سائين محمد بخش لاشاري
پرٻيڻ استاد
منظور ڪوهيار
اڄ به اکين اڳيان اهي منظر ڦرن ٿا. سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو جي فيڪلٽي آف آرٽس واري عمارت. ٻه ماڙ تي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪنڊ وارو
ڪمرو. سائين محمد بخش لاشاري Principle of sociology سبجيڪٽ پڙهائي
رهيو آهي. پڇي ٿو:
”هاڻي فرق سمجهه ۾ آيو ثقافت ۽
تهذيب ۾!؟“
”نه سائين!........“اسان شاگرد
جواب ڏيون ٿا.
سائين اڃا وڌيڪ سماجي ماهرن جون
وصفون ٻڌائي ٿو، سمجهاڻي ڏئي ٿو، اسان جي حيص بيص جاري آهي، وڃي ٿو گهرو ٿيندو،
پورو هفتو انهيءَ موضوع تي ڳالهائي ٿو. ايسيتائين جيسيتائين اسان مطمئن نه ٿا
ٿيون.آخر ۾ هڪ پيپرculture and civilization تي لکي اچي ٿو ۽ چوي ٿو: ”ڏسو، توهان جي سوالن جي ڪري آءٌ هي پيپر
لکي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، جو اوهان جهڙا شاگرد
مليا آهن.“
سندس ان انگريزي ۾ ٽائيپ ٿيل ۳۵
صفحن تي مشتمل پيپر جي ڪاپي اڄ به مون وٽ محفوظ آهي، خدا ڄاڻي ته اهو پيپر ڪٿي
ڇپيو به آهي يا نه ....!؟
يونيورسٽي جا استاد ته هڙئي سُون،
پر هي سيتا رامي سُون هيو، جنهن ۾ ذرو به ڦيٽ نه هئي، ڪيترائي استاد جيڪي خدا جي
واسطي ڪوئو به نه ماريندا هيا، اتي سائين لاشاري جهڙو پُرياتو ۽ پاونگ ايئن لڳندو هو، ڄڻ صحرا ۾ مٺو چشمو هجي.
ڪڏهن به کيس واندڪائي ۾ اوٻاسيون ڏيندي نه ڏٺوسي، جڏهن به ڏٺوسين ته ڪنهن شاگرد کي
سمجهائيندي، ڪنهن ڪلارڪ جي ايڪسپلينيشن ڪال جو جواب ٺاهيندي، ڪنهن استاد جي لکيل
پيپر جي ڪريڪشن ڪندي.
آرٽس فيڪلٽي ۾ سندس آمد جو عجيب
انداز هو، جتي ڪيترا ئي استاد لڙڪيل ڪلهن ۽ بيزار مُکن سان داخل ٿيندا هيا، اتي
سائين هشاش بشاش مرڪندو ايندو هو، ڄڻ پري کان دغدغا پئي ٻري.
ايم اي فائينل ۾ رڳو ڇوڪريون
هونديون هيون. بدرالنساءِ، خيرالنساءِ، انجم يوسف، راني گل، نازي گل ۽ سيما. ۳۱
جنوري ۱۹۷۸ع تي اسان کين الوداعي پارٽي ڏني سي. جان محمد ۽ منهنجي مڙيئي انهن سان
گھڻي لڳندي هئي، ان ڏينهن تي اسان ٻنهي ڄڻن جيڪا الوداعي تقرير ڪندي لفاظي ڪئي، ان
۾ وڇوڙي جو وڏو درد سمايل هو. جنهن جو متن ڪجهه هيٺين ريت هو:
”جڏهن ڪا راڌا، ڪنهن پيار جي پنگھٽ
تي، ڪا سلميٰ ڪنهن پريم ڊگر تي، ڪا وينا خوشبو واسيل واٽ تي ملي ٿي ته پوءِ ايئن
محسوس ٿئي ٿو ته هر ڪا رات شبِ برات، هر موسم، موسمِ بهاران، ۽ هر زمين جو ٽڪر
گوشه چمن لڳي ٿو. اسان ڪيئن وساري سگھنداسي انهن يادن کي، انهن ڪيفيتن کي، جنهن ۾
وقت جي گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هيو، اڄ جڏهن وڇوڙي جو وقت آيو آهي ته احساس ٿيو
آهي ته وڇوڙو بري بلا آهي،خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته اسان انهيءَ وڇوڙي جي اذيت ۽ عذاب
مان جانبر به ٿي سگھنداسين يا نه....“
استادن ۽ ٻين شاگردن هڪ ٻئي کي
ٺوٺيون هنيون ۽ کليا.
