; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر اياز قادري - منظور ڪوهيار

21 December, 2012

ڊاڪٽر اياز قادري - منظور ڪوهيار


ڊاڪٽر اياز قادري
هڪ ڪهاڻيءَ جي بهترين پڄاڻي
منظور ڪوهيار
هر انسان جي زندگي به ته هڪ ڪهاڻي آهي. ڪنهن جو منڍ ڇرڪائيندڙ ته ڪنهن جي پڇاڙي، ڪا معنى ته ڪا بي معنى، ڪا خوشي ۽ سرور جو سنگم ته ڪا پيڙا ۽ درد جو امتزاج.
اياز حسين  قادري به هڪ دؤر، هڪ شهر، هڪ خاندان ۽ هڪ شخص جي ڪهاڻي آهي. هن جو جنم ۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع  ڌاري ميان جي ڳڙهي (قادري پاڙي) لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد غلام سرور ”فقير“ تعليم کاتي ۾ آفيسر هو. ساڍن پنجن ورهين جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار راهه رباني ورتي. والده کيس يتيمي جو احساس نه ڏياريو. سندس چوڻ هو، ”هڪ ته ماءُ ايڏي شفقت ڏني جو، والد جي ڪمي محسوس ئي نه ٿي ۽ ٻيو ته فقيري اثر ڪري، مون ڪڏهن والد کي مئل نه سمجهيو. ڇو ته اسان وٽ هي جهان دارالفنا ۽ ايندڙ دارالبقا آهي.“


اياز قادري جڏهن به ننڍپڻ کي ساريندو هو ته لاڙڪاڻي جي منظر نگاري ڪجهه هن ريت ڪندو هو. ”اسان جڏهن ننڍا هياسي ته لاڙڪاڻي جو اولهائون پاسو بيڪر روڊ (هاڻوڪو قائد عوام روڊ) تائين. اوڀر ۾ قافلي سراءَ، اتر ۾ گهاڙ واهه ۽ ڏکڻ ۾ غريب مقام تائين هوندو هو، جتي هاڻي رهائشي ڪالوني ٺهي وئي آهي. سج لٿي کانپوءِ  ويندي به ماڻهن کي ڀئه پيو ٿيندو هو. عجيب و غريب قصا مشهور هوندا هئا. ان مقام جي باري ۾ .
لاڙڪاڻو شهر ان زماني ۾ باغن، پڌرن ۽ چونڪن جو شهر هو. امن ۽ محبت جو گهوارو، ادب ۽ علم جو مرڪز. لاڙڪاڻي کي ته ان زماني ۾ چوندا ئي شاعرن جو آکيرو هئا. شهر جي هندن ۽ مسلمانن کي صوفين ۽ سنتن، پيار ۽ محبت واري ڏور سان ٻڌي ڇڏيو هو. شهر جا اڳواڻ به خدا ترس ۽ هڏ ڏوکي هئا. نواب حاجي امير علي لاهوري ميونسپل ڪاميٽيءَ جو عوامي پريزيڊنٽ، جيسيتائين گهوڙي تي چڙهي سڄي شهر جو چڪر نه هڻي، تيسيتائين آرام نه اچيس. اسان جي اوطاق تي ته ضرور ايندو هو. ميان علي محمد قادري سان گهڻي هوندي هيس.
اسان جي ويڙهن وچ ۾ ميان محمد صالح قادريءَ جي قبي تي راڳ ٿيندو هو. هندو مسلمان گڏ ويٺا هوندا هئا. هڪٻئي جا حال ڀائي ۽ باخبر، جو ايتري به خبر هوندي هين ته ڪنهن جي گهر ۾ ڇا رڌو پڪو آهي. هڪ ٻئي ڏانهن ڀاڄي موڪلڻ ۽ سڏي کارائڻ جو رواج هو.“
سائين اياز قادري جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين ته ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي معاشي ۽ سماجي صورتحال سمجهه ۾ اچي ويندي هئي. لڳندو هو ته رڳو وچ ۾ گهرن کي ڀتيون هيون، باقي ته ماڻهن جو دليون ڳنڍيل هيون. سائين قادري صاحب جي ڪچهريءَ ۾، ويٺل سندس سؤٽ مظهر علي عرف مجن قادري وري لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي تصوير ڪشي ڪجهه هيئن ڪندو هو:.
