قلندر بخش بدوي
رڃ پار ڪرائيندڙ
منظور ڪوهيار
سدائين ٻهڪندڙ چهرو، بردباري ۽
انڪساريءَ جو دلاويز مرڪب، مٺڙو اهڙو، ڄڻ ملائڪن سندس مٽيءَ کي ماکي وجھي ڳوهيو
هو. چيٽ ڪتيءَ هڪ جهڙي طبيعت ــ اهڙو هو، سائين قلندر بخش بدوي. مون پنهنجي پهرين
ادبي ڪاوش، ڪهاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“ بزمِ شهباز ۾ پڙهي، ڀانيان ٿو اهو ۱۹۷۴ع وارو
سال هو. بزمِ شهباز جو ڪرتا ڌرتا سائين قلندر بخش بدوي هو. ادبي گڏجاڻيون سندس ئي
وڏي اوطاق تي لاهوري محلي ۾ ٿينديون هيون. انهن ادبي گڏجاڻين ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي صاحب جهڙو ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ پارکو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جهڙو کوجنائي
اسڪالر، سائين مولوي نورالدين نور جهڙو بحر وزن جو ڀرجھلو شاعر، محترم اختر
جانوريءَ جهڙو خوش مزاج ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس شامل پيا ٿيندا هئا.
اهو ڪرشمو به سائين بدوي صاحب جو
ئي هو. جو اسان جهڙا الهڙ به اهڙين محفلن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. جن کي نه ادب آداب جي
خبر هئي نه وري اٿي ويٺي جي ڄاڻ. اهڙن
الهڙن ۾ هڪ سرموڙ الهڙ لاڙڪاڻي جي
هڪ ادب دوست شخصيت مرحوم مهر الله شيخ جو مستانڙو فرزند ارجمند به هوندو هو. شيخ
صاحب مرحوم، پٽ جي علمي ۽ ادبي تربيت لاءِ
کيس بزم شهباز جي ڪچهرين ۾ وٺي ايندو هو، جيڪو هر ڳالهه تي، ”بز اخفش“ جيان
پيو ڪنڌ ڌوڻيندو هو.
هڪ ڀيري ادبي گڏجاڻي هلندي مستاني
نوجوان اعلان ڪري وڌو ته، ”اڄ اسين گوهر افشاني ڪنداسين.“ سموري بزم حيران
هئي، جيتوڻيڪ سندس والد بزرگوار نوجوان کي
گهڻو ئي روڪيو ته هو اهڙي گوهر افشاني کي ڪنهن ٻي ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پر
هو نه مڙيو ڇاڪاڻ ته، اسان پاري پبلڪ جو
پراصرار زور انهيءَ مستانڙي پويان هو. شيخ زادي دنيا جو نقشو ڪڍي خطاب فرمايو،
”حاضرين مجلس، مون دنيا جي نقشي تي ويهي وڏي کوجنا ڪئي آهي ۽ انهيءَ تحقيق مان اهو
ثابت ٿيو آهي ته، چنا چين مان، ڪوري ڪوريا مان، ابڙا ايران مان، منگي منگوليا مان
۽ شيخ شام مان آيل آهن.“ مجلس ۾ ويٺلن مان
ڪنهن امالڪ رڙ ڪري پڇيو؛
”۽ ٻروچ ..؟“
سوال ٻڌي شيخ زادو ٿورو هٻڪيو پر
پوءِ نقشي تي غور ڪندي وراڻيائين، ”ڏاڍو ويچاريو اٿم، پر خبر نه ٿي پئي. لڳي ٿو
سمنڊ مان نڪتا آهن.“
ڪچهري ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ پوءِ بي
لغام حاضرين هئا ۽ ڇڙواڳ محقق.سوال ڪندڙن، سوال ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو پر اڳيان به
شيخ زادو هو. هن به کتا جواب ڏنا.
ادبي گڏجاڻي جو رخ ئي بدلجي چڪو
هو. بزرگن گهڻي ڪوشش ڪئي ته محفل کي اصلي رنگ تي آڻجي، پر محفل بدمست هاٿين جي
حوالي ٿي چڪي هئي. جن سمورا آداب اورانگهي ڇڏيا.
اسان کي ندامت جو ڏاڍو احساس هو،
ٻي ڏينهن تي سائين قلندر بخش بدوي سان مليا سين. اسان جو خيال هو ته سائين شايد ناراض
هوندو پر ائين نه هو. اسان جي معذرت تي رڳو ايترو چيائين، ”بابا، مڙيئي خير آهي،
شغل ٿي ويو، اوهان رڳو مولوي نور الدين نور کي پرچائي ڇڏجو. مان به چيو اٿمانس ته
انهيءَ قصي کي درگذر ڪري، ڇاڪاڻ ته ڪلهه ٻارڙن جو وارو هو.“
جيتري قدر ياد اچي ٿو ته بزم شهباز
جي ڪنهن به گڏجاڻي يا محفل ۾ ڪڏهن به ڪا
بدمزگي پيدا نه ٿي هئي. بدوي صاحب پنهنجي سهپ جي صفت سان، سڀني کي درگذر جي ڏوريءَ
۾ ٻڌي ڇڏيو هو، ان ڪري هرڪو منجهانس رازي پازي هوندو هو.
