; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري - مير نادر علي ابڙو

10 December, 2012

پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري - مير نادر علي ابڙو


پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري
قوم جو محسن 
مير نادر علي ابڙو
اياز قادري منهنجي والد صاحب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انتهائي ويجهو دوست هو. ٻئي يار پرائمري کان وٺي ڪاليج تائين گڏ پڙهيا هئا، جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي، ته مون گهر ۾ چاچا اياز قادري جو نالو ٻڌو آهي، اياز قادري اسان جي گهر جو فرد نه هو پر پوءِ به ڄڻ ته هو اسان مان هئو. بابا سائين جي وفات کان پوءِ اياز قادري سان منهنجون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون هيون، مون کيس انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. هونئن به قادري صاحب جو گهراڻو اوليا الله وارن جو گهراڻو آهي، لاڙڪاڻي شهر ۾ سندن وڏن جون درگاهون آهن. جتي سندن مريد زيارت لاءِ ايندا رهن ٿا. اهڙي گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري سندس گهر ۾ ننڍپڻ ۾ ئي درويشاڻي طرز تي تربيت ٿي هئي. بابا سائين جي وفات کان پوءِ پهرين عيد تي جڏهن مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته اڄ منهنجو ڪو وڏو نه آهي. اهو احساس عين انهيءَ لمحي ختم ٿيو، جڏهن ڏٺم ته قادري صاحب عيد نماز جي فورن بعد منهنجي در تي موجود هو ۽ وڏڙن جيان شفقت جو هٿ منهنجي چهري تي گهمائي عيد مبارڪ ڏنائين ۽ پوءِ اوطاق تي ويهي اسان ڀائرن کي عيد جي خرچي ڏنائين. اهو سلسلو آخري عيد تائين جاري رهيو، جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن ڪم سانگي لاءِ عيد ڪرڻ اچي ڪونه ٿي سگهيو ته پوءِ سندس هر عيد جيان عيد مبارڪ ڪارڊ ۾ ضرور ايندي هئي. بابا سائين سان هن جو انتها درجي جو پيار هو، اهو ئي سبب آهي جو اياز قادري ئي بابا سائين تي تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي ٺاهي. جنهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، انيس انصاري، امان شيخ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، هدايت منگي ۽ خود پاڻ نه فقط شامل هئو پر ڪوشش ڪري يادگار ڪميٽي جي ميٽنگن ۾ شامل ٿيندو هو. کيس تمام گهڻو شوق هئو ته تاج محمد تي ڪتاب ڇپرايون ۽ لاڙڪاڻي شهر جي ڪنهن اهم روڊ جو نالو تاج محمد جي نالي سان منسوب ڪرايون.
جڏهن بابا سائين جو ذڪر ڪندو هو ته سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون، هن ۾ محبت انسانيت، پيار، خلوص، مروت ۽ سچائي موجود هئي. سندس طبيعت حساس هئي. جيڪا قدرتي طرح هر شاعر ۾ هجڻ به گهرجي. هڪڙي دفعي چيائين نادر اسان جي سنڌ جي هڪ روايت آهي ته جيئرن سان جهيڙو ۽ مئلن تي ميلو ملهائيندا آهيون، اها روايت تاج محمد سان بنهه ابتڙ ٿي لاڳو ٿئي. ڇو جو هن جي حياتي ۾ سندس اوطاق تي وزيراعظم، صدر، وڏا وزير، گورنر، ڪامورا ۽ ملڪ جون وڏيون وڏيون شخصيتون حاضري ڀرينديون هيون، هاڻي سندس لاءِ ڪو لاڙڪاڻي ۾ روڊ نالي منسوب ڪرائڻ ته ٺهيو، مورڳو سندس قبرستان واري ڀت به حڪومت ڀڃرائڻ کان پوءِ ڪانه ٺهرائي آهي. جنهن سان سندس قبر جي بي حرمتي پئي ٿئي، اها ڳالهه چئي تمام وڏو ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين ته سنڌي قوم پنهنجي محسنن کي مرڻ کان پوءِ وساريو ڇڏي، حالانڪه ٻاهرين ملڪ ۾ ائين نه آهي.
هن ۾ پيراڻي گهر جو هوندي به مذهبي ڪٽرپڻو ڪونه هئو، هو نماز به ان طريقي سان پڙهندو هو. هڪ دفعي سندس ڪراچي واري فليٽ تي ڪچهري پئي ڪئي سون ته مغرب جي نماز جو وقت ٿيو، مون کي حيرت لڳي ته نماز قادري صاحب سني طريقي سان ادا ڪيائين، منهنجي پڇڻ تي چيائين ته مقصد ته سجدي سان آهي، شيعي ۽ سني جي بحث ۾ اسان لکيا پڙهيا ماڻهو ڇو پئون. هڪ ٻئي دفعي مون کي جمال ابڙي جي فرزند جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي وڃڻو پيو ته مون کي اياز قادري زوري پاڻ وٽ رهايو. آرام باغ روڊ تي سندس هيٺ مٿي ٻه فليٽ آهن، مٿين فليٽن ۾ مون کي رهايائين، صبح جو ڏسان ته قادري صاحب هٿ ۾ ناشتو، ڏاڪڻ چڙهڻ کان هلاک پر زوري پاڻ کي مٿي پئي ڇڪيائين، مون کيس چيو ته “چاچا اوهان ڇو تڪليف ڪئي، اوهان ڪراڙا ماڻهو آهيو. مون کي سڏ ڪيو ها” چيائين، “بابا تون منهنجي ڀائرن جهڙي دوست جو پٽ آهين. توکي ڪهڙي خبر ته مون کي تنهنجي اچڻ تي ڪيڏي خوشي ۽ آسيس ٿي اچي.”
 بابا سائين ۱۹۷۰ع ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين، انهي وچ ۾ ڪڏهن به اياز قادري بابا سائين وٽ غمي خوشي جي موقعي کان علاوه نه آيو، انهيءَ جو سبب پڇڻ تي مون کي ٻڌايائين ته “آفيسر ٿيڻ کان پوءِ خوشامدڙيا دوست اڳيان پويان هوندا آهن پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اهي غائب ٿي ويندا آهن.” مون کي مخاطب ٿيندي چيائين ته “ڀلا هاڻي تون ئي ٻڌاءِ جيڪي تاج محمد جا گهاٽا دوست نوڪري دوران سندس اڳيان پويان گهمندا هئس، اهي هاڻي ڪاڏي ويا؟”
 اياز قادري کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ منهنجا هي ڪجهه جملا سندس جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو تمام ننڍڙا آهن پر پوءِ به هن جي ياد تازي ڪن ٿا.

(خبرون، جاڳو، برسات، عوامي آواز، سوڀ، تعمير سنڌ، سنڌ، مهراڻ، عوامي فورم، فيصلو، سُڪار، عبرت، سنڌو)

No comments:

راءِ ڏيندا