; سنڌي شخصيتون: حاجي عبدالخالق سومرو - مخمور مهيري

16 December, 2012

حاجي عبدالخالق سومرو - مخمور مهيري


حاجي عبدالخالق سومرو
سندس سِڪَ سوز ڀريل ساروڻيون
مخمور مهيري
ترقي يافته ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ماڻهو رهن ٿا سُڄاڻ،
جنهاڻ مان سُر هاڻ، ڪڏهن ويندي ڪَانَ ڪان!!
حاجي عبدالخالق سومري جو اباڻو ڳوٺ جنهاڻ شريف آهي، جنهن کي عالمن، فاضلن، استادن، اديبن، شاعرن جو ڳوٺ چيو ويندو آهي، هتي ”منشي“ جهڙا محبتي، مزاحمتي، سنڌ جا عاشق ماڻهو، صحافت ۽ عبدالرشيد سومرو جهڙا سجاڳ ليکڪ، غلام محمد آزاد، رامچندر راٺوڙ ۽ ان کانسواءِ هتي جا المعروف عالم سڳورا سنڌ و هِند ۾ وڏي شناخت رکن ٿا، جنهاڻ جا ديني مدرسا روحانيت جا درسگاهه آهن، هن ڳوٺ جون عورتون هٿ جي هنرن ۽ سنڌ ثقافت جي حوالي سان ڀليون رليون، پوڙن ۽ گُلن وارا ٽُوال، ميز پوش، گهاگهريون ۽ چولا، ڪُنڊي مُڪي سان ۽ خوبصورت ڊزائن سان شادي جا وڳا تيار ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿيون، سندن هٿ جا هنر ۽ ڀرت ڀريل ڀلين رلين جا فوٽو ٽي وي تي ڏيکاريا ويا آهن، جن کي سڄي سنڌ ۾ پسند ڪري ساراهيو ويو آهي.