ان ڏينهن کان پوءِ ڪلاس هلندي جان
محمد ڳوٺ هليو ويو ۽ مان لاڙڪاڻي اچي پهتس، ٽي ڏينهن نه گذريا ته سائين لاشاري جي
ٽيليفون اچي پهتي ته جلدي اچي مل....! مان ساڻس مليم ته ڇنڊ پٽيائين جا منهنجي
تصور ۾ به نه هئي:
”مون سمجھيو هيو ته اوهان هتي پڙهڻ
آيا آهيو، پر اوهان ته رڳو عشق ڪرڻ آيا آهيو......“
مان ڪنڌ جھڪائي ٻڌندو رهيس، ۽ پوءِ
کيس ٻڌايو ته ”مان دراصل لاڙڪاڻي ويو هيس، انٽر ڪلب ڪرڪيٽ جي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ...“
”پوءِ اهو ڄانگھڙيل ڇو نه ٿو اچي؟“
جان محمد جي لاءِ پڇيائين.
”خبر نه آهي.“ مون وراڻيو،
”اڄ ڪيئن به ڪري منهنجي گھر وٺي
اچيس.“
مان جان محمد کي سندس ڳوٺ صاحب خان
رند حيدرآباد مان، ڌتاري ڌتاري اولڊ ڪيمپس حيدرآباد، سائين جي گھر نمبر ۳۱ تي وٺي
آيس، سندس منهن پيلو لڳو پيو هيو، سائين لاشاري اوطاق ۾ ويهاري، گھر ماني ڪرائي.
ماني کائيندي احوال وٺڻ لڳو. جان محمد ڏاڍي ڏکاري انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو:
سائين، دراصل پڙهائي تي دل ئي نه
ٿي چوي ....“
سائين سمجھائڻ لڳس؛”بابا، سنڌ
يونيورسٽي روپ ساگر آ...جنهن ۾روپ ونتيون پيون اچن ۽ وڃن.هروڀرو پڙهائي کي اڌ ۾
ڇڏڻ صحيح نه آهي....“
مون کي وري اِهو احساس ٿيو ته
واقعي يار پٽڙيءَ تان لٿو ٿو وڃي ته وچ ۾ ڪڏي، ڪجھه هن نموني جي نصيحت ڪرڻ لڳس:
جانو...! مون ته ايئن سمجھيو هو ته
تون ڪنهن هڪ هنڌ پٽ جي پينگهه پائي لڏڻ وارن مان ناهين.....هونئن جي اهي هليون
ويون ته ڊپارٽمينٽ ۾ اڃان گنج لڳو پيو آ. پاڻ ٻن سان ٽي ڇوڪريون گڏ آهن. ايم اي
پريويس ۾ پنج کن ڪونجيليون ڪونجار ڪنديون ٿيون وتن. ائين بي اي آنرز ۾ به حسن
خرامان خرامان ڪندو ٿو وتي، ڀرسان سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ به سڃو ڪونهي.
اسان ٻئي دوستن ۽ دشمنن جي دلين تي
داغ آهيون ڪڏهن وڃي ڪامرس ڊپارٽمينٽ وارن جي دلين تي هٿ رکي ڏس يا انهن ڊپارٽمينٽ
جي ڇوڪرن تي، جتي پنجاهه ڄڻن ۾ پوڻيون چار ڇوڪريون مس آهن.....“
”تون ڪندو آهين رڳو بڪ....! توکي
ڪهڙي خبر ته مون سان اصلي ڪهڙو مسئلو آهي......“ جان محمد چڙي وراڻيو،
”پوءِ ڦاٽ نه.....!“ساڳئي لهجي ۾
جواب ڏنومانس.
