; سنڌي شخصيتون: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو - مير نادر علي ابڙو

11 December, 2012

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو - مير نادر علي ابڙو


شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
يارن جو يار
مير نادر علي ابڙو
شهيد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو جي ۲۹ هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستاني سياست جو محور هو سندن گيت جمهوريت جو راڳ اڄ به ڪلهه وانگي ڳائجي ٿو. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جان جيون جا سمورا ڏينهن دکي انسانيت جا راڳ آلاپيندي انهن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاريا. عوام کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏنو. هن جو جمهوريت جي تاج کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڏو ۽ نه وسارڻ جهڙو يادگار ڪردار رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن نالو عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو نه ته هن ڌرتي تي ڪيئي انسان آيا هليا به ويا پر چند ماڻهو ئي سماجي رشتا نڀائيندي امر رهيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جو ابو هو. جنهن ڪڏهن به  اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.


ٻين لاءِ جيئڻ جو فن سيکاريو اقوام متحده جي پليٽ فارم کان ويندي اسلام آباد جي ايوانن تائين هن جو هڪ آواز هو. جيڪو هن ملڪ جي غريب طبقي جو هو، هو پاڻ جنگي قيدين جي آزادي کان ويندي زندگي جي هر پل ۾ عوام خاطر انتهائي بيقرار نظر آيا. هن جو رشتو عوام سان هڪ زنجير وانگي جڙيل هو. جنهن کي عوام جي دلين تان ميسارجي نٿو سگهجي. پاڻ شهادت جو جام اوتي ڇڏيو پر اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي نڪو سر جهڪايو، هر هنڌ تي پنهنجي اصولن مٿي اٽل نظر آيو، ڦاهي تي مرڪي چڙهيو ۽ مرڪون ۽ لازوال رونقون ڇڏي قوم کي ويڳاڻو ڪري هليو ويو. سندس اصول پرستي سبب اڄ ملڪ جو ٻچو ٻچو جيئي ڀٽو جو نعرو ٿو هڻي سندن جو پيغام اڄ پوري ملڪ ۾ جمهوريت جو راڳ بنجي گونجي رهيو آهي ۽ نا سمجهه ٻار به جيئي ڀٽو جو نعرو ٿا هڻن. لاڙڪاڻي ۾ اڄ به اهي ڳالهيون راڄن ۾ ڳائجن ٿيون ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو محبتي رشتو منهنجي والد محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان هو، انهيءَ ڪري هو اوطاق ۽ چيمبر تي ضرور ايندا هئا جتي هند ۽ سنڌ جي اديبن جا ميلا متل رهندا ۽ رات جي پهرن ۾ ڪچهريون رچنديون هيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهيءَ اوطاق تي ايندو هو جتي وڏا سياسي بحث ڇڙندا هئا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو منهنجي بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صلاح مشورن لاءِ المرتضيٰ هائوس ۽ اسلام آباد گهرائيندو رهندو هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي اصرار تي بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪرايو. جنهن دوران ڊائريڪٽ ڀرتيون نه ڪيون وينديون هيون. امڙ ڳالهه ڪندي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ دفعي جڏهن چيمبر تي آيو ته بابا مرحوم کي چيائين ته پنهنجو پٽ ڏيکار. گهڻي اسرار تي بابا تجڻن ۾ هوندي به مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏيکاريو، جنهن مون کي ڳلن تي چمي ڏيندي پيار ڪيو آئون ڪيڏو نه خوشنصيب انسان آهيان جو هڪ اهڙي امر شخص جي چپن جي چميءَ منهنجي ڳلن واس ڏنو، جيڪو جمهوريت جو بابا ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. سندن  انهيءَ طبيعت ۽ عوام جي هر پل محبتن جو ذڪر ڪندي بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جي هن ڌرتي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنم نه وٺي ها ته نه ڄاڻ ڌرتي واسين جو ڪهڙو حال ٿئي ها! اڄ به هيڏو سڄو عرصو گذرڻ باوجود به سموري ملڪ جو عوام ڀٽي جي نالي تي جان نثار ڪرڻ لاءِ آتو آهي. هينئر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي پئي وڃي پوري پاڪستان مان هزارين ڀٽي جا ديوانا ڪي پيرين پنڌ ته ڪي گاڏين جي قافلن ۾ لاڙڪاڻي پهچن پيا. پر انهن قافلن ۾ هڪ سوڳ وارو ماحول هن لاءِ آهي جو انهن جي قائد شهيد بينظير ڀٽو اڄ زندهه نه آهي جي هو زندهه هجي ها ته اڄ لاڙڪاڻي جون رونقون ئي ٻيون هجن ها. هن جي شهادت بعد غمن جا سايا اڃان تائين ڪارڪن لڏي تي برقرار آهن. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جيڪو پنهنجو والد جو پيغام کڻي ملڪ آئي هئي ۽ جمهوريت جي ٻيڙي کي اڳتي تارڻ پئي چاهيائين پر هن کي به ڀائرن ۽ پيءُ وانگر شهيد ڪيو ويو. جڏهن شهيد راڻي بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري ملڪ وَري ته سندن آجيان لاءِ آئون به ڪراچي ۾ هيس، جتي جشن جون خوشيون بعد ۾ لوهه جي لالاڻ ۾ رڱجي ويون ۽ سمورو ماحول سوڳوار بڻجي ويو. اڄ جتي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جون يادون سندن پيءُ جي سالگرهه ۾ ساريون وينديون ته اتي وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام ورجايو ويندو. آئون پنهنجي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي رب ڪريم کان دعاگو آهيان ته شل شهيد ڀُٽي جي شيدائي سندن ڇڏيل جمهوريت جي واڳ کي اڳتي لاءِ انهيءَ جوش ۽ جذبي سان کڻي اڳتي وڌن جتي محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڇڏي وئي هئي.

(سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سُڪار، سنڌو، فيصلو، خبرون، عبرت)




No comments:

راءِ ڏيندا