عبدالحميد
خان جتوئي
سنڌ جو
ارڏو قومپرست
مير نادر علي ابڙو
عبدالحميد
خان جتوئي سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۹۷ع ڌاري ٿي، جڏهن منهنجي پوسٽنگ بحيثيت ايڊيشنل سرڪل
آفيسر اينٽي ڪرپشن دادو ٿي ته مان عبدالحميد خان جتوئي سان ملڻ سندس ڳوٺ ٻيٽو
جتوئي ويندو هئس، حالانڪه ساڻس منهنجون ملاقاتون بلڪل مختصر رهيون پر حياتي ۾ جن
سنڌ جي وڏين وڏين شخصيتن مونکي ڪچهرين ۾ متاثر ڪيو، جتوئي صاحب به انهن مان هڪ
شخصيت هئو، سندس ڪچهري ۾ وڏو مزو ۽ لطف ايندو هيو، عبدالحميد خان جتوئي منهنجي
والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو دوست هئو.
عبدالحميد
خان جتوئي پنهنجي ڪچهرين ۾ مونکي بابا سائين جون ڳالهيون به ٻڌائيندو هو، حقيقت ۾
هو پنهنجي سر پاڻ هڪ انجمن ۽ ادارو هيو، سنڌ جي هن ارڏي قومپرست، سنڌ پرست
سياستدان سياست جي باقاعده شروعات ۱۹۴۰ع ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان ڪئي، هو پاڪستان جي
آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ جواهر لعل نهرو جي ميهڙ اچڻ تي سندس خلاف سخت
نعري بازي ڪئي، ۵۳_۱۹۵۲ع دوران پاڪستان جي پهرين قانون سازي اسيمبلي جو ميمبر
چونڊيو ويو ۽ ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪري سڄي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي، هو ۱۹۵۴ع ۾ مسلم ليگ مان ڌار ٿي ويو ۽ ۱۹۵۶ع ۾ دادو ضلعي مان ۶ جي
پينل تان اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ويو جڏهن ته ايوب خان جي مارشل لا بعد ۱۹۶۲ع ۾ ڪنوينشن مسلم ليگ جي
پليٽ فارم تان ايم اين اي چونڊيو، ۱۹۶۵ع وارين چونڊن ۾ جڏهن دادو ضلعو هڪ تڪ هو ته ان وقت جي
ايم سيد جي پٽ سيد امداد محمد شاهه جي مقابلي ۾ بيٺو، جنهن کانپوءِ ذوالفقار علي
ڀٽو جي خالي ڪيل سيٽ تي، لاڙڪاڻي واري تڪ تي سردار پير بخش ڀٽو جي مقابلي ۾ بيٺو ۽
هارائي ويو.
۱۹۶۷ع ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پ پ ٺاهي ته پارٽي ۾
شموليت اختيار ڪيائين ۽ ۱۹۷۰ع
وارين چونڊن ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان ڪامياب ٿيو، ان وقت هن جو ذوالفقار علي ڀُٽي
جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيندو هو، ذوالفقار علي ڀُٽي کيس اولهه پاڪستان ڊولپمينٽ
ڪاميٽي جو چيئرمين به مقرر ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪن ڳالهين تان شهيد ذوالفقار علي
ڀُٽي سان سندس اختلاف ٿي پيا، ۱۹۷۳ع ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي آئين ٺاهيو ته صوبن کي
خودمختياري نه ملڻ ۽ قومن کي نه مڃڻ ڪري هن ۱۹۷۳ع واري آئين تي صحيح نه ڪئي، هو سنڌ جو پهريون اهڙو
اڳواڻ هو، جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙي شخصيت جي به مخالفت ڪئي، ۱۹۷۳ع واري سال ۾ کيس جيل به وڃڻو پيو، ۱۹۷۶ع واري اليڪشن ۾ پ پ سندس وڏي پٽ لياقت علي جتوئي کي ايم
اين اي جي سيٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏني، سندس ڪاميابي کان پوءِ عبدالحميد خان جتوئي سياست
تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو پر بعد ۾ دوستن ۽ عوام جي اسرار تي اهڙو فيصلو واپس
ورتائين، ضياءَ جي مارشل لا دوران سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ ضياءَ جي پاليسين جي مخالفت سبب ۱۹۸۹ع ۾ جيل به ويو.
۱۹۸۵ع ۾ جڏهن غير جماعتي چونڊون ٿيون ته هو وري ايم اين اي
چونڊيو ويو ۽ مخالف ڌر ۾ ويٺو، اسيمبلي ۾ هن ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي ۽ ڪالاباغ ڊيم معاملي
تي ڀرپور آواز اٿاريو. ۱۹۸۸ع
۾ عبدالحميد خان جتوئي سنڌ قومي اتحاد جي پيلٽ فارم تان پ پ جي رفيق مهيسر جي
مقابلي ۾ بيٺو، جڏهن ۱۹۹۷ع
۾ پ پ جي رفيق مهيسر کان چونڊ کٽيائين، ان وقت پٽ جي وڏي وزير ٿيڻ تي نوازشريف کان
ڪابه وزارت نه ورتائين پر ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي نواز شريف جي ڀرپور مخالفت
ڪيائين ۽ پٽ لياقت علي جتوئي کي به وڏ وزارت ڇڏڻ جي هدايت ڪيائين، هن شريعت بل
سميت اسيمبلي ۾ پيش ٿيل نواز شريف جي ڪنهن به بل تي به صحيح نه ڪئي، آخر ۾ کيس
سندس پٽ اعجاز جتوئي جي وڇوڙي جهوري وڌو ۽ هن سياست ڇڏي ڏني، پٽ جي لاڏاڻي کانپوءِ
آخر تائين هن ڪنهن به سياسي تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي، گوڏن جي بيماري سبب ويل چيئر تي
هلندو هو ۽ گاڏي تي چڙهي باغن جو سير پڻ ڪندو هو، غريب غربي، هارين ۽ ڪمدارن سان
بغير ڪنهن وڏائي جي ڪچهريون ڪرڻ سندس عادت ۾ شامل هو. سنڌ ۾ منصفاڻن فيصلن ڪري به
عبدالحميد جتوئي جو وڏو نالو هو، ۽ هو فيصلن جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه هڪ بهتر عادل
طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ڪيترائي فيصلا ڪيا، سندس اهم خاصيت اها هئي ته هو قرآن شريف
تي فيصلا نه ڪندو هو، عبدالحميد خان جتوئي جهڙا سياستدان سنڌي قوم جو عظيم سرمايو
آهن ۽ سنڌ جي سياسي نوجوان ٽهي لاءِ مشعل راهه به آهن.
(سچ، عوامي آواز،
سنڌ، مهراڻ، تعمير سنڌ)
No comments:
راءِ ڏيندا