”سائين، لاڙڪاڻو معشوقن جو شهر... ننڍا هياسين ته، مائي سمل ڏٺي سين، اها مائي سمل هئي. جنهن تي مير ڪرم داد عاشق ٿيو. چيائينس ته هزار ايڪڙ ڏيندونمانءِ، مون سان ويهه، وراڻيائينس ته مير آهيان ته ڪڃري، ويهنديس ته سهي، پر ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجي دل ٻئي هنڌ آهي. وري سائين منهنجي کي چوان، ميان محمد صالح قادري جي درگاهه تي مائي عنايتان جي سنڌي جهمر ڏٺي سين، وٺي جو ناٽ ڪري ته پٽڪا ڳچين ۾ ..... مائي عنايتان جهڙو چپن کي لڳل مساڳ اڄ تائين اسان نه ڏٺو. ڇا پُڄن اڄوڪيون سرخيون .... هيون ته نالي ۾ ڪڃريون، باقي رت خاندانن جو هو. لاڙڪاڻي جي وڏيرن ۽ نوابن تي ائين ڪاتي هلندي هئي. جيئن جمعو ڪاسائي پهرن (ٻاڪرو مال) کي سيران ڏئي. اسان پنهنجي جوانيءَ ۾ مائي تاج ۽ خورشيد کي ڏٺو. بڳيءَ تي چڙهي، شام جو شهر ۾ چڪر هڻي وڃن ته سڄي لاڙڪاڻي کي باهه لڳي وڃي. اسان پاڻ انهين جي باهين ۾ ڄرڪياسين!“
مجن خان چپ ٿي ويندو هيو ته سائين اياز قادري چوندو هو. ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجو  ماضي سٺو لڳندو آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اڳي ماڻهن ۾ همدردي وڌيڪ هئي. هيءَ جيڪا به  وٿي پئي، اها هندو مسلم سياست جي ڪري، جنهن سڄي برصغير کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. جنهن ڪري حقيقي عشق وارا ۽ مزاجي عشق وارا ماڻهو پريشان ٿي ويا. اهي قدر جيڪي اسانجي سماج کي ٽيڪ ڏيون بيٺا هئا، سي ڪِري پٽ پيا. ان ڪري هر طرف خودغرضي ۽ نفسانفسيءَ جو ماحول ٿي ويو آهي.“
اياز قادريءَ جون اهڙيون ڪچهريون ته اسان کي ڇڪي سندس اوطاق تي وٺي اينديون هيون. جڏهن به خبر پوندي هئي ته سائين ڪراچي کان  لاڙڪاڻي پهتو آهي ته، بغير ڪنهن تڪلف جي اچي سندس دروازو کڙڪائيندا هئاسين. اهو پٽن کي چيل هيس ته جڏهن به ڪو اديب يا اهل علم ماڻهو پڇڻ اچي ته کيس ننڊ مان به اٿاريو وڃي ۽ ائين ٿيو. اسان کيس ننڊ مان اٿاري ڪچهريون ڪيون. هن ڪڏهن نرڙ تي گهنڊ نه وڌو. ڪچهري هلندي هئي. ”اپنشد“ جي ڪهاڻين جو اهو ”پرجاپتي“ وارو ڪردار ادا ڪندو هو، جيڪو ڪنهن کي به احساسِ ڪمتريءَ جو احساس نه ڏياريندو هو. باوجود انهيءَ جي ته اياز قادري علمي لياقتن جي حوالي سان بيجنتي مالا هو. ۱۹۴۴ع ۾ مئٽرڪ مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي آنرس، ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي مان ڪيل هيس. ايم اي فارسي، سنڌي، ايل ايل بي ۽ پي ايڇ ڊي هئڻ جي باوجود به ڏک نه ڏيندو هو ۽ نه احساس ڏياريندو هو ته ڪو اڪابرين منجهان آهي. احساس برتريءَ کان آجو، وڏائيءَ کان ڪوهين ڏور، بالڪل صاف دل صوفي، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ئي ڪو نه. ان جو ٻيو ڪهرو ثبوت ڏجي ته پاڻ اهلِ تشيعت جو، ۽ سندس وڏڙن جي مسجد ۾ مولوي اهلِ سنت جو رکيل، جنهن جي پٺيان نماز هٿ ڇوڙي پڙهندو هو. پڇندو هيومانس: ”اهو ڪيئن؟“
