; سنڌي شخصيتون: ملڪ آگاڻي

11 December, 2012

ملڪ آگاڻي

ملڪ آگاڻي

ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ

مير نادر علي ابڙو



سونهاري سنڌ انيڪ موتين جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن مختلف شعبن ۾ نمايان ڪم سرانجام ڏيئي سنڌ ماتا جي مٽيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي ته سمورو سُون آهي پر جي رڳو فقط لاڙڪاڻي تي ئي هڪ نظر وجهبي ته لاڙڪاڻو ڪنهن به طرح سان سنڌ جي ٻين ضلعن کان شخصيات جي حوالي کان پٺتي نظر ڪونه ايندو پوءِ ڀلي سياست هجي، ادب هجي، مذهب هجي يا سماجي ڪمن جو سلسلو هجي. لاڙڪاڻي جي قدرت ڪا مٽي ئي اونچي ٺاهي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، ڪامريڊ نظير حسين جتوئي. مولانا جان محمد عباسي، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۽ رئيس جان محمد جوڻيجو ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا انسان جن پنهنجون سڄي جون سڄيون ئي حياتيون عوام جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون.


اهڙن ئي ڀلارن انسانن منجهان هڪ ڀلارو انسان هو (محمد صفر عرف) ملڪ آگاڻي. هاري جو پٽ هو. هن لاڙڪاڻي جي مشهور ادبي ڳوٺ آگاڻي ۾ هڪ غريب هاري جي ڪکائين گهر ۾ پهرين جنوري ۱۹۴۹ع ۾ اک کولي. جيئن ته هي غريب گهراڻي جو فرد هو، تنهن ڪري ئي هن اسان جي معاشري کي ۽ زندگيءَ کي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو. پرائمري تعليم ته پنهنجي  ڳوٺڙي مان ئي حاصل ڪيائين، وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد پيغمبري پيشو ماستري اختيار ڪيائين ۽ پرائمري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. جيئن ته آگاڻي کي قدرت طرفان ئي شاعري جي ڏات پڻ مليل هئي تنهن ڪري ئي ۱۹۷۲ع ڌاري کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس لکڻ جو انداز ڏاڍو ئي پيارو هو سندس لکڻ ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جو نقش چٽو ۽ نمايان هوندو هو.

آگاڻي سنڌ جي وڏيرن جاگيردارن ۽ سردارن جي خلاف هو. جيڪو هڪ شاعر ۽ اديب کي هجڻ به گهرجي. آگاڻي سنڌ جي معاشي خصوصن ڳوٺن جو ترجمان هو. سندس شاعري ۾ ’سر ڪيڏارو‘ مشهوري ماڻي.

ملڪ آگاڻي سان توڙي جو منهنجو ڪو گهاٽو دوستاڻو رشتو نه به هو، تڏهن به هو جڏهن به ملندو هوته وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان ڪچهري ڪندو هو. اها منهنجي بدقسمتي هئي جو منهنجون ساڻس گهڻيون ڪچهريون وغيره ڪونه ٿي سگهيون پر سنڌ جي وڏي ادبي درگاهه ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي اوطاق تي هو ايندو هو جتي هن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. سندس گهرو دوست ڪيهر شوڪت جيڪو سندس ڳوٺائي به هو. سو به اڪثر ساڻس گڏ هوندو هو.

آگاڻي جو هڪ ناول “نيروليءَ جو ڪن” لکيو، جيڪو پڻ ڪافي مشهور ٿيو. ويجھڙ ۾ سندس ٻيو ناول “سج جا پاڇا” پڻ شايع ٿيئي، مقبوليت ماڻي رهيو آهي، هن ڪافي ڪهاڻيون لکيون ۽ کوڙ سارا ڊراما پڻ لکيا، جيڪي پاڪستان ٽيليويزن تان  ڏيکاريا ويا.

آگاڻي سياست ۾ به ڪافي سٺو ڪردار ادا ڪيو. شهيد فاضل راهو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي سان تمام گهڻو ويجهو رهيو. سياست جي شوق ڪافي دفعا جيل  ۾ به اماڻيس. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن ڳوٺ ۾ ئي فلاحي تنظيم ڳوٺ سڌار ڪاميٽي پڻ ٺاهي. هو غريب، مسڪين، اٻوجهه ۽ پيرين اگهاڙن ماروئڙن جي انهي تنظيم ذريعي مدد ڪرڻ جو حامي ٿي رهيو. شايد اهو عملي ڪم علائقي جي روايتي وڏيرن کي ڪو نه پئي وڻيو جو سندس پٽ تنوير ۽ کيس اهڙي نموني سان شهيد ڪيو ويو جو اهو سوچيندي اسان جا لڱ ڪانڊار جي وڃن ٿا.

اڄ ملڪ آگاڻي اسان جي وچ ۾ ڪونه رهيو آهي پر هن جي شهادت هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندي. هن جون لکڻيون ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار وارو عملي ڪم هن کي سنڌ جي تاريخ ۾ سانڍيندا رهندا.

 

(عوامي آواز، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سچ، هلچل، سنڌو، عبرت، تعمير سنڌ)


 

ملڪ آگاڻي

ننگر چنا

منھنجي لاءِ ملڪ آگاڻيءَ تي لکڻ هڪ لحاظ کان سوکو آهي ٽه ٻئي لحاظ کان اوکو. سوکو هن ريت ته روايتي طريقي سان ملڪ آگاڻيءَ جي ڪھاڻين تي لکان. انهن جا مرڪزي خيالَ، انهن جي ڪلائيمڪس ۽ اينٽي ڪلائيمڪس تي. انهن جي ڪردار نگاري، ٻولي ۽ ٻين فني پاسن تي. جان وري سندس ڪھاڻين جي فڪري پھچ تي. اوکو هن ريت آهي ته سندس ڪھاڻين جي سنڌيءَ جي سيبتن ڪھاڻيڪارن سان ڀيٽ ڪجي جان وري پنجابي، هندي، تَمل، دري، عربي، گجراتي ۽ پشتو ڪھاڻيءَ سان ڀيٽ ڪجي. اهڙا تحقيقي ڪم ڪرڻ جو سنڌيءَ ۾ اڃا تائين ڪو رواج ڪونهي ۽ نه وري ڪو ويجهي آئيندي ۾ نظر اچي ٿو.

ٽيون مطالعاتي پاسو فڪري تحريڪن جي اثر هيٺ ڪري سگهجي ٿو. هڪ وڏو ڪينواس ته نوآبادياتي ۽ بعد نوآبادياتي پس منظر جو آهي. نفسياتي تنقيد، سماجي تنقيد، مارڪسي تنقيد، سماجي حقيقت نگاري واري تنقيد سميت اڻ ڳڻين نظرين هيٺ اڀياس ڪرڻ به هڪڙو طريقو آهي.

ملڪ آگاڻي جي ڇپيل ڪھاڻين جا ٻه ڪتاب هڪ اڳ ۾ “لڄارو عشق” جي نالي سان ۽ ٻيو هي، “وڃايل راهون” آهي جيڪي پڙهندڙن جي اڳيان آهن. سندس ٻه ناول،“نيروليءَ جو ڪُن” ۽ “سج جا پاڇا” ڇپيل آهن. “نيروليءَ جو ڪُن” پنھنجي طرز جو نيارو ناول آهي .ان ناول ۾ جتي اسان جي هڪ دور جي سياسي عمل تي، سياسي ڳنڍي ڇوڙائپ تي، سياست جي نالي ۾ ٿيل ڪلور تي تنقيد ڪئي وئي آهي، اُتي ٻن اهڙن رشتن جي وچ ۾ عشق ڏيکاريو ويو آهي، جن جي وچ ۾ ٿيڻ عام آهي. ملڪ آگاڻي جي ان ناول تي اُنَ  دور ۾ ٿيل تنقيد ۾ سياسي ساڙُ گهڻو هو پر ادبي تنقيد گهٽ. ملڪ آگاڻيءَ پنھنجي ان ناول جي باري ۾ پاڻ لکي ٿو، “۽ پوءِ جڏهن اڳتي هلي “نيروليءَ جو ڪن” ناول معجزاتي طور تي ٻن ڳالهين کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو، ته همراهن جون وايون بتال ٿي ويون، پھرين اها ته سنڌ ۾ قومي سياست انتشار جو شڪار رهي. قومي ۽ کاٻي ڌر جون جماعتون پنھنجي منطقي انجام کي پھچي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويون ۽ ٻيو ته بين الاقوامي طور تي اشتراڪيت جو زوال عمل ۾ آيو.”