”دراصل منهنجي سڳي ۽ ماٽيجي ماءُ
جي جھيڙي مون کي منجھائي ڇڏيو آ..... ذهني سڪون ئي وڃائجي ويو آ.“
سائين لاشاري ۽ مون کان ٽهڪ نڪري
ويا. سائين کيس ڌيرج سان سمجھائڻ لڳو، ”بابا ماڻهن ويچارن سان الائي ڪهڙا ڪهڙا
مسئلا درپيش آهن، ويڌنون آهن، ته به ويچارا هلن پيا. توکي گھر جي ٻن عورتن جي
جھيڙي منجھائي وڌو آ....چڱو، تون منهنجي جدوجهد جو داستان ٻڌ، جي سبق پرائي سگھين
ته پراءِ ......نه ته وڌيڪ تنهنجي مرضي.......“
ان کان پوءِ سائين پنهنجي ڏکن سورن
۽ جدوجهد جو داستان ٻڌايو جنهن جو اختصار هن ريت هو:
”منهنجو تعلق ڳوٺ پيرو لاشاري ۽ ضلع
بدين سان آهي، ننڍپڻ ۾ والد گذاري ويو، غريب گھراڻي سان تعلق هيو، صبح جو پرائمري
اسڪول ۾ پڙهندو هئس، شام جو مينهون چاريندو هئس، اسڪالر شپ تي ۱۹۵۳ ع ۾ ميٽرڪ فرسٽ
ڪلاس ۾ پاس ڪيم، نوڪري ڪندي انٽرميڊيٽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيم، بي اي فرسٽ ڪلاس
۾ ۽ ايم اي سوشيالاجي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيم. اڄ اوڻويهين گريڊ ۾
ايسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيان پيو، ايئن نوڪري ڪندي ڪيتريون تڪليفون آيون،
پر ڪڏهن به دل نه لاٿي.....زندگي جدوجهد جو نالو آهي، ان ڪري آنءُ نه ٿو سمجھان ته
تنهنجو پڙهائي ختم ڪرڻ وارو عذر قابلِ قبول آهي، ان ڪري تون سڀاڻي ايندين، اهو
منهنجو حڪم آهي!“ جان محمد ٻئي ڏينهن تي حڪم جي بجاآوري ڪئي، يونيورسٽي آيو، ايم
اي پاس ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ پهتو، اڄ آمريڪا جو با عزت شهري
آهي. ۽ اتي ڊپارٽمينٽل اسٽور جو مالڪ آهي.
سائين لاشاري
خاڪ مان کڻي افلاڪ تائين پهچائڻ وارن استادن منجھان هيو، اهڙو ماه ڪامل استاد جنهن
جو ناتو شاگردن سان دائمي هوندو هيو، يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ به شاگرد ۽
شاگردياڻيون، سندس اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد واري گھر کي، پنهنجو
گھرسمجهي اچي رهندا ها. کيس اولاد به خدا اهڙي صالح ۽ وڏيءَ دل واري عطا ڪئي، جو
سندس شاگردن جي اچڻ وڃڻ کي ٺٺي نه ڀانيائون. ميلا متا پيا هوندا هئا سندس ننڍڙي
اوطاق تي. اتي خبر پوندي هئي ته هي شاگرد ۱۹۷۵ع جي بيچ جو، هي ۱۹۷۶ع جي بيچ جو، هي
۱۹۷۷ع ۽ هي ۱۹۷۸ع جي بيچ جو آهي.
جي سندس ڳڻن کي چيتارجي ته ڪتاب
ٺهي وڃن، مان جي رڳو پنهنجي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ته به نه ڪري سگھان. ۱۹۸۰ع ۽ ۱۹۸۲ع ۾
جڏهن حيدرآباد هوندو هئس ته ساڻس اهڙا انگل ڪيم جيڪي دوستن سان ڪبا آهن:
”سائين هل ٽاپ ۾ واهه جي انگريزي
فلم لڳي آهي. “
”اي منظور....! آنءُ يار فلم ڪونه
ڏسان، پر جي تون چوين ٿو ته آنءُ هلان ٿو.“
”سائين اڄ ماني گھر جھلي ڇڏجو، سجي
کائينداسين.“
”آنءُ يار هاڻي پوڙهو مڙس، سجي هضم
ڪري سگھان الائي نه. تون کڻي کائجانءِ، آنءُ کڻي ٻه ٽي گرهه هڻندس.“
مون کي ياد آهي ته سائين ڪڏهن به
پيسا ڀرڻ نه ڏنا. هر دفعي سان اهو چوندو رهيو ته ”اهي پيسا گھر موڪلي ڇڏجانءِ. تو
کي اهو احساس هئڻ گھرجي ته هاڻي تو کي خاندان جي ضرورتن جو به خيال رکڻو آهي.“
ڪهڙي خبر ته سندس حياتيءَ جو ماڻ
ائين ڀرجي ايندو، آگسٽ ۱۹۹۸ع ۾ پنهنجي پٽ فضل محمود ڏانهن، ڪوئيٽا گهمڻ ويو. ۳۱
آگسٽ جي شام تي کلندي ڳالهائيندي، بلڊ ۾ ڪلاٽ اچي وڃڻ ڪري مسئلو پيدا ٿيس. ٻن ٽن
ڪلاڪن اندر زندگيءَ جو کيل ختم ٿي ويو. اهڙا داني پرش ۽ پـرٻيڻ استاد ڪڏهن ڪڏهن
ڄمندا آهن، جيڪي شاگردن لاءِ سؤ ڀاڱا سون هوندا آهن.
**
No comments:
راءِ ڏيندا