کلي چوندو هو: ”سجدو الله جو آهي.“
پڇندو هو مانس: ”پوءِ اهو هٿ ڇوڙڻ ۽ ٻڌڻ جو فرق ڇو؟“
جواب ڏيندو هو : ”دلين ۾ فرق نه هجي، باقي اهي فرق ثانوي آهن.“
اياز قادري سنڌ جي انهن اعلى پايي جي ڪهاڻيڪارن منجهان هو، جن ڪهاڻيءَ کي، سماجي حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان اهم موڙ ڏنو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مقصدي ادب کي هٿي وٺائڻ ۾، لاشڪ ته اياز قادري هڪ اهم ۽ وڏو نانءُ آهي. ۱۹۵۷ع ۾ ڇپيل سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”بلو دادا“ هڪ اهڙي وٿ آهي، جيڪا پئي پراڻي ناهي ٿيڻي، ٻوليءَ جي حوالي سان هو سلاست ۽ بلاغت جو ڌڻي هو. ۱۱۳۲ صفحن تي پي اڇ ڊي لاءِ لکيل سندس تخليقي مقالو ”سنڌي غزل جي اؤسر“ پڻ هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن تحقيق جي حوالي سان سندس نانءَ کي دائميت بخشي. ان ڪري سنڌ جي سڀني نقادن ۽ علمي شخصيتن سندس محنت جو اعتراف ڪيو آهي. هري دلگير درياڻي ۲۱ جنوري ۱۹۸۵ع ۾ کيس آديپور ”انڊيا“ مان لکيو.
”تو وٽان تنهنجو شاهڪار سنڌي غزل جي اؤسر پهتل آهي. سنڌي غزل تي تو جيڪا محنت ڪئي. ان لاءِ تو  اڳيان سر جهڪايان ٿو. بي شڪ تو لاثاني پورهيو ڪيو آهي.“
انهيءَ حوالي سان، سنڌي ادب جي ساڃاهه وند ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۱۲ مارچ ۱۹۸۵ع ۾ کيس دبئيءَ کان لکيو؛ ”ها اوهان جي ٿيسز جي ٻئي ڀاڱي جي هڪ ڪاپي مڪتبه اسحاقيه وارن موڪلي آهي. پڙهيم، ڏاڍي محنت ڪئي اٿـوَ، ڀارت ۾ سنڌي غزل جو اؤسر وارو ڀاڱو ته لاجواب آهي. خاص طور سنڌي ادب جي مسئلن ۽ ترقي تي جيڪا روشني وڌي اٿوَ. سو هڪ دستاويزي ڪم آهي. سنڌ ۾ سنڌي ادب جي پارکن کي، چاهي هند ۾، سڀني کي ڏاڍو پسند ايندو.“
ڊي ڪي منشاراڻي جي راءِ به ڏاڍي عقيدت ۽ احترام واري آهي:
”اوهان جي ٿيسز پڙهڻ کان پوءِ منهنجو رد عمل اهو آهي ته آءٌ هن دوريءَ کان ان هٿ کي چمان ٿو. جنهن اهڙي قلم ذريعي اهڙو تحقيقاتي شاهڪار پيش ڪيو آهي.“
سچ پچ ته سنڌ ۽ هند ۾ هر محقق ۽ اديب سندس ان ٿيسز کي مانائتو ۽ شانائتو قرار ڏنو. ۽ مڃتا طور تي ۱۹۸۵ع ۾ ”اڪادمي اديبات“ ان تحقيقي مقالي تي کيس ايوارڊ سان نوازيو. تحقيق جي حوالي سان سندس شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ تي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ به هڪ اهم وٿ آهي. سچل شناسي ۾ ته سندس ڪو پيرمٽ نه هو. ان جو وڏو سبب ته سندن جد امجد فقير ميان محمد صالح، سچل سائين جو هم عصر ۽ خواجه عبدالحق جو مريد هو. اهو ئي سبب آهي جو درازا شريف جو موجوده گادي نشين ”سائين سخي قبول محمد فاروقي“ پنهنجي هڪ تقرير ۾  اهو برملا اظهار ڪيو ته ، ”شايد اوهان اڄ ان ڳالهه کي realize نه ڪيو. پر اها حقيقت آهي ته سڀاڻي ان شيءَ کي اوهان تاريخي پسمنظر ۾ ڏسندا ته درگاهه درازا جو گادي نشين وري قادريه خاندان جي گادي نشين جو شاگرد ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽريٽ ڪرڻ واري عرصي ۾ آءٌ جڏهن به قادري  صاحب سان ملندو هيس ته هڪ استاد هجڻ جي حيثيت ۾ آءٌ کيس پيرين پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هيس ۽ هو وري هڪ مريد هجڻ واري حيثيت ۾ مون کي پيرين  پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. اها هڪ دلچسپ صورت حال هئي.“
اياز قادري نه صرف محقق هو، پر اهڙن اٺن شاگردن جي پي ايڇ ڊي جي موضوعن جو نگران به رهيو. جن جو تحقيقي ڪم به قابل فخر آهي. اياز قادري  ترجمن کي به وڏي اهميت ڏيندو هو. سندس ان ڳالهه تي به زور هوندو هو ته هر اديب کي ڌاريءَ ٻوليءَ جو ادب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ادب وري ڌاري ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته  ان عمل سان ٻوليءَ کي وسعت ملي ٿي. ۽ ان جو پاڻ عملي مظاهرو ڪندي ڪيترائي ترجما ڪيائون.
جن ۾ ”گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي“ـــ ”آزاديءَ جا اڳواڻ“ ــ”جنن پرين جون ڪهاڻيون“ ــ ”خطرناڪ ڪهاڻيون“ ـــ ”پاڪستاني ڪلچر“ ــ ”ڪراچي يونيورسٽي جي تاريخ“ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان شاهه جي رسالي کي اردو نثر ۾ ترجمو ڪري هڪ اهم ڪم سر انجام ڏنائين. جنهن جو اعتراف اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعر افتخار عارف به ڪيو آهي. اياز قادري صاحب لاءِ لکي ٿو:
”اياز قادري جي ڪوشش ڪري اردو ٻوليءَ وارن لاءِ شاهه لطيف جي عارفاڻي پيغام کي  سمجهڻ جي راهه هموار ٿي.“
اهڙي طرح صحافت ۾ هفتيوار ”الحقيقت“ جو مدير، جڳ مشهور سه ماهي انگريزي رساليsindh quarterly  جو ٻانهن ٻيلي ۽ ايڊيٽر ٿي رهيو. شاعريءَ تي به کيس عبور حاصل هو. محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين، اياز قادريءَ جي شاعري بابت لکي ٿي ”اياز قادري جو ادب، شاعري ۽ تحقيق ۾ وڏو حصو آهي. شاعريءَ تي کيس وڏو عبور حاصل هو.“
سچ ته اياز قادري هڪ همه گير شخصيت هو. جيڪڏهن سندس علمي ۽ ادبي عهدن تي نظر وجهجي ته هڪ ڊگهي لسٽ ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن هتي مختصر انداز ۾ سندس علمي ۽ ادبي عهدن جو ذڪر ڪجي ته  به اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هو هڪ وڏي علمي ادبي هڏ ڪاٺ وارو شخص هو.
۱۹۵۴ع ۾ جميعت الشعراءَ سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري.
 ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري.
ميمبر سينيٽ ڪراچي يونيوريٽي
ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
ميمبر انسٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو
ميمبر سنڌي ادبي  سوسائٽي ڪراچي
چيئرمين شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي
چيئر مين سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي
ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور
ميمبر ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو
بنيادي ميمبر۱۳ مئي ۱۹۹۷ع ۾ رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو.

مون ڪڏهن به نه ٻڌو ته ترقي پسنديءَ جي نانءَ تي هن ڪڏهن مذهب کي ننديو ۽ نه ئي ديندار جي ناتي ان کي هٿيار بڻايائين. هميشه نيرورتا واري حالت ۾ رهيو. اياز قادري پوري ڄمار ڪنهن به ڌر جي پليٽ فارم کي پنهنجي  ادبي قد بت کي وڌائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو. اڃا ٻين کي همٿائيندو ۽ اتساهيندو رهيو. اهڙن ماڻهن منجهان مان به آهيان. ڪيئن وساري سگهندس اهي لفظ جيڪي هن منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي ’سج لهڻ کان پوءِ به‘تي، ميسيج گروپ لاڙڪاڻي پاران ڪرايل گروپ ڊسڪشن ۾ چيا هئا.
”عيسائين ۾ هڪ رواج آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کان گناهه سرزد ٿي ويندو آهي ته اهو فادر وٽ وڃي پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪندو آهي، جيڪڏهن محبت ڪرڻ گناهه آهي ته آءٌ اعتراف ڪيان ٿو ته مان منظور ڪوهيار سان سندس ڪهاڻين جي ڪري محبت ڪيان ٿو.“
جي مان خوشفهمي جو شڪار نه ٿيان ته اهي لفظ هڪڙي قسم جو آشيرواد ها، هڪ اهڙي ڪهاڻيڪار لاءِ، جيڪو نو آموز هو. هونئن به اياز قادري ڪنهن جي کٽل ڳالهه کڻي وڃڻ وارو شخص هو. اڳلي جي ڪم علمي تي آڱر کڻڻ وارن مان نه هو. اياز قادري جي عمر جو گهڻو تڻو حصو ڪراچي ۾ گذريو.۱۹۴۹ع ۾ ايس ــ ايم لياري هاءِ اسڪول چاڪيواڙي ۾ ٽيچر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ رٽائرمينٽ  ۱۹۸۷ع ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف دي سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي جي حيثيت سان ڪيائين. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر ايڊوائزر جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو.
حقيقت اها هئي ته سندس دل لاڙڪاڻي ۾ هوندي هئي. عيد برات، شادي يا غمي يا ڪمي ڪارين لاڙڪاڻي ايندو ته پنهنجي پراڻن نون دوستن کي ساريندو. ٽيلوفون يا نياپا ڪري پنهنجي جڳهه تي علمي ادبي ڪچهريون ڪرائيندو. انهن ڪچهرين ۾ سوڀو گيانچنداڻي، علي شير رونگهو، بشير احمد شاد، محمد علي پٺاڻ، رزاق مهر، سليم ڪورائي، ڊاڪٽر گل بليدي، افضل قادري ۽ واجد نظر ايندا هئا.
پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڪانگ وانگر پيو لنوندو آهي.  پڇبو اٿس هڪ جي ته ڳالهه ٻي ڪندو آهي. پر اياز قادري جي عمر ۾ جيئن جيئن اضافو پئي ٿيو. تيئن سندس شخصيت تيجوان پئي ٿئي. ادبي محفل يا نجي ڪچهري هجي، ڳالهائيندو موضوع انوسار، مختصر مگر جامع. اڄ به سندس تڪيل توريل لفظ  هيئين ۾ هرن ٿا. جيڪي هن هڪ ادبي ڪچهري ۾ ڪهاڻي بابت ڳالهائيندي چيا هئا. 
”جڏهن به اسان عام طرح ڪهاڻيءَ تي ڳالهائيندا آهيون ته رواجي طور تي اهو چوندا آهيون ته منجهس پلاٽ، ڪردار نگاري، ٻولي، ماحول اسلوب، ۽ مقصد هجڻ گهرجي وغيره. ڪي چون ٿا ته ڪهاڻي بنهه جڙتو هجي. ڪن جو خيال آهي ته زندگيءَ جو حصو هجي. منهنجي خيال ۾ ڪهاڻي اُها جيڪا پاڻ کنيون هلي ۽ آخر ۾ هڪ طاقتور اثر ڇڏي. جيڪڏهن ڪهاڻي پڙهندڙ کي ساڻ کنيون هلي ٿي ۽ اثر ڇڏي ٿي ته ڪهاڻيڪار ڪامياب، نه ته ناڪام. اوهان دنيا جي وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن کي پڙهيو هوندو پر اهي ڪهاڻيون اوهان کي ياد هونديون، جن اوهان تي اثر ڇڏيو. سٺي ڪهاڻيءَ جي اها ڪسوٽي آهي ته ڀرپور تاثر ڏي ۽ حافظي ۾ رهي.“
موت ته اٽل آهي پر اياز قادري ۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع جو جهڙي ريت ساسين سکالو ٿيو. اهو به ڄڻ هڪ خوبصورت ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ جهڙو هيو. صبح جو سوير اٿيو. هميشه وانگر فجر جي نماز پڙهيائين. پوءِ يونيورسٽي وڃڻ جي تياري پئي ڪيائين. هن ڀيري اها تياري ڪا دارالبقا ڏانهن وڃڻ جي هئي. اڃا بوٽن جا تسمه پئي ٻڌائين ته اجل جو سڏ ٿيو، ”هارٽ اٽيڪ“ جي بهاني سان ان ڏينهن تي جڏهن سندس مڙھ، ڪراچي کان اباڻي ڪکن ڏانهن لاڙڪاڻي پئي آيو ته ابر رحمت جون گهٽائون پئي وسيون. ۱۵ شعبان شب قدر واري سڳوري رات جو، ٻي وڳي يعني ۱۶ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي خانداني قبرستان، درگاهه ميان محمد صالح قادري جي ويجهو کيس آخري آرامگاهه ۾ لاٿو پئي ويو.
هڪ اهڙو استاد جنهن کي هر وقت علم کي عام ڪرڻ جو اونو هو. سنڌي ادب جو اهڙو خوبصورت شاعر ۽ اڻ مٽ ڪهاڻيڪار جنهن جو مقصد، مقصدي ادب تخليق ڪرڻ هو. اهڙو محقق جنهن سنڌي غزل جي مستند تاريخ لکي. اهڙو صاف دل صوفي جنهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو تضاد نه هو. تنهن جي موڪلاڻيءَ جو منظر قابل ديد هو. آسمان تي هلڪا هلڪا بادل هڪٻئي پٺيان ڪنهن خوبصورت نظم جي بندن جيان روان دوان هئا. انهن جي وچ مان ستارن ۽ چنڊ به اسان جيان ليئا پائي پئي، آخري ديدار ورتو. جڏهن سندس مڙهه آهستي آهستي ساميءَ ۾ دعائن ۽ درودن سان لاٿو پئي ويو ته احبابن ۽ دوستن جون اکيون آبديده هيون. گهڻن جي ڳلن تان ڳوڙها وهي هليا. هر ڪنهن  جي ذهن ۾ سندس يادن جي سڳنڌ سمايل هئي. ۽ منهنجي ذهن ان وقت اهو ئي پئي سوچيو ته هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪيڏي نه شاندار آهي.
                                                                     ***

No comments:

راءِ ڏيندا