پروفائل
سندس اباڻو ڳوٺ جنهاڻ شريف بلڙي شاهه ڪريم جي پاسي ۾ آهي، سندس تاريخ جنم ۱۹۳۴-۱-۴ آهي، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول کان شروع ڪيائين، ۱۹۴۷ع ۾ فائنل امتحان پاس ڪيائين، سنڌي سان گڏ عربي ۽ فارسي ۾ به مختصر تعليم ورتائين.
سياسي سفر محرڪا ۽ مقابلا!!
۱۹۶۰ع ۾ سياسي سفر جو آغاز ڪيائين، اهو جنرل محمد ايوب خان جو دور هو، اسان ووٽ لسٽون تيار ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ ۾ پهتاسين، هي واحد ماڻهو هو جنهن اسان سان تعاون ڪيو، هن اسان جي رهنمائي ڪئي، ڳوٺ گهمايا، ووٽ ساري سنڀالي لکايا، رهائش، کاڌي خوراڪ، ٽرانسپورٽ جي سهولت به پاڻ ڏنائين، مهمان نوازي ۽ خدمت ۾ من موهي وڌائين، جڏهن سندس دلچسپي جو سبب پڇيو ويو، تڏهن چيائين ته جنهاڻ يونين جو چيئرمين ٿيندس، ان بعد ايم پي اي ٿيندس، توهان جي لاءِ ۽ عوام لاءِ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ خوبصورت بنگلو تيار ڪندس، سندس اهي سمورا خواب قدرت پورا ڪيا. B.D ميمبر کان چيئرمين يوسي جنهاڻ، ان بعد ايم پي اي منتخب ٿيا، اهي ٻئي خواب اسان سندس پنهنجي حياتي ۾ پورا ٿيندي ڏٺا، چيئرمين يوسي جنهاڻ جي حيثيت ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ان وقت جي ڪمشنر ابو نصر کيس ايوارڊ سان نوازيو، اها سندس پهرين ڪاميابي هئي، جنهن سندس حوصلا وڌائي ڇڏيا، ڄاڻايل ڪاميابي ۽ محنت جي طاقت سان ۱۹۶۰-۱۹۶۳ع ۾ بنا مقابلي ميمبر ۽ چيئرمين رهيا، مير اعجاز ٽالپر ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي عنايت ۽ محبت سان سال ۱۹۶۸ع ۾ پ پ ۾ شموليت ڪيائون، پاڻ ان دور ۾ تعلقي ٽنڊو محمد خان ۾ پ پ جا صدر رهيا، ۱۹۷۷ع ۾ محمد فاضل راهو سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب گولاڙچي تڪ لاءِ کيس ٽڪيٽ ڏنو، هن مقابلي ۾ حاجي عبدالخالق ڪامياب ٿيو ۽ محمد فاضل راهو هارائي ويو!! ٻيو مقابلو ۱۹۸۵ع ۾ حاجي عبدالخالق ۽ پير خالد سعيد جان سرهندي جي وچ ۾ ٿيو، هن مقابلي ۾ مير اعجاز ٽالپر جي آشيرواد ۽ سياسي حمايت سان حاجي عبدالخالق ڪاميابي حاصل ڪئي، ٽيون مقابلو ۱۹۸۸ع ۾ سيد قبول محمد شاهه پ پ جي اميدوار ۽ حاجي عبدالخالق جي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيد قبول محمد شاهه سعيد پورٽڪر وارو کٽي ويو ۽ صوبائي وزير به مقرر ٿيو، جڏهن ته حاجي عبدالخالق اها پهرين راند هارائي، هن دور ۾ مير اعجاز ٽالپر ۽ مير عنايت ٽالپر سان حاجي عبدالخالق جو بلڪل پڪو واعدو هو ته سياست گڏجي ڪندا، مرڻ جيئڻ گڏ رهندو، بقول مير اعجاز حاجي صاحب واعدو وفا نه ڪيو اسان کان عليحدگي اختيار ڪري ويو، جيڪو هڪ سياسي حادثو هو، جيڪو هميشه ياد رهندو!!
ٻيهر پ پ ۾ شموليت
مير اعجاز ٽالپر، غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، مير برادران حيدرآباد مير حاجي رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر پ پ جا بنيادي ڪارڪن هئا، شهيد ڀٽي جا وفادار جانثار ساٿي هئا پر وقت ۽ سياست ٻئي بي رحم هوندا آهن، سياسي طوفان سڳا ڀائر جاني جدا ڪري ڇڏيندا آهن، مٿيان بنياد رکندڙ سگهارا سياستدان ڪن رنجش ۽ مجبورين سبب ڌار ٿي ويا، سندن تڪن تي نوان چهرا نموندار ٿيا، ان کي چئبو آهي ”هڪ سج ٻه پاڇا!!