قلندر بخش بدوي
رڃ پار ڪرائيندڙ
منظور ڪوهيار
سدائين ٻهڪندڙ چهرو، بردباري ۽
انڪساريءَ جو دلاويز مرڪب، مٺڙو اهڙو، ڄڻ ملائڪن سندس مٽيءَ کي ماکي وجھي ڳوهيو
هو. چيٽ ڪتيءَ هڪ جهڙي طبيعت ــ اهڙو هو، سائين قلندر بخش بدوي. مون پنهنجي پهرين
ادبي ڪاوش، ڪهاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“ بزمِ شهباز ۾ پڙهي، ڀانيان ٿو اهو ۱۹۷۴ع وارو
سال هو. بزمِ شهباز جو ڪرتا ڌرتا سائين قلندر بخش بدوي هو. ادبي گڏجاڻيون سندس ئي
وڏي اوطاق تي لاهوري محلي ۾ ٿينديون هيون. انهن ادبي گڏجاڻين ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي صاحب جهڙو ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ پارکو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جهڙو کوجنائي
اسڪالر، سائين مولوي نورالدين نور جهڙو بحر وزن جو ڀرجھلو شاعر، محترم اختر
جانوريءَ جهڙو خوش مزاج ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس شامل پيا ٿيندا هئا.