اوطاق تي راڳ رنگ جون ڪچهريون به
ڪرائيندو هو. جن ۾، استاد گلزار علي ۽ خان صاحب خورشيد علي خان جي پائي جهڙا راڳي
به اچي شريڪ ٿيندا هئا. عام دعوت هوندي هئي ۽ ڪنهن به قسم جو ڪو متڀيد نه هوندو
هو. داد ڏيڻ لاءِ نه صرف راڳ جا ڄاڻو پر ڪيئي اڻڄاڻ ڪٺا ٿيندا هئا. بدوي صاحب جي
محابي اسان جهڙن کي به ڀيروي، ايمن، ٺاٺ ٺمريون، لهرا ۽ جهولا سمجهه ۾ اچڻ لڳا
هئا.
اڄ به گلزار علي خان جي پلٽن سان
سلهاڙيل اها ڪافي ڪنن ۾ ٻري رهي آهي،
”سڌ نه سورن جي، ڪل ڪا مون کي
او ڏاڍو عشق اڙايو اٿئي،
او ڏاڍو برهه بڇايو اٿئي.“
يا خان صاحب خورشيد علي خان جي
پرسوز آواز ۾ خواجه فريد جي اها ڪافي،
”تتي رو رو واٽ نهاران
ڪڏي سانول موڙ مهاران
جنين ڪارڻ سو سختي جاڳي
ڦران ڏهاڳي، ويس ويراڳي
جند مين ڏيکان، سانول ساڳي
ٿيوان باغ بهاران........“
ياد اينديون آهن ته ذهن کي سرور
ايندو آهي ۽ يادن جا جهروڪا کلي پوندا آهن، جنهن مان سائين بدوي جو پرنور ملوڪ
مهانڊو اڳيان اچي ويندو آهي، جيڪو راڳ تي مست ٿي جهومندو هو.
سائين قلندر بدوي مرحوم ۱۹۲۲ع ۾
جنم ورتو. ٻاروتڻ ۾ والدين جي وفات جي ڪري مئٽرڪ به نه ڪري سگهيو ۽ زندگي جي سڳي
سورڻ لاءِ ننڍا سنڍا ڪاروبار ڪري ڏاڍي سيبتي طريقي سان وقت گذاريو.
سياسي ڪارڪن هو ۽ سياسي طور تي
مسلم ليگ (قاضي فضل الله گروپ) سان سلهاڙيل هو ۽ اها ڪمٽمينٽ توڙ تائين نڀايائين
پر وچتي ٿورو پيپلز پارٽي ۾ پنهنجي پوري برادريءَ سان جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ شموليت
جو اعلان ڪيو هيائين. پر پيپلز پارٽيءَ ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نه ڏسي جلد موٽ
کاڌائين.
شاعريءَ ۾ الهه ڏتي کيڙي، حاجي
محمود خادم ۽ هري درياني دلگير کان اصلاح وٺندو هو. بدوي صاحب جي شاعريءَ تي فن ۽
خيال جي حوالي سان ڪڏهن به وڏا اعتراض ٻڌڻ ۾ نه آيا. اڄ به سندس هڪ غزل جا ڪجهه
بند حافظي ۾ محفوظ آهن،
”شريڪ غم الم ڪوئي نه آهي،
هجي جو هم قدم ڪوئي نه آهي.
ڀري ساغر مٿان ساغر ڏنائين،
حقيقي جامِ جم ڪوئي نه آهي.“
سندس گيت به ان دؤر ۾ ڏاڍا پسند
ڪيا ويندا هئا ۽ پاڻ پنهنجا گيت سر سان ڳائي محفل کي محظوظ ڪندو هو. اها سرشاري ۽
سرمستي تڏهن، پنهنجي عروج کي وڃي ڇهندي هئي جڏهن بدوي صاحب جو فرزند، فتح عباس،
سائين جو گيت سُر سان ٻڌائي، سڄي محفل جهومائي ڇڏيندو هو. خاص ڪري هي گيت:
”ڳائڻ وارا ڳاءِ
اڃا ڪجهه ڳائڻ وارا ڳاءِ.“
فتح جڏهن سائين بدوي جو اهو گيت
ڳائيندو هو ته، سندس آواز جي لئه تي ويٺل جهمريون هڻندا هئا.
پاڙي ۾ هڪ ٻه تنگ دل ۽ بدذوق
ماڻهوءَ به هوندا هئا، جن کي ان قسم جون محفلون پسند نه اينديون هيون پر بدوي صاحب
ڪڏهن به سندن ڪاڻ نه ڪڍي.
سوجهرو، سهڻي، مهراڻ ۽ ٻيا ادبي
رسالا سندس پڪا سنگتي هئا. ۽ ٻين سنڌي
ادبي رسالن سان اسان جي واقفيت به سائين بدوي جي ڪري ٿي. ڇو جو هو اهي ادبي رسالا
پنهنجي اوطاق تي پڙهڻ لاءِ گھرائيندو هو.
دنيا گذر گاهه آهي، ڪيئي آيا، ڪيئي
ويا، پر جنهن تاريخ يعنيٰ ۱۷ آڪٽوبر ۱۹۷۸ع ۾ اوچتو دل بيهجي وڃڻ جي ڪري بدوي صاحب
”رضا “ ڪئي هئي ته اسان کي ائين لڳو ڄڻ ته متل محفل ڇڏي ويو هجي.
اڄ لاهوري محلي ۾ ته ڇا پر سڄي
لاڙڪاڻي ۾ به اهڙو محفل جو مور ڪونهي، جيڪو سائين بدوي وانگر پاڙي جي ننڍن کي
ويڳاڻپ جي رڃ مان اٿاري، سڃاڻپ جي سبزه زارن ۾ ويهاري.
**
No comments:
راءِ ڏيندا