ سڀ ڪجهه آ. يعني مڪمل انسان. مڪمل انسان جي وصف به منهنجي نقطي نگاه کان اها آهي ته جنهن ۾ گڻ ۽ اوگڻ ٻئي هجن.

افضل جي هر روپ کي ظاهر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇو ته افضل جنهن سماج ۾ رهي ٿو، ان سماج ۾ هر انسان جي شخصيت پر پيچيده آهي.

هن دودي سنهڙي ڳوٺ کان وٺي، لاڙڪاڻي شهر تائين جيڪو سفر ڪيو آهي، سو ڏاڍو ڏکيو ڪيو آهي. هن يار جي شخصيت تي ٻهراڙي ۽ شهري جيون جو چتر چڱيءَ طرح چٽيل آهي. هن ٻهراڙيءَ جي پيڙهيل هاري ۽ مڇن وٽيل وڏيري کان وٺي شهر جي ٽي بي ورتل مزدور ۽ وڏي دنب واري سرمائيدار کي چڱيءَ طرح چتائي ڏٺو آهي، جنهن ڪري کيس هاري ناري ۽ محنت ڪش مزدور جي مسئلن جي چڱي پروڙ آهي. جيڪا سندس سنئين سڌي مشاهدي جي ڪري آهي نه ڪي ٻڌ سڌ تي.

هن جي طبيعت ۾ ٻهراڙي واري ارڏي ڳڀروءَ واريون ارڏايون به آهن ته، شهر جي سمجھو ۽ سڄاڻ جوان واريون سوچون به، مان هن جي پيشاني تي غيض ۽ غضب واريون ريکائون به ڏٺيون آهن ته سادگيءَ واريون سڌيون ريکائون به.

مان ۽ افضل جڏهن ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ ويندا آهيون، جڏهن هو ڪنهن اڏامندڙ پکيءَ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن نشانو خطا ٿي ويندو اٿس ته سندس نرڙ تي هڪ اهڙو گھنڊ پئجي ويندو آهي، جنهن ۾ سندس ماضيءَ جون وحشتون ۽ وسريل ورق هوندا آهن. پوءِ جيستائين ڏهن ٻارهن پکين جو ساهه نه وٺندو، تيستائين ڄڻ ٻانهن چڪ ۾ هوندس.

افضل جي سڌين ريکائن وارو روپ به آهي، جڏهن هو آرهڙ جي ڏينهن ۾ ٽاڪ منجھند جو سائيڪل تي پگھر وهائيندو، منهنجو دروازو کڙڪائي چوندو آهي ”وزٽ تي ويو هيس، ڏهه پندرنهن روپيه هڻي آيو آهيان، هل ته هلي چانهه پيون ۽ ڪچهري به ڪيون.“ پوءِ خبر پوندي آهي ته هي همراهه سڄي سنگت جي ننڊ ڦٽائي آيو آهي، انهيءَ وقت سندس سادگيءَ تي پيار ايندو آهي، ۽ ڪاوڙ تڏهن ايندي آهي جڏهن سادگيءَ ۾ سڀني کي چرچا هڻي ويندو آهي. افضل جي زندگي به الف ـ ليلوي داستانن وانگر گذري آهي، يا ايئن کڻي چئجي ته هڪ اهڙي عجيب ناول جي مثال آهي، جنهن جو هر باب، ٻي باب جي نفي ڪري ٿو.

سندس زندگي جو پهريون باب اهو آهي، جنهن ۾ افضل، دودي سنهڙيءَ ڳوٺ ۾، سيارو ٻوڪي ۾ ۽ اونهارو لاڪ (گوڏ) ۾گذاريو. هر انهيءَ ٻهراڙيءَ جي معصوم ابهم جيان جنهن جي سوچ ۽ سونهن نيڪيءَ جي ديوتائن کان به وڌيڪ سندر ۽ سُشيل هوندي آهي.

سندس زندگي جو ٻيو باب اهو باب آهي، جنهن ۾ هر نوجوان نٽ کٽ شيام جيان، ڪنهن راڌا جي راهه تڪيندو آهي، ۽ هر جوانڙي من ئي من ۾ پيار جو پنگھٽ جوڙي ڪنهن نٽ کٽ شيام جو انتظار ڪندي آهي. افضل به پنهنجي ڳوٺ جو اهو ناليرو نٽ کٽ شيام هو جنهن پريم جي ڊگر تي آيل ڪيترين ئي راڌائن جا دلا ڀڳا. بقول خليل جبران جي”In every man’s life there is Salma”(هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ سلميٰ هوندي آهي.) پر افضل جي ان دؤر واري زندگيءَ ۾ته ڪو واڻڪو ليکو چوکو ڪرڻ ئي غلط آهي. ڇو ته بقول سندس ڪيتريون ئي سلمائون آيون ۽ ويون.

ٽيون باب سندس زندگيءَ جو ڀوائتو باب آهي جنهن دؤر ۾ سندس اکين مان ڪام ديو، ڪاليءَ جي ڀؤ کان ڀڄي ويو. سندس اکين ۾ ان ڪاليءَ اچي آرو ڪيو. جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته، سندس هڪ هٿ ۾ کانڊ، ٻي هٿ ۾ انساني سر. گھنگھور گھٽائن جهڙا ڪارا وار، خون آشام اکيون، ڳچيءَ ۾ انساني کوپڙي جي مالها ۽ رت سان ڀريل ڳاڙهي زبان هوندي آهي. ان دؤر ۾ افضل جي اکين مان وحشت ڳاڙهن ٽانڊن جي تؤَ جيان نڪرندي هئي ۽ سندس ايمان گوليءَ جي ٻوليءَ ۾ هوندو هيو.

سندس زندگيءَ جو چوٿون باب، وڏو موڙ (Twist ( ثابت ٿيو. جيئن سنڌ ۾ هر ارڏي ڳڀرؤ کي سڌارڻ لاءِ سندس وڏا، نڪ ۾ نوڙي وجھندا آهن. افضل کي به سندس وڏن شادي ڪرائي نڪ ۾ نوڙي وڌي ته ننڍڙي ڪٽنب جو آغاز ٿيو، پوءِ افضل هر وحشت کي وساري، پنهنجو ايمان محنت ۽ جفاڪشي تي رکيو، ڇو ته کيس اها خبر هئي ته محنت ۽ جفاڪشي جي زندگي ئي هڪ اهڙي زندگي آهي، جنهن ۾ امن ۽ شانتي هوندي آهي ۽ ”هٿ کس“ واري زندگي ڪنهن جوالا مکي جي مُنهن جيان هوندي آهي.

هن پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي زندهه رکڻ لاءِ وٽنري اسسٽنٽ جي نوڪري ڪري زندگي جي ڏور کي ڏوريو، پر انهيءَ وچ ۾ هن نه هٿ ٽنگيو ۽ نه وري ڪنهن کي سوال ئي ڪيو.

سندس زندگيءَ جو پنجون باب، جيڪو سڀني بابن کان وڌيڪ مانائتو ۽ شانائتو آهي. جنهن باب ۾ هن جسماني محنت سان گڏوگڏ ذهني محنت به ڪرڻ شروع ڪئي. هن پنهنجي ڀڙڪندڙ جذبن جي اظهار لاءِ شاعريءَ کي چونڊيو، پر اها شاعري جيڪا سندس برهه جي باب جو پڙاڏو هئي، جيئن ته مان افضل جي شخصيت تي ڳالهائيندي سندس ان پهلو کي واضح ڪري وڌو آهي، جنهن ۾ هو اسان جي اڳيان شاعر جي حيثيت سان سامهون اچي ويو آهي. بهتر اهو ٿيندو ته هاڻي شخصيت کي ڇڏي سندس شاعريءَ تي ڳالهائڻ شروع ڪجي، ته افضل جي شاعري ڪهڙن ڪهڙن دؤرن مان گذري؟ يا سندس شاعري ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙا لاڙا آيا؟ انهيءَ لاءِ سندس شاعري تي ڪجهه روشني وجھندس، پر هام نه هڻندس ته افضل بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلايو آهي يا ڇپ اڇلائي آهي يا پاڻ اڇلايو آهي. نه وري ائين چوندس ته سائين چوٽيءَ جو شاعر آهي. عوامي شاعر آ، عظيم شاعر آ، وڄ آ يا کنوڻ آ، پر ايترو ضرور چوندس ته افضل اڳتي وڌيو آهي، گھٽيو ڪونهي. ڇو ته جيڪڏهن چاڪيءَ جو ڏاند اکين تان آکيڙيون لاهي، باز بڻجي وڃي ته اها هڪ وڏي تبديلي چئبي. افضل جي پهرين شاعري جيڪا فاعلاتن فاعلات ۽ معشوق جي اڳيان گريه و زاري جي گھاڻي جي چوڌاري ڦرندي هئي، اها شاعري اڄ عقابي اک رکي ٿي، جنهن ۾ عالمگير نظر آهي. جيڪڏهن ان ترتيب کي وٺجي جيڪا سندس شاعري جي تاريخ آهي ته پوءِ پهريائين افضل جي غزل واري شاعري تي ناقدانه نظر ڦيرائڻي پوندي. حقيقت ۾ ته سندس پهرين غزل واري شاعري روايتي شاعري هئي، جنهن ۾مبالغي آميزي، عبارت آرايانه تڪلف، لفظي لاف ۽ تصنع گھڻو هيو، جيئن سندس هن ئي مجموعي ۾هڪ غزل ثبوت طور تي آهي:

وساريان ڪيئن مان توکي، نٿو وسرين وڃان ڪاڏي،
هميشه روڄ ۽ راڙو، منهنجو وهـنـوار ٿي ويـو آ.


پر پوءِ آهستي آهستي سندس غزل مان عجيب و غريب ترڪيبون، ڳجھارتون، پروليون گم ٿينديون ويون، انهيءَ جي جاءِ تي سندس غزلن ۾ علامتي رنگ ۽ جذباتي حساسيت اچي وئي. انهيءَ جو مثال هن مجموعي ۾ سندس هي غزل آهي،

خزان جي تيز حملي کان، سڙي ويا ڪـانهــن ڪينجھرجا،

مندون موٽي وري آيون، نه نسريا سر اڃان تائين.

بهرحال، مان ائين ڪونه چوندس ته سندس غزل واري شاعري، منڊيءَ تي ٽڪ جيان آهي بهر ڪيف، پوءِ به مجموعي طور تي سندس غزل کي ڪسو ڪين چئبو.

منهنجي خيال ۾ ته، غزل کان سندس نظم سؤ دفعا وڌيڪ سٺو آهي يا ائين به ٿي سگھي ٿو ته نئين ٽهي جو لاڙو نظم طرف گهڻو آهي ۽ اها هام انهيءَ اثر هيٺ هجي.

“پرسي، باشي- شيلي“ جي چوڻ مطابق ته”شاعري بجليءَ جي تلوار وانگر آهي، جيڪڏهن کيس نيام ۾ رکيو ويندو ته اها کيس جلائي رک ڪري ڇڏيندي.“

اهڙي بي نيام شاعري جي شروعات، هن تڏهن شروع ڪئي، جڏهن روح رهاڻ جو رنگ لڳس. روح رهاڻ جي سخت ادبي تنقيد سندس شاعريءَ کي جلا بخشي. هن جھروڪن مان جھاتيون پائڻ ڇڏي ڏنيون، سندس پهريون ڇرڪائيندڙ نظم، جيڪو ۵۴ سٽن تي مشتمل هيو، جنهن ۾ هن مصنوعي حدبندين واري نيام کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي تلوار کي ننگو ڪيو.

هن جو پهريون نظم؛ ”ساٿيو هوشيار ٿيو ته، آڻيون انقلاب اڄ“ کان وٺي، ”هر جنم ۾ مون لکيو آ،“ تائين هڪ هڪ نظم سندس ذهني ترقيءَ جو ثبوت آهي. جيئن جيئن سندس احساسن ۾ اٿل پٿل آئي، تيئن تيئن سندس قافئي وارن ۽ آزاد نظمن لاءِ ايترو ته ضرور چئي سگھجي ٿو ته زندگيءَ جي اصلي حقيقتن کي پيش ڪرڻ ۾ تر جيترو به نه گٿا آهن.

پر سندن مقفيٰ نظمن کان وڌيڪ سندس غير مقفيٰ نظم آهن، جيڪي خيال ۽ فن جي لحاظ کان مٿانهان آهن. غير مقفيٰ نظمن ۾ سندس شاعراڻو مزاج وڌيڪ شوخ ۽ ارڏو آهي.

ڪٿي سماجي تاريڪي ۽ بد نظمي جو عڪس پيش ڪري ٿو ته هي مقفيٰ نظم جڙي پوي ٿو،

بک مفلسي ۽ انسانيت،
وري وري هڪ سوال ڪري ٿي.


ڪٿي وري پنهنجي تخليقي ڪربCreative agony جو اظهار ڪري ٿو، ته هي نظم جڙي پوي ٿو:

“اونداهي رات ۾، دروازو منهنجو کڙڪائي،

منهنجي ئي ڏات مون کي ننڊ مـان اٿاريـو آ.

ڪٿي وري خالصتن قومي سوچ تحت ڌرتي کي ماتا ڪوٺي ٿو ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪري ٿو

او سنڌڙي! تنهنجو ديس وسي

او مـاتــا! تنهنجو ديـس وسـي

وري ڪنهن هنڌ تي سندس نظم سماجي سچائي ۽ عالمي دانهن بڻجي پوي ٿو.

امن جي نالي ۾ دنيا ۾

آبادين تـي بــم وسن ٿــا.

اهڙيءَ ريت سندس ٻيا ڪيترائي نظم، مثلن:

”فرق“ ــ ”مون کي وسڪي جي تکي بوءِ جو قسم“ ــ”ويٽنامي عورت“ وغيره محسوس ڪرائن ٿا ته افضل جي غير مقفيٰ نظمن ۾ گھرا گھاءَ ۽ احساس آهن. خلوص، مساوات ۽ آزادي جي ڌن آهي، حقيقت ۾ ته سندس غير مقفيٰ نظمن ۾ ئي ڏانءُ، ڏات، ۽ سچائي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون آهن.

انهيءَ کان پوءِ سندس وايون آهن، جيڪي تعداد ۾ گھٽ هئڻ جي باوجود به محسوس ڪرائن ٿيون ته، زهر جي پاڻي پيتل بڙڇيءَ جي مثل آهن، جن ۾ ڀڙڪيلا جذبا ۽ حساسيت بڙڇيءَ جي ڌار جهڙو ڇيهه ڏئي من ڪورن ٿيون. مثلا هيءَ وائي سندس صداقت نگاري جو ڪيڏو نه ثبوت آهي،

 

ڪير ٿو پيو چوي، ڪنهن ڏٺي روشني،

ڪوڙ ايڏو نه هڻ،

او ڪوي ديس جا، مت ڇو ٿي منجھي،

 ڪوڙ ايڏو نه هـڻ.

پنهنجي هٿ جو ڪنگڻ، آرسيءَ ۾ ڏسي

ڪوڙ ايڏو نه هڻ.“

حالانڪ افضل جي ابتدا آهي پر پوءِ به بسم ا﷢ غلط ڪونهي، محسوس ٿئي ٿو ته هن صنف ۾ به خيالن جو جوالا مکي ڦاٽي ٿو. جنهن مان سندس آهون ۽ دانهون لاوي جيان وائيءَ جي صورت ۾ نڪرن ٿيون.

سندس لکيل سانيٽ ۽ ترائيل اهو احساس ڏيارين ٿا ته افضل رڳو هنر فروشي ناهي ڪئي، تعداد ۾ بلڪل نه هئڻ جي باوجود به سندس ٻٽڙي ترائيل ۽ سانيٽ زندگي تي وڏي تنقيد آهن. جيڪي ”آرنلڊ“ جي شاعري واري وصف تي بلڪل پورا آهن ته، ”شاعري زندگيءَ تي هڪ تنقيد آهي.“

مثلن هي ترائيل مٿين وصف جو هڪ بهترين ثبوت آهي.

ڪالهه ڪُسي ويو ڪارو ڪاري،
پوءِ به ڪاري ڪوهيڙي ۾.
ناري ويٺي باهه ٿي ٻاري
ڪنهن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾“


بهرحال اهو احساس ٿئي ٿو ته افضل جي سڄي شاعريءَ ۾ نواڻ، جذبه انگيزي ۽ صداقت نگاري گھڻي حد تائين موجود آهي، جيڪا هڪ سٺي شاعر هئڻ جو وڏو ثبوت آهي.

افضل لاءِ مان ايترو ضرور ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ”افضل“ نه ”ملٽن“ وانگر شاعريءَ جي ديوي The muse جي مرهونِ منت آهي، نه وري ڪو William black واري دعويٰ ڪري ٿو، ته،”ڪا مافوق الفطرت قوت سندس سامهون اچي کانئس شعر چورائي ٿي.“ پر جيڪو ڪجهه به شاعري جي انداز ۾ چوي ٿو، ان ۾ سندس پنهنجن جذبن، احساسن، سوچڻ ۽سمجھڻ جو عمل و دخل آهي. منهنجي نظر ۾ ته افضل جي اندر جو ڪلاڪار، جذبن ۽ احساسن جي آڌار تي اڃان ڪو جھور پوڙهو ته ڪو نه ٿيو آهي جو هي مجموعو سندس آخري مجموعو هجي، پر افضل جي اندر جو ڪلاڪار جذبن ۽ احساسن جي آڌار تي اڃان ته ٻارنهن سالن جي ٻار واري جستجو ۽ شوق رکي ٿو. عهدِ شباب تائين پهچندي، پهچندي به گھٽ ۾ گھٽ ٽي چار مجموعا ته ڏئي سگھي ٿو، جيڪي هن مجموعي کان اڃان اور هوندا.“

افسوس صد افسوس، مٿين پس لفظ واري دعويٰ سچ ثابت نه ٿي سگھي جو افضل جي زندگي گذارڻ جو طريقو ماکي جي مک جهڙو هيو، صبح کان شام تائين مسلسل محنت ڪندو رهيو. افضل وٽنري اسسٽنٽ هيو. پگھار مان پورت نه پيس، ته آفيس ٽائيم کان پوءِ ايمپائر روڊ جي ڏاکڻي سري تي هڪ ننڍڙي ڪيبن کولي ان جي سامهون سائيڪلون رکي ڪرائي تي هلائيندو هيو، رنگن جو شاهه ڪاريگر هيو. ضرورتون وڌي ويس ته موڪل ڪري رنگسازي به ڪندو هو. اڌ رات مڌ رات جو سڏ ٿئيس ته ڪنهن ڀاڳئي سان ڪچي ۾ وڃي سندس ڍورن جو علاج به ڪندو هو. حيرت ٿيندي هئي ته هي شخص شاعريءَ لاءِ ٽائيم ڪٿان ٿو آڻي. سو به جهڙي تهڙي شاعري نه. اندر ۾ وڍ وجھندڙ شاعري، گهرائي ۽ گيرائي رکندڙ، نزاڪت ۽ نفاست سان ڀرپور، خيال ۽ مقصديت سان سلهاڙيل.

سندس دوستيءَ جا اسير وري ايترا هيا، جو ڪهڙن جا نانءَ کڻي، ڪهڙن جا کڻجن. ڪي ذاتي، ڪي ادبي، ڪي سياسي، ڪي محنت ڪش. شام ٿيندي هئي ته لاڙڪاڻي جا نوجوان، پڪا ۽ پوڙها اديب، سياسي ڪارڪن ۽ مزدور سندس سائيڪلن جي ڪيبن آڏو گڏ ٿيندا هئا. انهيءَ ڪيبن آڏو ايڏي ته ڪچهري لڳندي هئي، شايد ڪنهن اوطاقي جي اوطاق تي به نه. جنهن به ڏٺو ته ايئن ڏٺو ته سندس هڪ هٿُ نوٽ بڪ تي سائيڪل جي ڪرائيدار جي نانءُ لکڻ ۾ مشغول ۽ ٻيو هٿُ ڀرسان واري هوٽل جي بيري کي آڱرين سان اشارا ڪري چانهه جي آرڊر ڏيڻ ۾ مصروف. پوءِ چانهه جا اڌڙ پيا هلندا ها ۽ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي بحث پيا ٿيندا هيا. ايئن هڪ دفعي ڪچهري ۾ مست مگن ڏسي، ڪو شاهينگ سائيڪل به ڪاهي ويس. سائيڪل وڃايائين، نه وڃايائين ست سنگ ۽ ساءُ.

خودداري جو عالم اهو هئس جو هڪ دفعي مون کان اڍائي سؤ روپيا اهو چئي ورتائين ته مهيني اندر موٽائيندو. موٽائي نه سگھيو ته گھر آيو ۽ چيائين:

”ادا منظور پئسا نه ٿي سگھيا، مان چاهيان ٿو ته اوهان جي گھر کي رنگ ڏئي قرض لاهيان“

مون کيس چيو”يار نه ٿي سگھيا ته خير آهي، سمجهه ته مون توکي مدد ڏني!“

وراڻيائين”قرض طور تي ورتا هيم، ان ڪري ضرور لاهيندس“

منهنجي جاءِ کي ان وقت واقعي رنگ جي ضرورت هئي، هن شخص الائي ڪٿان مختلف رنگ آڻي منهنجي جاءِ کي رنگين ڪري ڇڏيو، ڪم پورو ڪري چيائين: ”ادا! راضي پازي؟“ مون وراڻيو: ”اڍائي سؤ کان ته ڪم وڌيڪ آهي، تنهنجو حساب مون ڏانهن ٿيندو.“ وراڻيائين: ”ادا! تنهنجي جاءِ جي هر ڪمري جو رنگ جدا آهي، معاف ڪجانءِ، جيڪي رنگ مون وٽ بچيل هئا، سي هنيا اٿم ان ڪري ڪم ست رنگي ٿي ويو آ.“

ڀاڪر پائيندي چيومانس: ”افضل تو نه صرف منهنجي جاءِ کي، پر منهنجي دل کي به ست رنگي بڻائي ڇڏيو آهي.“

افضل جي اها خوبي يا خامي چئجي ته جذباتي به ڏاڍو هوندو هيو، ۱۹۷۷ع ۾ ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت شام جو ادبي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ روح رهاڻ جي آفيس ۾ رهي پوندا هئا، ملڪ آگاڻي جڏهن رات رهندو هيو ته افضل کي طبقاتي ويڙهه لاءِ سندرا ٻڌائي ڇڏيندو هيو. ان وقت ملڪ آگاڻي عوامي تحريڪ جو پرجوش ڪارڪن هيو. سندس ڳالهائڻ جو انداز نهايت سحرانگيز ۽ اثرانگيز هيو. هڪ رات جو افضل کي ڪو وڏيرڪي نظام ۽ وڏيرن جي خلاف ايڏو ڀڙڪائي ويو، جو ٻئي ڏينهن تي افضل هڪ نالي بندوق ۽ ڪارتوس هٿ ڪري ڳوٺ آگاڻي پهتو، ۽ ملڪ آگاڻي کي چيائين: ”مان وڌيڪ وڏيرن کي برداشت نه ٿو ڪري سگھان، ٻڌاءِ ته ڪهڙي وڏيري کي ماريان!“

ملڪ آگاڻي اچي ڦاٿو ۽ کيس سمجھائڻ لڳو ته ”بابا ....! هيءَ وڏي ۽ گھڻ طرفي ويڙهاند آ، جنهن ۾ باقاعده رٿابندي ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آ وغيره.“ پر افضل قادري چيس،”ادا ملڪ! جڏهن اهو ويڙهاند جو وقت اچي ته ٻڌائجان، باقي وقت کان اڳي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي مڇرائيندو نه ڪر!“

بس ان ڏينهن کان پوءِ مجال جو ملڪ آگاڻي ان موضوع تي افضل سان ڳالهائي.

خبر ناهي ته افضل قادريءَ جي ڦڦڙن ۾ ڪينسر ڪڏهن کان لڳو ۽ ڪيئن لڳو هو، شايد گھڻي ٻيڙي پيئڻ ڪري يا حد کان وڌيڪ محنت ڪرڻ ڪري، پر اوچتو ئي اوچتو کيس ساهه ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي. جڏهن ڊائگنوز ٿيو ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر ثابت ٿيو. ان وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو جو بنياد پئجي چڪو هيو، سڀني ميمبرن ۽ دوستن پنهنجي وت ۽ وس آهر مدد ڪيس. بينظير صاحبه وزيراعظم هئي، ان کان ڪنهن دوست نوٽ هڻائي کيس آماده ڪيو ته هو ڪراچيءَ مان علاج ڪرائي. پر جڏهن اتي پهتو ته اسپتال وارن ۽ ثقافت کاتي جي ماڻهن جو ناروا سلوڪ ڏسي موٽي آيو. جنهن تي مون احتجاجن ۳۱ مارچ ۱۹۹۰ع تي هلال پاڪستان اخبار ۾ پنهنجي هفتيوار ڪالم ’فڪر ڦرهي هٿ ۾‘ ان بي حسي بابت لکيو هو:

افضل قادريءَ جو آخري انٽرويو محمد علي پٺاڻ ۽ مان سندس مرتئي کان ۱۴ ڏينهن اڳ ۲۸ اپريل ۱۹۹۰ع تي ورتو هيو، جيڪو پوءِ هزار داستان ڊائجسٽ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ سندس زندگيءَ جا ٻيا ڪيترائي پهلو نمايان ٿيا. جيڪو ايندڙ وقت جي محقق لاءِ هڪ مواد آهي.

افضل جي ان انٽرويو کان پوءِ به اسان دوست مسلسل وٽس ويندا رهياسين. انهيءَ دوران اسان هن جي اکين ۾ موت جو ڊپ محسوس نه ڪيو. هن کي ڏسي لڳندو هيو ته هو پر اُميد آهي ۽ پنهنجي اظهار تي خوش آهي. کيس ڏسي اُن وقت حافظ شيرازي جو هڪ شعر ياد ايندو هو:

”فاش ميگويم و از گفتهءَ دلشادم،

بنده عشقم و از هر دو جهان آزادم.“

(کلم کلا چوان ٿو ته پنهنجي چوڻ تي خوش آهيان،

مان عشق جو بندو آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان.)

برحق ته افضل قادري هيو به عشق جو بندو، ڪو درٻاري شاعر نه هيو، هن کي عشق هو پنهنجي ڪٽنب سان، پنهنجي محنت سان، ڌرتيءَ سان، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان، سچائي سان ۽ پنهنجي نظريي سان. هو انهن ماڻهن منجھان نه هيو، جيڪي ڳالهه ته محنت ڪشن جي ڪن، پر پاڻ محنت کان عاري هجن. ڳالهه ته سچائي جي ڪن پر پاڻ ڪوڙا قيصر لنڊ هجن. ان ڪري مون کي هينري جيمز جا اهي جملا ڏاڍا ياد ايندا هيا. جيڪي مان افضل جي حوالي سان اڪثر ورجائيندو رهندو هئس:

“مان لکڻ واري تي ڪائي پابندي نه ٿو مڙهيان، سواءِ هڪ پابندي جي ته هو پنهنجي لکت سان سچو رهي.“

پنهنجي لکت سان سچو رهندڙ افضل قادري، بيماريءَ جي دوران به پنهنجي ٻي شعري مجموعي ”احتجاج“ کي ترتيب ڏيندو رهيو ۽ اسان سان ويچار ونڊيندو رهيو.

پر ۱۲مئي ۱۹۹۰ع سندس زندگيءَ جو آخري ڏينهن ثابت ٿيو. کٽ تي ليٽيل، هڪ هٿ سيني تي، ساهه ڏاڍا تڪليف سان کڄي رهيا هئس، مان ۽ ٻيا دوست کيس انهيءَ اذيتناڪ حالت ۾ بيوسي وچان ڏسي رهيا هياسي، پر افضل جي اکين ۾ بي وسي نه هئي، ايئن لڳي رهيو هيو ڄڻ هو اسان کي اکين ئي اکين ۾ پنهنجو اهو چوسٽو ٻڌائي رهيو هجي:

دنيا جي غلط رسم ۽ رواج جي خلاف،
جنهن ۾ ملي نه حق، تنهن سماج جي خلاف
اديب احتجاج آ، هر ظلم جي خلاف،
لطيف جيئن مثال آ، هر ڏاڍ جي خلاف.


۱۳ مئي تي، جڏهن سندس جنازي کي ڪلهو ڏئي لاڙڪاڻي جي ابوبڪر مقام ڏانهن روانا ٿياسين ته ائين لڳو ڄڻ پنهنجي ئي وجود جي حصي کي دفن ڪرڻ ويندا هجون.


