; سنڌي شخصيتون: الطاف سومرو - عائشه جمالي

29 December, 2012

الطاف سومرو - عائشه جمالي


الطاف سومرو
ٽي وي، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جو فنڪار چوي ٿو
انٽرويو: عائشه جمالي
فن ۽ ثقافت جي جنم ڀومي واري مهراڻ جي خوبصورت شهر حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ سينيئر اداڪار، صداڪار، ڊرامه نگار ۽ هدايتڪار الطاف سومرو پنهنجي فني سفر جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان شروع ڪيو. اسٽيج جي دنيا ۾ هن نه رڳو ڊرامن ۾ مختلف ڪردار بخوبي ادا ڪيا پر ساڳئي وقت هن موضوعاتي اسڪرپٽ پڻ لکيا ۽ ڊائريڪٽ به ڪيا. هن شاهه جي سورمين تي پڻ ڊراما لکيا، جن ۾ عمر مارئي، ليلا چنيسر ۽ مومل راڻو کي ڪاميابي سان اسٽيج ڪيو ۽ داد ماڻيو.

ناليواري اديب ۽ دانشور حميد سنڌيءَ جي سرواڻي ۾ جڏهن ۱۹۸۰ع ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامن جو سؤ سالا جشن منعقد ٿيو. تڏهن ڇهن ڊرامن کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو ويو ۽ ٻن ڊرامن ۾ الطاف سومرو جي سليڪشن ٿي. پهريون وڏو ناٽڪ انڊيا جي مشهور ليکڪ درياڻيءَ جو ”زمينداري ظلم“ هو، جنهن ۾ مظلوم هاري جي ڪردار ۾ ان وقت جي مقبول اداڪار اي آر بلوچ جنهن ظالم زميندار جو ڪردار ادا ڪيو هو. ھن، ان جي مد مقابل ڀرپور ڪردار نگاريءَ جو مظاهرو ڪري، زبردست داد ماڻيو. جڏهن ته ٻيو ڊرامو ”تماشو“ هو، جنهن جو ليکڪ ناليوارو اديب ۽ ڊرامه نگار آغا سليم هو. تماشو ۾ الطاف سومرو هيرو جو ڪردار، ان وقت جي سڀ کان مشهور وارث سيريل فيم اداڪار محبوب عالم جي مد مقابل پرفارم ڪري خوب داد ماڻيو.
اسٽيج جي انهي منچ تان الطاف سومري جي چونڊ، مرحوم پروڊيوسر هارون رند سندس سيريل ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ ۾ هڪ ۶۰ سالا، اصول پسند بزرگ شخص جي ڪردار لاءِ ڪئي. الطاف سومرو ”راڻي جي ڪهاڻي“ ۾ سڄڻ خان جو ڏکيو ڪردار ۲۴ سالن جي عمر ۾، محنت سان ادا ڪيو، جو مٿس اولڊ ڪردارن جي ڇاپ لڳي وئي ۽ ڪيترا ئي سال سندس اصل چهرو ٽي وي تي نظر نه آيو. هو هميشه هر ڪردار ۾ گيٽ اپ سان ئي ڪردار ادا ڪندو رهيو پر اها سندس فن سان سچائي هئي جو هن ڪڏهن به اهو نه چيو ته؛ اسڪرين تي منهنجو اصل چهرو ته ڏيکاريو. پر هو پنهنجن ڪردارن کي محنت سان ادا ڪندو رهيو. هن جو چوڻ هو ته؛ اولڊ ڪردار ڪرڻ سان منجهس خود اعتمادي پيدا ٿي ۽ هو اداڪاري جي گُرن کان واقف ٿيندو ويو.
پوءِ عبدالقادر جوڻيجي جي سيريل ”ڄار“ ۾ پهريون دفعو الطاف سومرو جي ڏاڙهي واري گيٽ اپ کان جان آجي ٿي. ان کانپوءِ عوام ۾ سندس اصل چهرو روشناس ٿيڻ لڳو. اڄ سنڌ جو ٻچو کيس سڃاڻي ٿو.
پي ٽي وي تي الطاف سومرو لاتعداد سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ سيريلن ۾ ڪردار ادا ڪيا ۽ اهي ڊراما مشهور ٿيا. تن ۾ مرحوم پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي ڊرامه سيريل بليڪ اينڊ وائيٽ ”سام“، مرحوم پروڊيوسر هارون رند جي بليڪ اينڊ وائيٽ سيريل ”راڻي جي ڪهاڻي“، مرحوم پروڊيوسر فيض ٻگهيو جي سيريل ملڪيت ۽ ”باک“، جنهن جو ليکڪ مشهور اديب شوڪت حسين شورو هو، اردو سيريل ”ديوارين“ جنهن نيشنل نيٽ ورڪ تي زبردست ڪاميابي ماڻي ۽ صدارتي ايوارڊ ماڻيا، ان کانسواءِ نور الهديٰ شاهه جي ايوارڊ يافته سيريل ”جنگل“ ۽ عبدالقادر جوڻيجو جون سيريليون ڄار، راڄ ڀاڳ ۽ کوڙ سارا ٻيا ڊراما شامل آهن.
ريڊيو حيدرآباد تي الطاف سومرو نصير مرزا، گل حسن قريشي، جهانگير قريشي، ڪامران ڀٽي، مرحوم انور هڪڙو ۽ مرحوم پروڊيوسر شيخ ابراهيم جهڙن تخليقي ذهن رکندڙن سان گڏ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ محنت سان پنهنجو مقام ٺاهيو. محمد قاسم ماڪا پي ٽي وي تان پروگرام ”سُر جو سفر“ پيش ڪيو، جيڪو مرحوم سنگيت ڪارن تي مشتمل هو. سرڳواسي ماسٽر چندر سان مشابهت هئڻ سبب، محمد قاسم ماڪا، الطاف سومرو کي چندر جي روپ ۾ گيتن جي لاءِ چونڊيو. الطاف، ماسٽر چندر جي گيتن تي اهڙي ته سهڻي نموني پرفارم ڪري ڏيکاري جو سندس انداز کي ڏسي ڪنهن به ائين نه چيو ته؛ اهو ڪو ماسٽر چندر ناهي. ايتري قدر جو پي ٽي وي تي انڊيا مان خط آيا ته توهان کي شابش آهي جو اسان جي گلوڪار ماسٽر چندر جون يادگار شيون توهان سنڀالي رکيون آهن. الطاف سومرو جي ان ڪم تي کيس زبردست داد مليو.
ڪي ٽي اين تي سندس ڊائريڪٽ ڪيل ڊراما ”چوري“ جنهن جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو هو ۽ ”اڌورا خواب“ جنهن جو ليکڪ شوڪت حسين شورو هو، کي تمام سٺي موٽ ملي. جڏهن ته مهراڻ ٽي وي تي الطاف سومرو جي لکيل ۽ ڊرائيڪٽ ڪيل ڊرامن ۾ ارمان، انا جو موت، مجبور ماڻهو، پيار جو پرڻو، هي ٻڪر ڪنهن جو ۽ عاشقن جي عيد شامل آهن، انهن ڊرامن پڻ ڏسندڙن ۾ سٺي پذيرائي حاصل ڪئي.
الطاف چوي ٿو ته؛ هو خوشنصيب آهي جو کيس سينيئر اداڪارن شهباز دراني، مرحوم نور محمد لاشاري، شفيع محمد شاهه، منصور بلوچ، فريد نواز بلوچ، قربان جيلاني، شهزادي، روشن عطا، محمود صديقي، مشتاق مغل، مشتاق جسڪاڻي، انور سولنگي، مشتاق چنگيزي ۽ سيد صالح محمد شاهه جهڙن ليجنڊ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هن انهن مان گهڻو ڪجهه پرايو.
ساڳئي وقت الطاف چوي ٿو ته؛ اها به هن جي وڏي خوش قسمتي چئبي جو هن کي ڪلاسڪ لکيڪن جا اسڪرپٽ مليا، جن ۾ علي بابا، قمر شهباز، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، آغا رفيق، ڪيهر شوڪت، آغا سليم ۽ نور الهديٰ شاهه شامل آهن.
الطاف تازو هڪ ٽيلي فلم ”وحشي ۽ انسان“ پڻ ڊائريڪٽ ڪئي، جنهن ۾ گلاب چانڊيو، شهباز دراني ۽ عابد نويد جهڙن ڀلوڙ اداڪارن پرفارم ڪيو آهي. فلم جي باقي ڪاسٽ ۾ خود الطاف سومرو، نيلوفر صنم، فريده سهتو، عبدالجبار پنهور، رمضان چانڊيو، سرفراز پنهور، شمشاد غوري، جمن ابڙو، پريل عظيمي، محبوب جمالي، مولا بخش مستوئي ۽ ٻيا شامل آهن.
هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته؛ ثقافت کاتي کي کپي ته راڳ سان گڏ شاهه جي سورمين ۽ سورمن تي مشتمل ڪلاسڪ ناٽڪ کي پيش ڪن ۽ اداڪارن جي به پذيرائي ڪن.
آخر ۾ الطاف سومرو چيو ته؛ جيئن پنجاب ۾ لاهور اسلام آباد ۽ ملتان ۽ بلوچستان ۽ پختونخوا کان به پي ٽي وي تان علائقائي نشريات کي ڏياريو وڃي ٿو، تيئن سنڌ مان به هڪ الڳ فل ٽائيم سنڌي چينل شروع ڪيو وڃي ته جيئن سنڌي عوام به ۽ خاص ڪري ٻهراڙي جا اهي ماروئڙا جن وٽ ڊش جي نشريات نٿي پهچي، اهي اڄ به اينٽينا تي پي ٽي وي جا پروگرام ڏسن ٿا ته انهن کي به سنڌي پروگرام ڏسڻ لاءِ ملن ۽ اهو ڇهه ڪروڙ سنڌين جو حق به آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا