الطاف سومرو
ٽي وي، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جو فنڪار چوي ٿو
انٽرويو: عائشه جمالي
فن ۽ ثقافت جي جنم ڀومي واري مهراڻ جي خوبصورت شهر
حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ سينيئر اداڪار، صداڪار، ڊرامه نگار ۽ هدايتڪار الطاف سومرو پنهنجي
فني سفر جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان شروع ڪيو. اسٽيج جي دنيا ۾ هن نه رڳو ڊرامن ۾ مختلف
ڪردار بخوبي ادا ڪيا پر ساڳئي وقت هن موضوعاتي اسڪرپٽ پڻ لکيا ۽ ڊائريڪٽ به ڪيا. هن
شاهه جي سورمين تي پڻ ڊراما لکيا، جن ۾ عمر مارئي، ليلا چنيسر ۽ مومل راڻو کي ڪاميابي
سان اسٽيج ڪيو ۽ داد ماڻيو.