 

افضل قادري

محنت ڪش ۽ معزز دوست

منظور ڪوھيار

افسوس صد افسوس، منهنجي پس لفظ واري دعويٰ سچ ثابت نه ٿي سگھي جو افضل جي زندگي گذارڻ جو طريقو ماکي جي مک جهڙو هيو، صبح کان شام تائين مسلسل محنت ڪندو رهيو. افضل وٽنري اسسٽنٽ هيو. پگھار مان پورت نه پيس، ته آفيس ٽائيم کان پوءِ ايمپائر روڊ جي ڏاکڻي سري تي هڪ ننڍڙي ڪيبن کولي ان جي سامهون سائيڪلون رکي ڪرائي تي هلائيندو هيو، رنگن جو شاهه ڪاريگر به هيو. ضرورتون وڌي ويس ته موڪل ڪري رنگسازي به ڪندو هو. اڌ رات مڌ رات جو سڏ ٿئيس ته ڪنهن ڀاڳئي سان ڪچي ۾ وڃي سندس ڍورن جو علاج به ڪندو هو. حيرت ٿيندي هئي ته هي شخص شاعريءَ لاءِ ٽائيم ڪٿان ٿو آڻي. سو به جهڙي تهڙي شاعري نه، اندر ۾ وڍ وجھندڙ شاعري، گهرائي ۽ گيرائي رکندڙ، نزاڪت ۽ نفاست سان ڀرپور، خيال ۽ مقصديت سان سلهاڙيل.

سندس دوستيءَ جا اسير وري ايترا هيا، جو ڪهڙن جا نانءَ کڻي، ڪهڙن جا کڻجن. ڪي ذاتي، ڪي ادبي، ڪي سياسي، ڪي محنت ڪش. شام ٿيندي هئي ته لاڙڪاڻي جا نوجوان، پڪا ۽ پوڙها اديب، سياسي ڪارڪن ۽ مزدور سندس سائيڪلن جي ڪيبن تي اچي گڏ ٿيندا هئا. انهيءَ ڪيبن آڏو رکيل بينچن تي ايڏي ته ڪچهري لڳندي هئي، شايد ڪنهن اوطاقي جي اوطاق تي به نه. جنهن به ڏٺو ته  ايئن ڏٺو ته سندس هڪ هٿُ نوٽ بڪ تي سائيڪل جي ڪرائيدار جي نانءُ لکڻ ۾ مشغول ۽ ٻيو هٿُ ڀرسان واري هوٽل جي بيري کي آڱرين سان اشارا ڪري چانهه جي آرڊر ڏيڻ ۾ رُڌل. پوءِ چانهه جا اڌڙ پيا هلندا ها ۽ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي بحث پيا ٿيندا هيا. ايئن هڪ دفعي ڪچهري ۾ مست مگن ڏسي، ڪو شاهينگ سائيڪل به ڪاهي ويس. سائيڪل وڃايائين، نه وڃايائين ست سنگ ۽ ساءُ.

خودداري جو عالم اهو هئس جو هڪ دفعي مون کان اڍائي سؤ روپيا اهو چئي ورتائين ته مهيني اندر موٽائيندو. موٽائي نه سگھيو ته گھر آيو ۽ چيائين:

”ادا منظور پئسا نه ٿي سگھيا، مان چاهيان ٿو ته اوهان جي گھر کي رنگ ڏئي قرض لاهيان“

مون کيس چيو”يار نه ٿي سگھيا ته خير آهي، تون سنگت کان اڍائي سؤ روپيه به نه لهڻي ڇا!“

وراڻيائين “قرض طور تي ورتا هيم، ان ڪري ضرور لاهيندس“

منهنجي جاءِ کي ان وقت واقعي رنگ جي ضرورت هئي، هن شخص الائي ڪٿان مختلف رنگ آڻي منهنجي جاءِ کي رنگين ڪري ڇڏيو، ڪم پورو ڪري چيائين: ”ادا! راضي پازي؟“ مون وراڻيو: ”اڍائي سؤ کان ته ڪم وڌيڪ آهي، تنهنجو حساب مون ڏانهن ٿيندو.“ وراڻيائين: ”ادا! تنهنجي جاءِ جي هر ڪمري جو رنگ جدا آهي، معاف ڪجانءِ، جيڪي رنگ مون وٽ بچيل هئا، سي هنيا اٿم ان ڪري ڪم ست رنگي ٿي ويو آ.“

ڀاڪر پائيندي چيو مانس: ”افضل تو نه صرف منهنجي جاءِ کي، پر منهنجي دل کي به ست رنگي بڻائي ڇڏيو آهي.“

افضل جي اها خوبي يا خامي چئجي ته جذباتي به ڏاڍو هوندو هيو، 1977ع ۾ ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت شام جو ادبي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ روح رهاڻ جي آفيس ۾ رهي پوندا هئا، ملڪ آگاڻي جڏهن رات رهندو هيو ته افضل کي طبقاتي ويڙهه لاءِ سندرا ٻڌائي ڇڏيندو هيو. ان وقت ملڪ آگاڻي عوامي تحريڪ جو پرجوش ڪارڪن هيو. سندس ڳالهائڻ جو انداز نهايت سحرانگيز ۽ اثرانگيز هيو. هڪ رات جو افضل کي ڪو وڏيرڪي نظام ۽ وڏيرن جي خلاف ايڏو ڀڙڪائي ويو، جو ٻئي ڏينهن تي افضل بندوق ۽ ڪارتوس هٿ ڪري ڳوٺ آگاڻي پهتس ۽ ملڪ کي چيائين: ”مان وڌيڪ وڏيرن کي برداشت نه ٿو ڪري سگھان، ٻڌاءِ ته هاڻي ڪهڙي وڏيري کي ماريان!“

ملڪ آگاڻي اچي ڦاٿو ۽ کيس سمجھائڻ لڳو ته ”بابا ....! هيءَ وڏي ۽ گھڻ طرفي ويڙهاند آ، جنهن ۾ باقاعده رٿابندي ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آ وغيره.“ پر افضل قادري چيس،”ادا ملڪ! جڏهن اهو ويڙهاند جو وقت اچي ته ٻڌائجان، باقي وقت کان اڳي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي مڇرائيندو نه ڪر!“

بس ان ڏينهن کان پوءِ مجال جو ملڪ آگاڻي ان موضوع تي افضل سان ڳالهائي.

هڪ دفعي هميشه وانگر شام جو مون سميت، سنگت سندس سائيڪلن جي دوڪان تي پهتي ته دوڪان بند هيو. گھر پهچي، سڏ ڪيوسيس ته ٻاهر نڪتو. روح رهاڻ ادبي سنگت جي آفيس کولي ويهاريائين. پڇڻ تي دوڪان نه کولڻ جو سبب ٻڌايائين، ته”يار، حوال خير، اڄ زال کي ڪنهن ڳالھ تان ڪاوڙجي ڦوڙاٽي وهائي ڪڍي اٿم، سندس ٻانهن ڀڄي پئي آهي“

اهو ٻڌي سڄي سنگت ڀون! ڀون ڪري وٺي ويس، ته: “تون ڪهڙو ترقي پسند ۽ قوم پرست اديب آهين، جيڪو پنهنجي عورت تي هٿ کڻي ٿو، تون ته اهوئي ظالم ۽ وحشي آهين، اڳتي توسان نه ڳالهائبو“

اهو ٻڌي چيائين، “ڀائو، مونکي جي اها خبر هجي ها، ته اوهان سڀ منهنجي زال جا سڳا مائٽ آهيو، ته سنڌ جو قسم ته مان آڱر به نه لايانس ها. پر هاڻي ٻڌايو ته ڇا ڪيان؟“

“ڇا وري ڇا ڪرين، اُٿ ۽ ادي کي ڊاڪٽر يا ڪنڀر ڏانهن وٺي وڃ، هتي ڇو ويٺو آن؟“، سڀني تڙي پٽيس.

بس انهيءَ وقت اٿيو ۽ کيس ڪنڀر ڏانهن وٺي ويو ۽ پوءِ ٻي ڏينهن تي ٻڌايائين ته ”زال کان اهو چئي معافي ورتي اٿم، ته تون نڌڻڪي ناهين، هتي لاڙڪاڻي ۾ به تنهنجا کوڙ ڀائر ويٺا آهن، جن تڙيون پٽيون آهن.“

 

(ڪي ڪي ماڻھو وديا ساگر تان کنيل)


 

افضل قادري

هڪ ارڏو شخص ۽ مزاحمتي شاعر

فياض لطيف

ڌرتيءَ خاطر گيت لکيم جي

دل مان نڪتا چيري دل کي

واڪ انهن تي ڏيندو ڪير؟

باھ ڀلا هي وٺندو ڪير؟

افضل قادريءَ جو جنم ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ دودي سنهڙيءَ ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۴۱ع تي حافظ احمد رحمت الله قادريءَ جي گھر ۾ ٿيو. افضل جو خاندان بنيادي طور عالم ۽ دين سان چاھ رکندڙ هو. سندس والد ۽ ڏاڏو وڏا ديني عالم، ادب پرور ۽ علم جي بحر مان پيتل پرش هئا. افضل جو والد مدرس، فقه ۽ حديث جي ججھي ڄاڻ رکڻ کان علاوه بهترين پرائمري استاد پڻ هو. ديني ۽ دنوي علم سان دلچسپي رکڻ سان گڏوگڏ پاڻ لاڏي ۽ سهري جو سٺو شاعر به هو. پرائمري استاد مان ترقي ڪري هاءِ اسڪول جي عهدي تان رٽائر ڪندڙ هو بزرگ صفت حافظ رحمت الله پنهنجي معاشي وت کان وڏي ڪٽنب جو اڪيلو سنڀاليندڙ ۽ گھر جي لڏي کي هلائيندڙ هو. محدود وسائل ۽ لامحدود گھرجن واري دور ۾ سندس گھر جي معاشي حالت”آڻين ۽ چاڙهين”جي مصداق هئي، پر پوءِ به مفلسي ۽ تنگدستيءِ جي باوجود هن پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي. پنهنجي وڏي پٽ محمد ڪامل قادري (دبئي ۾ وٽنري آفيسر) کان وٺي محمد انور قادري (ريڊر ڊي ايس پي) ۽ افضل قادريءَ تائين سڀني کي چڱي تعليم ڏياريائين، پر افضل پنهنجي ارڏي ۽ هوڏي طبيعت ڪارڻ ڪائي اعلى تعليم حاصل ڪري نه سگھيو ۽ نه ئي ڪو سرڪاري اعلى منصب ماڻيو.

افضل ديني ۽ پرائمري تعليم پنهنجي والد کان پنهنجي ڳوٺ دودي سنهڙيءَ ۾ حاصل ڪئي. مڊل ۽ سيڪنڊري گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ ۱۹۶۲ع ڌاري سکر وٽنري ڪورس ڪرڻ ويو. افضل جيئن ته ننڍپڻ کان ئي انتهائي خود دار، جذباتي ۽ نڊر هو. ٻي جي سهاري بدران پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي يقين رکندو هو. هن پنهنجي جذباتي ۽ اٻهري طبيعت سبب پنهنجو تمام گھڻو نقصان ڪيو، ايتري تائين جو ٿوري گھرو معاشي پريشانين ۽ عدم سهائتا ڪارڻ هن ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ ئي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ وٽنريءَ جو ڪورس ئي سندس زندگيءَ جي آخري ڊگري ثابت ٿيو، ان کان پوءِ هو روزگار جي ڳولا ۾ لڳي ويو.

تعليم ڇڏڻ کان پوءِ افضل روزگار جي تلاش ۾ تمام گھڻو ڀٽڪيو. وڏين ڪرسين تي ويٺل آفيسرن کان وٺي ڳوٺ جي وڏيرن، شهري سيٺن ۽ سرمائيدارن تائين هن هر هڪ کي آزمائي ڏٺو، پر سواءِ آسرن ۽ ڪوڙي ڏٽن جي کيس ڪجھ ڪين مليو، ايترو سو ٿيو، جو هن کي انهن وڏي منصب تي فائز آفيسرن، دولتمند وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي مڪارين ۽ منافقين جو چڱو تجربو حاصل ٿيو. ان کان علاوه هن انهن دربدري جي ڏينهن دوران ٻهراڙيءَ جي چاڪي جي ڏاند وانگر زميندار جي قرض جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ هاري ۽ شهر جي ٽي بي ورتل مل مزدور جي ڪرب ناڪ موت جھڙي زندگيءَ جو انتهائي ويجھڙائي کان مشاهدو ماڻيو ۽ ان کان ڪافي متاثر پڻ ٿيو.

سڄي زندگي آ، صرف رات هڪڙي

نه گذري ٿي جيڪا، نڪي صبح ٿئي ٿو

هميشه اڱڻ تي، انڌيرن جو گھيرو

ديون جي اچ وڃ، ۽ چٻرن جو اڏرڻ

اکين سان ڏسان ٿو، ته ڏاڍو ڊڄان ٿو

پريشان آهيان ته ڪيئن رات ڪٽبي!

(ٻريا رنگ رتول، ص۷۴)

آخر ۱۵ آگسٽ ۱۹۶۲ع تي وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالن کان پوءِ افضل کي سکر جي جانورن جي اسپتال ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي، هن جي گھر جي اڌ اجھاڻل چلھ ۾ اميد جا ٽانڊا جرڪڻ لڳا. هن جي ٿڪل وجود ۽ مايوس احساسن ۾ هڪ نئين اتساھ ۽ آجپي جنم ورتو. هن نوڪري کي ٽوڪري نه، پر پنهنجي ٻچن جي روزي ۽ روٽيءَ جو ذريعو ۽ پنهنجو فرض سمجھي پاڻ پتوڙيو. ٿڌي ڪوسي، پيرين پيادو توڙي سائيڪل تي ڪوهين ڏور ڳوٺن ۽ وسندين ۾ بيمار ڍورن جي مسيحائي ۽ پنهنجي حلال روزيءَ جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.

هن ڪرپٽ، دقيانوسي ۽ روايت پرست سماج جو حصو بنجڻ واري زندگيءَ کان افضل قادري هميشه فاقن، مفلسي ۽ ڏکن واري، پر بااصول ۽ عزت نفس واري جياپي کي ترجيح ڏني، انهيءَ لاءِ هُن جاين کي رنگ ڪرڻ، ٻيڙين جي مانڊڙي ۽ ڪِرائي تي سائيڪلون هلائڻ کان وٺي مال جي مسيحائي تائين جا پورهيا ڪيا، پر ڪڏهن به ڪنهن اڳيان جھُڪيو نه، ۽ نه ئي وري ڪنهن مفاد جي خاطر پنهنجي اصولن جو سودو ڪيائين. ۱۹۶۴ع ۾ افضل جي بدلي مديجي ٿي، جتي ڪجھ عرصو رهڻ کان پوءِ ۱۹۶۷ع ۾ جيڪب آباد ۽ چڪ ڀرڪڻ جي اسپتالن ۾ کيس رکيو ويو. ۱۹۶۸ع ۾ سندس ٽرانسفر لاڙڪاڻي ٿي ۽ هو پنهنجي ڪٽنب سميت اچي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو.

افضل قادري غريب ۽ مفلس ضرور هو، پر مصلحت پسند ۽ ڪنهن اڳيان جھڪڻ وارو نه هو، ان جي گواهي سندس مخالف به ڏيندا، ته هو انتهائي خود دار ۽ بي ڊپو شخص ۽ شاعر هو. افضل جو ننڍپڻ ڳوٺ دودي سنهڙي جي خوبصورت ۽ فطرت جي رنگينين سان مالا مال ماحول ۽ علم دوست خاندان جي اثر ۽ صحبت ۾ گذريو ۽ جواني شهر جي تنگ ڳلين ۽ اجنبي پيچرن تي مختلف سمتن ۾ سفر ڪندي. هن جانورن جي اسپتال ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ ۽ ان سان گڏوگڏ رنگ ساز هئڻ جي ناتي ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن جون مسافتون ڪيون. ان اڻانگي پنڌن ۽ پيچرن جي مسافتن ۾ کيس انيڪ تجربا ۽ مشاهدا نصيب ٿيا. جيون سفر ۾ کيس ڪيترا ئي ٻاهر ملان اندر ۾ ابليس، پُرماري، پورهيت جو خون پياڪ استحصالي به مليا، ته حقيقي هڏ ڏوکي، همدرد ۽ زخمن تي محبت جي مرهم جا پها رکندڙ پُر خلوص ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو به. افضل هڪ حسينا سان جنوني عشق به ڪيو، پر ان جي ٻاڦ ڪنهن عام کي نه ڏني. اندر ئي اندر ۾ ان مه جبين جي پيار جا پور پچائيندو ۽ سور سانڍيندو رهيو. استحصالي طبقي خلاف شديد نفرت ۽ هڪ حسينا جي محبت جي اڻ جھل جذبي افضل کي شاعر بڻايو ۽ شاعري وري کيس مظلوم ۽ پيڙيل طبقي سان سلهاڙي، انهن جي حق جي آواز جو طرفدار بڻائي ڇڏيو.

ڪارو، ڀورو، کتري، شودر

هر هڪ انسان آهي برابر

ذات پات ۽ ننڍ وڏائي

ڪوڙو چڪر آهي اجائي

تون ڀي انسان مان ڀي انسان. . .

ڪوڙين رسمن کان منهن موڙي

پيار ڪيون انسانيت سان

هر ڪاري ڀوري ماڻهوءَ سان

هر کتريءَ سان هر شودر سان

ڪنهن امن جي حامي حبشيءَ سان

(ٻريا رنگ رتول، ص۹۲)

ڪرسٽومارلي جو چوڻ آهي ته،”هر دل ۾ هڪ ڊيل لڪل هوندي آهي، جيڪا صرف خوبصورتيءَ جي لهرن تي رقص ڪندي آهي”۽ افضل جي مور جھڙي من ۾ لڪل ڪوتا جي ڊيل، محبت جي هڪ نفيس ڇهاءَ سان لفظن جي حسين لهرن تي رقص شروع ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي سندس نوٽ بوڪ جا پنا پوپٽ جي رنگن جھڙي سهڻي شعرن سان ڀرجندا ويا. افضل جون ابتدائي تخليقون روايتي رومانوي رنگ ۾ رڱيل نظر اچن ٿيون، پر جڏهن هُن لاڙڪاڻي جي ادبي ۽ تنقيدي تنظيم،”روح رهاڻ ادبي سنگت”جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ باقاعدي اچڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس اندازِ بيان ۽ تخيل ۾ تخليقي پختگي سان گڏ اظهار ۾ جرئت ۽ مزاحمت جو عنصر پڻ عيان ٿيو، جنهن کيس”مظلومن جي طرفدار ۽ مزاحمتي شاعر”جي نئين شناخت عطا ڪئي.

افضل قادري جذباتي ۽ جوشيلي هجڻ سبب، ابتدائي ڏينهن م پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو ڪک به برداشت نه ڪندو هو ۽ هر نقاد تي ڪاٽڪو بڻجي ڪڙڪي پوندو هو، ايتري تائين جو لقمان حڪيم جھڙِي ڪهنه مشق شاعر ۽ شاعري جي بحر وزن جي ڄاڻو کي به نه بخشيائين. چون ٿا ته هڪ گڏجاڻيءَ ۾ افضل غزل پڙهيو، جنهن تي ٻين اديبن سان گڏ لقمان حڪيم پڻ چڱي تنقيد ڪئي. افضل ان وقت ته زهر جو ڍڪ پي ويو، پر ٻي ڏينهن سائيڪل جي هينڊل ۾ چمڪندڙ ڪهاڙي ٽنگي وڃي لقمان جي دوڪان تي لٿو ۽ پنهنجو ساڳيو غزل لقمان کي ڏئي چيائين ته ان کي درست ڪري ڏي. لقمان حڪيم عقلمند ماڻهو هو، جنهن معاملي جي نزاڪت کي سمجھي ورتو. ٻه ٽي ڀيرا غزل کي پڙهڻ کان پوءِ اهو افضل کي واپس ڪندي چيائين، يار! غزل ته انتهائي خوبصورت ۽ ڀرڀور آهي، بحر وزن ۾ به پورو آهي، ڪلھ رات شايد مان غزل پوريءَ طور پڙهي ۽ سمجھي نه سگھيو هوس، ان ڪري راءِ ڏيڻ ۾ غلطي ٿي وئي هوندي.

افضل جي جذباتي ۽ ارڏي طبيعت جي حوالي سان سندس دوست ۽ سنڌ جو خوبصورت ڪهاڻيڪار رزاق مهر لکي ٿو ته،”افضل اوائلي زماني ۾ اهڙي زندگي گذاريندو هو، جنهن ۾ ضد، ارڏائي ۽ ڪاوڙ گھڻي هئي. تن ڏينهن ۾ هو بندوق جو نشانو وٺي جيئري پکين جا ساھ قبض ڪندو هو ۽ ماڻهن ڏانهن به هن جو رويو سخت ۽ اڻ سهائيندڙ هوندو هو. شروع واري ڏينهن ۾ جڏهن هن سان ملڻ ٿيندو هو، ته پاڻ تي ضبط ڪري هن سان ڪچهري ڪرڻي پوندي هئي. افضل جو اهو روپ جيترو رکو ۽ ترش هو، پوئين زماني ۾ هن جو ٻيو روپ ان جي برعڪس هو. مان هن جي محبتن ۾ شريڪ رهيو آهيان، هو انتهائي پُرخلوص ۽ محبتي ماڻهو هو”(ماهوار”ڪونج”، مئي ۱۹۹۴)

وقت سان گڏ افضل جي سوچ، فهم، تجربي، مطالعي ۽ مشاهدي ۾ وسعت پيدا ٿي ۽ هن جي خيال جي ٽاريءَ تي فڪر ۽ فن جا نوان گونچ ۽ گل ٽڙيا، جن جي سڳنڌ ماحول کي معطر ڪيو. اڳتي هلي افضل جي اٻهري جذبات جي ڀڙڪندڙ باھ جھڙن روين تي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي پاڻيءَ جا ٿڌا ڇنڊا پيا. سندس تخليقن ۾ پختگي آئي ۽ هو تنقيد جي حقيقي مفهوم کان پڻ آشنا ٿيو، جنهن ڪري سندس شاعري کي نيون وسعتون ۽ موضوعاتي ندرتون نصيب ٿيون. افضل جي شعور ۽ تخيل ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي محبت جا رنگ رچي ريٽا ٿيا. هن جي شاعري مان روايتي موضوع جھڙوڪ گل ۽ بلبل، مسي ۽ مساڳ، نرگس ۽ سوسن، فارسي زدھ ترڪيبون، تشبيهون، استعارا ۽ لفظي تصنع ۽ تڪلفات جھڙيون شيون غائب ٿيڻ لڳيون ۽ ان جي جاءِ تي پسون ۽ پيرون، ملير ۽ مارون، انهن جا مسئلا، مزدور ۽ هاريءَ جي مفلسي، وڏيري ۽ سرمائيدار جو جبر ۽ استبداد جھڙا موضوع سندس شاعريءَ جو موضوع بڻيا ۽ هن جي شاعري مان مٽي جي خوشبو ۽ پورهيت جو پگھر جو واس اچڻ لڳو.

افضل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي شاعراڻي سفر ۽ ان جي حقيقي سمجھ بوجھ جي حوالي سان چوي ٿو،”مون لکڻ جي جيڪا ابتدا ڪئي، اها اهڙي هئي، جنهن کي اڄ جڏهن ڏسان ٿو ته حيرت ٿي ٿئي. جڏهن مون کي ادب جي ڪارج ۽ ان جي وقعت جي پروڙ پئي، تڏهن مون روايتي ۽ اجائي لفاظيءَ کي ترڪ ڪري، زندگي ۽ ان سچائين کي پنهنجي شاعري جي اظهار جو ذريعو بڻايو. منهنجي نظر ۾ شاعري اها آهي، جنهن ۾ انسان ذات جي اهنجن ۽ سورن سان گڏوگڏ ظالم ۽ مفاد پرست ٽولي کي نفرت جو نشانو بڻائي عوام جي راءِ جي اظهار جو رستو هموار ڪيو وڃي”( ماهوار”هزار داستان”، مارچ ۱۹۹۲)

افضل قادري شاعريءَ جي تخليق جي ابتدائي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ جنهن موڙ جي گس تي پنهنجي اظهار ۽ آواز جا پير ڌريا، اهو گس فلسطين جي محمود درويش کان وٺي چلي جي پئبلونرودا ۽ روس جي مينڊل اسٽام تائين جي سرجڻهارن ۽ باغين جو گس آهي، جنهن جي منزل امن، شانتي، پيار، محبت ۽ آزادي آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ افضل آخري پساهن تائين پنهنجي قلم ۽ علم ذريعي استحصالي قوتن سان جھِيڙيندو رهيو.

انساني قدرن جا قاتل چنگيزي

چوڏهين سن جا، جابر ۽ آمر هلاڪو

امن اڄ اوهان کان تقاضا ڪري ٿو

ته توبن کي روڪيو ۽ ٽئنڪن کي روڪيو

تشدد نه گھرجي، تشدد کي روڪيو. . .!

(ٻريا رنگ رتول، ص۸۶)

افضل، زندگيءَ جو وڏو عرصو مفلسيءَ ۾ گذاريو، پر پنهنجن اصولن ۽ آدرشن تان ڪڏهن به دست بردار نه ٿيو. هو آخر تائين”ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان”جي سچائيءَ تي عمل پيرا رهيو، ايتري تائين جو پوين ڏينهن ۾ جڏهن ڪينسر جو موذي مرض سندس وجود کي وڪوڙي ويو، تڏهن به پنهنجي همت ۽ ثابت قدميءَ سان ان کي منهن ڏنائين. جيڪو سندس هڙ ۾ هو، لاتائين، پر ڪنهن اڳيان جھول نه جھليائين. توڙي جو اديب دوستن حڪومت کان سندس سهائتا جا مطالبا به ڪيا، پر هن پاڻ ڪڏهن پنهنجي بيماريءَ کي اشتهار بڻائي، ڪنهن جون کوکليون ۽ سستيون همدريون حاصل نه ڪيون.

ڪينسر جھڙي اذيتناڪ مرض سان ڪافي عرصي تائين جھيڙيندي آخرڪار ۱۲ مئي ۱۹۹۰ع تي افضل قادري جي ساھ جي تند ٽٽي پئي ۽ هو ۴۸ ورهين جي عمر ۾ اسان کان وڇڙي اڻ ڏٺي ڏيھ ڏانهن هميشه لاءِ هليو ويو. هن سوڳوارن ۾ سوين دوستن کان سواءِ هڪ بيوھ، چار پٽ، ٽي نياڻيون، هڪ ڇپيل ڪوتا ڪتاب،”ٻريا رنگ رتول”، هڪ اڻ ڇپيل مجموعو”احتجاج”۽ ٻيون ڪيتريون ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل تحريرون ۽ اڻ ڇپيل تخليقون پويان ڇڏيون. افضل قادري سدا بهار شخصيت جو مالڪ، سون غمن، ڏکن ۽ مايوسين باوجود هر دوست سان مُرڪي ملندڙ ماڻهو، پنهنجن نيڻن ۾ لڙڪ لڪائي، ٻين جي ڳلن تان پنهنجي پيار ۽ پاٻوھ جي پاند سان لڙڪ اگھندڙ، پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچو شخص ۽ سراپا سرڪش شاعر هو.

افضل عمر ڀر محنت ۽ مزدوري ڪئي. هن سدائين شان ۽ مانَ جي جياپي کي مُلهائتو سمجھي اوليت ڏني. ڪڏهن به سون تي سيڻ نه مٽايائين. هُن دنيا ۾ ڪائي دولت ۽ ملڪيت ڪونه ميڙي، پر زندگي ڀر دل جي مزدوري ڪري هن شاعريءَ جي دولت سان پنهنجي من کي ريجھايو ۽ دنيا کي پڻ دل جي اها دولت بنا ڪنهن غرض ۽ اُجوري جي، آڇي ۽ ارپي آهي. هو اڄ جي ڪيترن ئي سرڪاري ۽ درٻاري اديبن وانگر ڌمالي ۽ جي حضوري ڪندڙ قلمڪار ۽ ليکڪ نه هو، پر غيور ۽ نڊر شاعر هو، انهيءَ ڪري جڏهن هو زنده هو، تڏهن به نظر انداز رهيو ۽ جڏهن هي جهان ڇڏي ويو آهي، تڏهن به سندس ڪو ورسي ملهائڻ وارو به ڪونهي. 

No comments:

راءِ ڏيندا