; سنڌي شخصيتون: علي شير ڪُٻر - مير نادر علي ابڙو

12 December, 2012

علي شير ڪُٻر - مير نادر علي ابڙو


علي شير ڪُٻر
سنڌ جو ارڏو صحافي
مير نادر علي ابڙو
سنڌ پنهنجي پيٽ مان هزارين سپوت پيدا ڪيا آهن جن مختلف شعبن ۾ محنتون ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. سنڌ جي مشهور شهر خيرپور ميرس ۾ به مشهور شخصيتون پيدا ٿيون جن سنڌ جو ملڪي سطح تي نالو روشن رکيو. جڏهن اسان خيرپور جي فقط صحافي برادريءَ تي ئي رڳو نظر وجهون ٿا، ته مرحوم علي شير ڪُٻر جو نالو سنڌ جي صحافتي دنيا ۾ نمايان نظر اچي ٿو. هن مرد مجاهد ضلعي خيرپور جي ڳوٺ محمد صادق ڪُٻر ۾ هڪ زميندار گهراڻي ۾ ۱۹۴۰ع ۾ جنم ورتو. علي شير ڪُٻر جو والد مرحوم صادق ڪُٻر ان وقت جي رياست خيرپور جو وڏو زميندار ۽ معزز شخصيتن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. علي شير ڪُٻر زمينداراڻي گهر ۾ جنم وٺندڙ ننڍپڻ کان ئي سلڇڻو، سٻاجهڙو ۽ خوش اخلاق انسان هو. سندس باري ۾ هڪ ڳالهه مشهور آهي ته سندس والد کيس چيو ته بابا تون بنگلي ۾ ويهه ته آئون ڪو ڪم ڪري اچان ٿو. جنهن تي ننڍڙي علي شير سڄو ڏينهن والد جي حڪم موجب بنگلي ۾ انتظار ڪندي گذاريو ۽ جڏهن سندس والد واپس رات جو آيو ته هن کي ساڳئي هنڌ انتظار ڪندي ڏسي شفقت منجهان چمندي چيائين ته پٽ اڄ تون پيءُ جو حڪم تي هلندي ثابت ڪيو آهي ته تون زندگيءَ ۾ هڪ وڏو انسان ۽ ڪامياب شخص ثابت ٿيندي. اڳتي هلي سندس والد جا واقعي به چيل لفظ سچا  ثابت ٿيا.


هن ابتدائي تعليم ته پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ کيس خيرپور ميرس شهر جي ياترا ڪرڻي پيس، جتان فائينل پاس ڪيائين.
شروعاتي دؤر ۾ پيغمبري پيشي ماستريءَ يعني روشني ڏيندڙ پڙهائڻ واري شعبي سان منسلڪ ٿي ويو، جيئن ته هو هڪ حساس ماڻهو هو ۽ سنڌ ۾ غريب، مسڪين، پيرن اگهاڙن ۽ اٻوجهه طبقي تي وڏيرن، ميرن، پيرن، سردارن ۽ طاقتور ڌرين جو ڏاڍ ۽ ظلم ڏسي سنڌ جي بي زبان غريب طبقي جي آواز کي ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ سندرا ٻڌي ماستريءَ تان استعيفيٰ ڏئي صحافتي دنيا ۾ پير رکيو ۽ ان وقت جي سنڌ جي مشهور اخبار هلال پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ سنڌ جي مختلف وڏين اخبارن عبرت، سنڌ بليٽن، روزانو سنڌو، سنڌ سجاڳ، هلچل، جاڳو سميت ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيائين.
مرحوم علي شير ڪٻر غريب غربي جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هيو. جنهن جو زندهه مثال اهو آهي ته مرحوم ڪيترن ئي غريب مسڪين نوجوانن کي روزگار سان لڳايو. جيڪي اڄ به نوڪريون ڪري رهيا آهن. خاص طور تي ڪنهن به غريب جو مسئلو حل ڪرائڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس جو چوڻ هو ته غريبن جي مدد ڪرڻ سان مون کي سڪون ملي ٿو. هن پنهنجي علائقي ۾ تعليم، صحت، رستن، روڊن ۽ ٻين سهولتن ڏيارڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽايو ۽ علائقي جي تڪليفن ۽ اهنجن کي اسيمبلين تائين اخبارن ذريعي پهچايو. جنهن سان علائقي ۾ خوشحالي آئي ۽ غريبن جي داد رسي ٿي. علي شير ڪٻر پنهنجي صحافتي دنيا ۾ اچڻ سان ايڏي ته محنت ڪئي جو کيس پنهنجي صحت جو خيال ئي نه رهيو ۽ کيس موذي مرض بلڊ پريشر سان منهن ڏيڻو پيس. آخرڪار ۱۰ مئي ۱۹۹۷ع تي بلڊ پريشر جي مرض پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ سنڌ جو هي جوڌو جوان دنيا جي تڪليفن ۽ مسئلن سان وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پيو. صبح جو سوير اٿي نماز پڙهي بس ڪيائين سندس والده نماز لاءِ وضو ڪري رهي هئي، جنهن کي مخاطب ٿيندي چيائين امان اڄ آئون تنهنجي بستري تي سمهي ڏسان؟ جنهن تي والده چيس ته بابا ڀلي. سمهڻ شرط ئي سندس دم ڌڻيءَ حوالي ٿي ويو. سندس والده جيڪا خدا جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ وضو ڪري جڏهن پنهنجي پٽ جي مٿان آئي ۽ ڏٺائين ته سندس سپوت سندس ئي بستري تي دنيا جهان جي تڪليفن سان ته منهن ڏيڻ  جو شير هيو پر موت سان مقابلو ڪندي کلندي کلندي ابدي ننڊ ۾ آرامي ٿي ويو. اهڙي طرح هي سنڌ جو سپوت جنهن جي گجگوڙ جو آواز سنڌي اخبارن ۾ پڙهيو ويندو هو سو هميشه لاءِ بند ٿي ويو ۽ اهڙي طرح سنڌ هڪ بيباڪ ۽ ارڏي صحافي کان محروم ٿي وئي.

(عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ، هلچل، سنڌ، سڪار تعميرسنڌ، سنڌو، سنڌو ڊائجسٽ، عبرت مئگزين)


No comments:

راءِ ڏيندا