“ ڪڏهن ”ڪمال ته ڪڏهن زوال“ حاجي صاحب مير صاحبن کي الوداع چوندي ”ڄام ڪرم“ جي سهاري ۽ سپورٽ سان دبئي ۾ سخت ناراض ٿيل نه مڃندڙ محترمه بينظير ڀٽو کي وڏي مهارت سان راضي ڪري پرچائي ورتو، پ پ ۾ شموليت بعد کيس فنانس سيڪريٽري سنڌ بڻايو ويو، ڄاڻايل عهدو تا زندگي وٽس رهيو، ۱۹۹۷ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي سندس مقابلو صوبائي سيٽ تي ڊاڪٽر عرفان گل مگسي سان ٿيو، سخت مقابلي ۽ طاقتور گروپن جي متحد هئڻ باوجود حاجي عبدالخالق سوڀارو ٿيو، B.A جي شرط لڳائڻ سبب مشرف جي دور ۾ اليڪشن ۾ حصو پاڻ نه وٺي سگهيو پر پنهنجي ڀائٽيي عبدالقادر سومرو کي بيهاري ان کي ڪامياب بڻايو، هي چوٿون مقابلو حاجي عبدالخالق کٽيو، پنجون مقابلو ۲۰۰۸ع ۾ مشرف جي اليڪشن ۾ هن پنهنجي فرزند حاجي عبدالڪريم سومرو کي ڪامياب ڪرايو!! اهڙي طرح هن مقابلن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا!! حاجي عبدالخالق سومري سال ۲۰۱۱ع ۾ رمضان شريف جي مقدس مهيني جي آخري ڏهي ۾ سڳورين ساعتن ۾ هن فاني مان وفات ڪئي سندس وڇوڙو، سندس جدائي، سِنڌ، ٽنڊو محمد خان ضلعي، صوبائي تڪ پي ايس ۵۴ جي عوام ۽ پارٽي لاءِ وڏو نقصان ۽ هڪ خال آهي، جيڪو سندس فرزندن حاجي عبدالڪريم، ڊاڪٽر عبداللطيف ۽ سندن ٻين ڀائرن اڳوڻو ايم پي اي حاجي غلام قادر جي مدد ۽ برادر کانسواءِ وفادار ووٽرن ۽ مخلص دوستن جي تعاون سان ڀرجي سگهي ٿو، بشرطيڪ خاندان جا فرد متحد هجن، حاجي صاحب آخري ڏينهن ۾ چوندو هو ته هاڻي منهنجي پٽ عبداللطيف جو وارو آهي، ان ۾ انيڪ صلاحيتون آهن، جڏهن ته موجوده ايم پي اي حاجي عبدالڪريم سومرو به برادر ۽ دوستن، راجن جو خدمت سان تعاون حاصل ڪري پاڻ مڃرائي رهيو آهي، هاڻ خاندان تي ڇڏيل آهي ته هو پاڻ ڪيئن ٿا مڃرائين ۽ ڪيئن ٿا ڪاميابيون حاصل ڪن؟
مخمور تي ميار!!
مخمور مون سان اليڪشن ۾ ساٿ ڏي، پُٽ سُڌارڻا اٿئي، اعليٰ عهدن تي پڄائڻا اٿئي ته منهنجي قافلي ۽ پ پ ۾ شامل ٿي وڃ!! ٻئي هنڌان جيترو تون لهين ٿو، اوترو ڪونه ملندئي!! تون ۽ انيڪ صلاحيتون آهن مون کي تنهنجي صحبت ۽ ساٿ جي ضرورت آهي، مون کي سٺو صلاحڪار گهرجي!! مون کانپوءِ مون کي منهنجي محبت ۽ مشورن کي ياد ڪجان!! آخر ۾ چيائين شامل نه ٿو ٿين ته مقالو لکي مون کي ياد ڪجان نه وسارجان!! حاجي صاحب کي چيم ته ميارون اکين تي!! توهان جي خدمتن تي تاثرات لکندس، جيڪڏهن حياتي رهيس ته باقي اتي ئي آهين جتي تو ڇڏيون!! ترقي بابت سندس پيشنگويون سڀ سچيون ثابت ٿيون، آخر ۾ عقيدت طور هي نظر سندس محبت ۾ پيش ڪجي ٿو.
ويو ڇڏي جاني جنهاڻ!!
پيارو ماڻهو هڪ سُڄاڻ، ويو ڇڏي جاني جنهاڻ
خال نه ڀربو سندس هاڻ، ويو ڇڏي جاني جنهاڻ
عبدالخالق ڪير سڏائي؟ نالو پنهنجو ويو ڪڍائي
ڏات وڏي هيس ڄاڻ، ويو ڇڏي جاني جنهاڻ
”جنهاڻ هنجون هاري پئي“، واٽون سندس نهاري پئي
ڪچهري ڪجي ڪنهن سان هاڻ؟ ويو ڇڏي جاني جنهاڻ
ماهه رمضان برڪت وارو، نصيب ٿيو کيس مهينو موچارو
موج ڀريو ڇڏي ”مهراڻ“، ويو ڇڏي جاني جنهاڻ
وقت شناس ليڊر هو، نفسيات جو ماهر ڊاڪٽر هو
زبان منهن تي مُرڪ مٺاڻ، ويو ڇڏي جاني جنهاڻ
ڀاڪر ڀري ملندو هو، ماڻهو ٺاهي ڄاڻندو هو
مخمور مشهور سندس روح رِهاڻ، ويو ڇڏي جاني جنهاڻ

No comments:

راءِ ڏيندا