“۽ پوءِ سنڌي ادب ۾ سياستدانن جي ڪردار تي زبردست تنقيد ٿيڻ لڳي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ گلف هوٽل لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل ڪھاڻي ويھڪ ۾ “نيروليءَ جو ڪن” جي اثر جو اعتراف ڪندي پنھنجي ڪھاڻي “انقلابي جو موت” لکي، جنھن ۾ ڪميونسٽن جي ڪردار تي سخت تنقيد ٿيل هئي.”

(ڪجهه رنگ “نيروليءَ جو ڪن” جا، لکڻي: ملڪ آگاڻي، صفحو نمبر ۵ ۽ ۶، ڪتاب “سج جا پاڇا، ۲۰۰۵ع، ڪنول پبليڪيشن. )

سندس ٻيو ناول “سج جا پاڇا” سنڌي قوم جي وير گاٿا آهي، جنھن ۾ بقول ملڪ آگاڻيءَ جي، “ظلم، جبر،لاچاريون، مجبوريون، بيوسيون، بي ڪسيون، فتحون ۽ شڪستون سمايل آهن ته وڏيرڪي راڄ ۾ ماڻهو ڪيئن نه بيوس، لاچار ۽ مجبور آهي.” هن “ناول ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، نفسياتي ۽ نظرياتي نقطن کي به بيان ڪيو ويو آهي. جن سان اڄ جو سنڌي ماڻهو منھن مقابل آهي. سنڌي قوم جون ڪي موروثي ڪمزوريون ۽ هڪ انقلابي نعري پٺيان شيطاني قوتن جي ڪٺي ٿيڻ وارا خيال به سمايل آهن. “سج جا پاڇا” ۾ اقتدار جي تبديلي کان پراڻين تھذيبن جي ڊهڻ ۽ نين تھذيبن جي ٺھڻ جا  ڪي خيال به سمايل آهن.”

ملڪ آگاڻي جي ڪھاڻي ڪتاب "وڃايل راھون" جي مھاڳ مان هڪ ٽڪرو.

 

ننگر چنا جي ”ننگر چنا جون لکيتون“ فيسبڪ پيج تان ۱۴ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



ملڪ آگاڻي

سَدا بهار ليکڪ

امام راشدي

لاڙڪاڻي ضلعي جو هڪ ڳوٺ ”آگاڻي“ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. انهيءَ ڳوٺ ۾ ۱۲ نومبر ۲۰۰۲ع تي سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نويس ملڪ آگاڻي کي گولي هڻي ماريو ويو هو. ملڪ آگاڻي ٻيو سنڌي ڪهاڻيڪار هو جيڪو گوليءَ جو نشانو بڻيو. ان کان اڳ نسيم کرل جهڙي عظيم ڪهاڻيڪار کي گوليءَ جو کاڄ بڻايو ويو هو. نسيم کرل ۽ ملڪ آگاڻي ٻئي قبائلي جهيڙن جي وَرِ چڙهي ويا ۽ ٻئي شهيد ٿي ويا.

ملڪ آگاڻي پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي قبيلي جو اُهڃاڻ هيو. پنهنجي قبيلي ۾ سندس چڱي خاصي اهميت هئي ڇو ته هُو هڪ نظرياتي ماڻهو هو ۽ سنڌ جو سرمايو هو. وڏيرڪي سماج سان مهاڏو اٽڪائڻ جي کيس ايتري ڳَرِي سزا ڏني وئي جو سندس وجود ئي ختم ڪيو ويو. ملڪ آگاڻي هاڻي هِن دنيا ۾ ناهي رهيو پر مُئو به ناهي. شهيد ۽ قلمڪار مرندا ناهن!

آگاڻي ڳوٺ ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت، نثار آگاڻي، منور ڪيهر، جبار ڪيهر ۽ رجب آگاڻيءَ جي حوالي سان ادبي دنيا ۾ نشانبر آهن. هي ڳوٺ دادو ڪئنال ۽ سنڌو درياءَ جي وچ ۾ آباد آهي. زيتونن جي باغنن ۾ گهيريل هي ڳوٺ سياسي، سماجي ۽ نظرياتي ماڻهن سبب الڳ شهرت جو مالڪ آهي ۽ متحرڪ ماڻهن وارو ڳوٺ آهي. پر افسوس جو ڳوٺ وارن اهڙن ماڻهن جو قدر گهٽ ڪيو.

