; سنڌي شخصيتون: راڻو همير سنگهه - مير نادر علي ابڙو

11 December, 2012

راڻو همير سنگهه - مير نادر علي ابڙو


راڻو همير سنگهه
ڍاٽ جو راڻُو
مير نادر علي ابڙو
سنڌ جي وارياسي صحرا ۽ بحرا جي سنگم واري شهر عمرڪوٽ جي پنهنجي هڪ الڳ ئي سڃاڻپ رهي آهي. هن شهر سان منهنجو روحاني ۽ جسماني ناتو ان وقت جڙيو آهي، جڏهن آئون سرڪل آفيسر عمرڪوٽ ۾ مقرر ٿيس، جتي آمراڻي جي رهواسين جيڪي محبتون مون کي ارپيون، تن کي ڀلا آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان ته اتي راڻا خاندان جي جيڪا مون کي محبت نصيب ٿي، پيار مليو تنهن کي به ڀلا ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهجي. عمرڪوٽ لڳ راڻا جاگير جتي جي ڇا ڳالهه ڪجي اتي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ هتي ڪير ڪنهن کان رسي ئي نٿو. راڻي وڏي چندر سنگهه سان تمام گهڻي نيازمندي رهي ڊگهيون ڪچهريون رهيون، سندن سان ڪيل ڪچهريون اڄ به مون لاءِ جيون دان بڻيل آهن. تن کي آئون ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهان. راڻا جاگير ۾ راجوير سنگهه سان جتي ڪچهري رهي ته اتي موجوده راڻي همير سنگهه سان به تمام ڊگهيون ۽ نه وسارڻ جهڙيون ڪچهريون رهيون آهن. راڻي چندر سنگهه جي لاڏاڻي بعد ڍاٽ جو ۲۶هون راڻو ٿيڻ بعد راڻا همير سنگهه جي گذريل ڏينهن تاج پوشي ٿر جي ٻئي نمبر وڏي شهر مٺي ۾ ٿي آهي. هن موقعي تي ٿر ۾ چوطرف خاص ماحول ۽ خوشي آهي ۽ هر طرف راڻا همير سنگهه جا نعرا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا.


راڻا همير سنگهه جو ڪردار ۽ قد ٿر جي سياست ۾ تمام گهڻو مٿڀرو آهي ته اتي سندن سياست جو طريقي ڪار ٻين سياستدانن کان تمام گهڻو مختلف رهيو آهي. پاڻ وزير رهڻ سان گڏ عمرڪوٽ ضلعي جا نائب ناظم به رهيا آهن ۽ تمام گهڻيون خدمتون عمرڪوٽ ۽ ٿر جي عوام لاءِ سرانجام ڏنيون آهن. جن جا چرچا گيت اڄ به ٿرواسي وڏي واڪي وڏي فخر سان جهونگاريندي ۽ ڳائيندي نظر ٿا اچن ۽ راڻي جي جاگير تي اڄ به غريب ماڻهن جا صبح ويلي ميلا متل هوندا آهن. جيڪي پنهنجا مسئلا راڻا همير سنگهه وٽ کڻي ٿا اچن ۽ حل ٿيڻ تي راڻا همير سنگهه کي دعائون ڏيندي ٿا وڃن. عمرڪوٽ جي راڻن جي سياست ٻين گهڻن سياستدانن کان تمام گهڻي مختلف ۽ نرالي رهي آهي ۽ پاڻ سياسي ميدان ۾ سگهارا رهيا آهن انهن جو سياسي طريقيڪار به نرالو رهيو آهي. نرالي اسٽائيل ۽ مخصوص تقريرون اڄ به ٿر جا واسي ياد ڪن ٿا. راڻا همير سنگهه به وڏي راڻي چندر سنگهه جيان تمام گهڻيون خوبيون پاڻ ۾ رکي ٿو. راڻا همير سنگهه سنڌي ٻولي کان ويندي راجستاني ڍاٽڪي، گجراتي، انگريزي ۽ اردو زبانن تي تمام گهڻو عبور رکي ٿو ۽ اڪثر طور تي پاڻ سياسي جلسن ۾ سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻولين ۾ تقريرون ڪندي نظر آيا آهن.
اها ئي سندن سڀ کان وڏي خوبي آهي ته اتي وري پاڻ ٿر جي سياسي نفسيات جا پارکو آهن، جڏهن تقرير ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ لفظ سندن محتاج هجن، سندن لفظي جادو سياسي جلسن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو آهي. ماڻهو پنهنجو پاڻ کان بيخبر بڻجي جئه راڻا همير سنگهه جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهو چاهيندا آهن ته راڻو صاحب تقرير ڪندو رهي ۽ اهي ٻڌندا رهن. راڻا همير سنگهه جي ڪهڙين ڳالهين ۽ خوبين تي ڳالهائجي پاڻ هر شيءَ ۾ نرالا ٿا نظر اچن سندن سياست ۾ عبادت ۽ عشق جتي شامل آهي ته اتي سندن روحاني درد به شامل آهي. هو سياست کي عام ماڻهن جي خدمت سمجهي ڪن ٿا ۽ سندن اندر ۾ غريب عوام لاءِ تمام وڏو درد سمايل آهي. اڪثر طور تي وڏا وڏا سياستدان به فيصلا ڪرڻ مهل سندن راءِ کي اهميت ڏيندا آهن. راڻا همير سنگهه جو ٿر جي سياست ۾ خاص طور تي اقليتي برادري ۾ تمام وڏو رول آهي ۽ اقليتي برادري مٿس ساهه ٿي ڇڏي. اڄ ڍاٽ جي هن ۲۶ هين راڻي راڻا همير سنگهه جي مٺي ۾ آمد ٿي رهي آهي ۽ اقليتي برادري پاران تمام وڏي جلسي جو انعقاد ڪيو ويو آهي ۽ هن ئي جلسي ۾ سندن تاج پوشي پڻ ڪئي پئي وڃي.
هن يادگار ۽ سانڍڻ جهڙي تاج پوشي جي تقريب ۾ سنڌ جي ڏوراهين علائقن مان هزارن جي تعداد ۾ اقليتي برادري جا ماڻهون ڀٽون اورانگهي مٺي پهچن پيا ته اتي مٺي شهر کي ڍاٽ جي ڇويهين راڻي جي آمد جي خوشي ۾ ڪنوار وانگي سجايو ويو آهي ۽ ٿر جون وارياسي ڀٽون هن گُهٽ اُٻس ۽ شديد گرمين واري حالتن هوندي به مهڪارجي پيون آهن، ڇو جو انهن جي اوٽ ۾ اڄ راڻي جو گذر ٿي رهيو آهي. ٿر جا ماڻهو راڻا همير سنگهه جو ديدار پسڻ لاءِ اٺن جي قافلن ۾ ته ڪي گاڏين تي وري ڪي عشق جا پانڌيئڙا پيرين پنڌ اچي پهتا آهن. ڪيڏو نه خوشنصيب آهي امراڻو، جنهن کي راڻا همير سنگهه جهڙا ڏاها پڙهيا لکيا ۽ اڪابر انسان نصيب ٿيا آهن، جن جي درشن لاءِ سمورو ٿر تڙپي ٿو.

(خبرون، سنڌو، هفتيوار امراڻو، تعمير سنڌ)

No comments:

راءِ ڏيندا