; سنڌي شخصيتون: زيب عاقلي - مير نادر علي ابڙو

11 December, 2012

زيب عاقلي - مير نادر علي ابڙو


زيب عاقلي
هڪڙو هو  ...
مير نادر علي ابڙو
هر دؤر ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي سدا بهار شخصيتن جنم  ورتو آهي، جن مختلف حوالن سان پاڻ ملهايو. جڏهن ۽ جتي به سنڌ جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ ڳالهه ڪندڙن جو ذڪر ٿيندو ته اتي مرحوم زيب عاقلي جو نانءُ به ورتو ويندو. زيب عاقلي سنڌ جو تمام وڏو نالو، نامور شاعر، اديب، ڊراما نويس، قطع نگار صحافي هو. سندس اصل نالو عبدالحق سومرو هو. هن پهرين آڪٽوبر ۱۹۲۰ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو. زيب عاقلي مرحوم کي شاعري، علم، ادب پنهنجي والد مرحوم کان ورثي ۾ مليو. شروعاتي تعليم بعد ڪجهه انگريزي جي تعليم حاصل ڪندي شاعري ۽ صحافت جو پيشو اپنايو.


ڪنهن زماني ۾ پاڻ هندوستان ۽ پاڪستان وچ ۾ پيدا ٿيل رنجشن کي محبتن ۾ بدلائڻ لاءِ اسٽيج ڊراما، ناچ گانا ۽ مفت تفريح لاءِ ناٽڪ لکيا. کيس ۱۹۶۳ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪانٽريڪٽ تي اسڪرپٽ رائيٽر طور مقرر ڪيو ويو، جتي هن گيت، غزل، ڪهاڻيون لکڻ کان علاوه ڳائيندڙن جي اچارن جي اصلاح ڪئي. زيب کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن پهرين منظم ڊرامو “ستارا” پيش ڪيو. جيڪو تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. پاڻ سنڌي ۾ هڪ مزاحيه فيچر لکندو هو. ريڊيو تي رهڻ دوران هن ڪيترائي شاندار مشاعرا به ڪرايا. جيڪو سنڌ جي ادبي تاريخ جو وڏو حصو آهي. ريڊيو پاڪستان تي پيش ڪيل سندس ڊراما، فيچر، گيت، غزل اڄ به مقبول آهن.
پ پ جي حڪومت جي دؤر ۾ سندس ڏاهپ کي ڏسندي تڏهوڪي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ صلاحڪار مقرر ڪندي سندن پگهار ۾ اضافو ڪيو. سندس ريڊيو تي ڪيل ڪم کي اڄ به ڪلهه جيان ياد ڪيو وڃي ٿو. پاڻ صحافتي ميدان ۾ حيدرآباد جي سنڌي اخبار عبرت سان ڪيترائي سال لاڳاپيل رهيو ۽ سنڌي ۾ قطعي لکڻ جو امام طور مشهور ٿيو. ڇو جو اهو فن ڪو سنڌي ۾ سولو نه هو. کين ان سلسلي ۾ وڏو ڪمال هو. روزاني هلال پاڪستان سکر ۽ حيدرآباد مان جاري ڪئي وئي ته کين حيدرآباد ايڊيشن جو ايڊوائيزر وارو ڪم سونپيو ويو. پاڻ لفظن جو جادوگر هو. هن جي تقرير ۽ بيان جا اثر ماڻهن تي سالن تائين قائم ٿيندا رهيا. جنهن به سياسي جلسي ۾ آجياڻو زيب عاقلي ڏيندو هو ته تاڙين جا واڄٽ پئجي ويندا هئا. جنهن جو اعتراف هڪ ڀيري صدر جنرل محمد ايوب خان پنهنجي تقرير ۾ ڪيو هو ته “زيب جي تقرير کان پوءِ آئون ڪهڙي تقرير ڪريان.”
زيب انگريزي ۽ اردو ۾ ڪيل تقريرن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو ماهر هو ۽ کين ذوالفقار علي ڀُٽي جون گهڻي کان گهڻيون تقريرون پڙهڻ جو اعزاز حاصل هو. سندس جو آواز ڪشش ڀريو هو. سندس شاعري ۽ لفظ ڪنهن گجگوڙ کان گهٽ نه هوندا هئا. جڏهن هو ڪنهن مشاعري ۾ شاعري پڙهڻ ويندو هو ته هر پاسي تاڙين جو هل هنگامو ٿي پوندو هو ۽ کين سنڌي شاعري جو حبيب جالب سڏيو ويو.
زيب عاقلي جون سياسي همدرديون پ پ سان رهيون. هن جي شاعري کي ريڊيو تي روبينا قريشي، ثريا، زرينه بلوچ، جميلا ناز، محمد حسن، زيب النساءِ، عبدالله پنهور ۽ عابده پروين ڳايو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪلامن کي شهرت حاصل ٿي. سال ۱۹۸۵ع ۾ ٿيل غير جماعتي چونڊن دوران زيب عاقلي لاڙڪاڻي جي صوبائي اسيمبلي واري سيٽ تي مسعود احمد کهڙو جي سيٽ تي بيٺو ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري، ان دؤر ۾ تقريرن جو انقلاب آڻي ڇڏيو. وڏا جلوس ڪري هن جا استقبال ڪيا ويا پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو، پاڻ چونڊ هارائي ويو. زيب عاقلي غربت قبولي پر ڪنهن جي آڏو جهڪيو نه ۽ نه ئي ڪي وري هن جي سوچن ۾ تبديلي آئي.
 زيب عاقلي کي جڏهن دل جي بيماري ٿي ته ان وقت جي وزير اعليٰ ڄام صادق علي کيس علاج لاءِ لنڊن موڪليو. سنڌ جو هي مهان ڪوي ۽ ڏاهو تاريخ ۱۲ مئي ۱۹۹۱ع تي انيڪ يادون ڇڏي حيدرآباد جي ٿڌين هوائن ۾ اسان لاءِ هميشه يادن جو هڪ اڻميو باب ڇڏي موڪلائي ويو.

(هلال پاڪستان، خبرون، تعمير سنڌ، مهراڻ، عوامي آواز، هلچل، سنڌ، فيصلو، سڪار، سنڌو، عبرت مئگزين، سوڀ، شام)

No comments:

راءِ ڏيندا