ملڪ آگاڻيءَ جهڙا ليکڪ سماج جا خيرخواه، بي ضرر ۽ معاشرن جا سَنواريندڙ هوندا آهن. ملڪ آگاڻي پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ذريعي سماج مان گندگي صاف ڪرڻ پئي گهري پر هُو پاڻ انهيءَ گندي سماج جو بکُ بڻجي ويو. سندس ڪهاڻيون ڳوٺاڻي ماحول جي پسمنظر ۾ لکيل آهن. ناول ۽ ڊراما به اهي ئي عڪس ۽ اولڙا پيش ڪن ٿا. پاڻ ناول توڙي ڪهاڻيءَ ۾ ٻولي لاجواب ۽ نج ٻهراڙيءَ واري ڪتب آڻيندو هو. هُو نرالي شخصت جو مالڪ هو. خوبصورت لهجي وارو باخبر ليکڪ هو. بي باڪ ماڻهو هو تنهنڪري اجائي ساراهه نه ڪندو هو. جڏهن ملڪ آگاڻيءَ جي ناول ”نيروليءَ جو ڪُن“ جي اشاعت ٿي تڏهن انهيءَ ناول اديبن کي مڇرائي وڌو هو. لاڙڪاڻي ۾ ان ناول جي مهورتي تقريب ۾ اديبن ۽ شاعرن جيڪا گوهر افشاني ڪئي هئي ان مان صاف ظاهر هيو ته اديبن ڄاڻي واڻي ملڪ آگاڻيءَ کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو. ان کانپوءِ سندس ناول کي وڏي پذيرائي ملي.

ملڪ آگاڻي بي ادب ۽ اٻوجهه سماج جو هڪ اهڙو فرد هو جيڪو آئيڊيل سماج جو خواهان هو. اهڙي طرح اهو سماج هِن کي بچائي نه سگهيو. ڳوٺ هن جي حفاظت نه ڪري سگهيو.

ادب کيس پناهه نه ڏني ۽ سنڌ به کيس تحفظ فراهم نه ڪيو. جيڪو اديب معاشري جو ترجمان بڻجي ۽ مظلوم جي پاسداري ڪري ظلم خلاف جهاد ڪري ٿو ته ان کي ڳَري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.

هٿيار کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار قلم آهي ۽ قلم هلائڻ به چڱي ڀلي ليکڪ جو ڪم آهي. قلم انقلاب آڻيندو آهي. معاشرن جي زوال پذيريءَ ۾ قلم اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ملڪ آگاڻيءَ جو وڏي ۾ وڏو هٿيار به قلم ئي هيو. وري حقيقي هٿيار به پاڻ سان رکندو هو. هڪڙو هٿيار هٿ ۾ ٻيو هٿيار کيسي ۾! کيسي وارو هٿيار (قلم) معاشري جي سَنوار لاءِ هلائيندو هو ۽ هٿ واري هٿيار سان پنهنجو تحفظ ڪندو هو. اهڙيءَ ريت ٻئي هٿيار سندس ڪو بچاءُ ڪري نه سگهيا.

ملڪ آگاڻيءَ جو اصل نالو محمد صفر آگاڻي هو. هُو پهرين جنوري ۱۹۵۱ع تي ڳوٺ آگاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان پرايائين. ثانوي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ورتائين ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. لکڻ جي شروعات ۱۹۷۲ع کان ڪيائين. پاڻ لاتعداد ڪهاڻيون، ڊراما ۽ ناول لکيائين. سندس ڪتابن ۾ نيروليءَ جو ڪُن، سج جا پاڇا ۽ سُوريءَ سڏ ٿيو مشهور آهن. جڏهن ته ٽي ناوليٽ به لکيائين. ملڪ آگاڻي عوامي تحريڪ سان وابسته رهيو ۽ رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو سان گڏجي ڪم ڪيائين. پاڻ شاعري به ڪندو هو. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو ۽ کُلي دل سان راءِ جو اظهار ڪندو رهيو. ملڪ آگاڻي سنڌ جو وڏو ليکڪ هو ڪيهر شوڪت، رزاق مهر ۽ ملڪ آگاڻي لاڙڪاڻي جا ٽه مورتي ليکڪ هيا جن تي سنڌ کي سدائين فخر رهندو.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۷ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا