محمد حسين مڪاني عرف
فقير غلام حسين
وساريل کاهوڙي
منظور ڪوهيار
شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي گنج ۾ سر
کاهوڙي جو پهريون بيت آهي:
”مون سين ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو
پرينءَ کي
رهي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ
تنين جي ساڃاءِ، تُرهو ٿيندو تار ۾.
متفق راءِ سان چيو ويندو آهي ته
اِهو بيت ڀٽ ڌڻي عمومن سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لنواري وارن جي باري ۾ چيو
آهي. ڪافي عقيدتمندن ۽ صوفي دوستن خاص ڪري ڊاڪٽر ساغر ابڙي جي تحقيق آهي، ته سُر
کاهوڙي آهي ئي خواجه محمد زمان ۽ سندس جماعت جي باري ۾ـ
۱۶ صفر ۱۱۳۰ هجريءَ ۾ شاهه عنايت
جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ ماٺار ۽ مايوسي ڇائنجي وئي. ۱۱۵۰ هجري ۾ جڏهن خواجه
محمد زمان جي عمر صرف پنجويهه سال هئي ته هڪ نئين تحريڪ اُڀرڻ لڳي. سندس ارد گرد
ماڻهن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. اِنهيءَ ڪري لطيف سائين به آخري عمر ۾ خواجه محمد
الزمان وٽ تشريف فرما ٿيا. ۽ سنڌ اندر هڪ نئين اُسرندڙ روحاني تنظيم جو جائزو
ورتائون ۽ پنهنجا تاثرات سر کاهوڙيءَ ۾ بيتن جي ذريعي ڏنائون. سندس هڪ بيت مثال
طور تي پيش خدمت آهي:
تان وَنءُ ويهي آءُ، اڱڻ کاهوڙين
جي،
جوش ڏنائون جيءَ کي، لڪائي لوڪان،
ڏوٿين ڪنهن ڏُکان، سُمهي سک نه ماڻيو.
جوش ڏنائون جيءَ کي، لڪائي لوڪان،
ڏوٿين ڪنهن ڏُکان، سُمهي سک نه ماڻيو.
حقيقت ۾ ته هيءَ اُها نئين فڪري
تحريڪ هئي، جنهن ۾ وحدت الشهود ۽ وحدت الوجود کي سلهاڙي پيش ڪيو ويو هو. مان اِن حوالي سان مولانا غلام محمدگراميءُ جي اُن
مشهور تقرير جو حوالو ڏيندس، جيڪا هن خواجه محمد زمان لنواري واري جي عرس جي موقعي
يعني ۱۹ نومبر۱۹۷۴ تي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪئي هئي:
”حضرات، نقشبندي ٿيڻ جي معنيٰ ئي
آهي، وحدت الشهود جو لازمي طور سان قائل رهڻ. ڪو نقشبندي به هجي ۽ وحدت الشهود جو
قائل نه هجي. اِها نا ممڪن ڳالهه آهي يا اُهو اهڙو اجتماع الضدين آهي، جنهن جي
تطبيق ڪرڻ کان اسان قاصر آهيون. بهرحال حضرت سلطان الاولياءُ جو اِهو انفرادي ڪمال
آهي، جو پاڻ وحدت الوجود جي تائيد ۽ تصديق به ڪيائون ۽ اُن جي تجديد ۽ تڪميل به
ڪيائون. تڏهن ته فرمايائون:
سرتيون سٽ ڪپاهه، ماريو مَ منصور
کي
ٿي ترڪيب تباهه، وحدت وائي وات ۾.
هڪ طرف خواجه محمد الزمان جي سنڌ
۾، اِها هڪ نئين صوفياڻي تحريڪ هئي، جنهن ۾ وحدت الوجودي ۽ وحدت الشهودي صوفين کي
ملائي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ٻيءَ طرف تزڪيه نفس ۽ روحانيت جي حوالي سان اهو
غير متعصبانه فڪر هيو، جنهن ۾ هندو مومن ٻنهي فيض پئي ورتو. سندس باري ۾ اِها هڪ
مشهور روايت آهي، ته هڪ هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ماڻهو سندس خانقاهه ۾ آيو ۽ عرض
ڪيائين ته ”اسم اعظم جو وظيفو عطا ڪيو وڃي. ته پاڻ اُن کي اسم اعظم جي وظيفو ڏيڻ
جو اقرار ڪيائون ته هڪ مسلمان مريد اعتراض واريو ته اسم اعظم جو وظيفو وٺندڙ غير
مسلم آهي. ته پاڻ فرمايائون ته ميان تو کي
مسلماني جي ڪهڙي خبرـ“
سندن اهڙي تعليم کان متاثر ٿي، سنڌ
جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو خانقاهه تي اچڻ لڳا. جنهن کي اڳتي هلي”مڪان پاڪ“ جي نالي سان
سڏيو ويو. پاڻ کين رضا، توڪل، صبر ۽ سخاوت جو سبق ڏئي، اُهو ”کاهوڙي“ پئي بڻايو،
جن وحدت الشهود واري ڪامل ارادي، مڪمل ادب ۽ عجز کي سامهون رکي، وحدت الوجود واري
واٽ پئي ورتي.
اهڙيءَ
ريت سنڌ جي سماج ۾ اعليٰ انساني آدرشن جي
آبياري پئي ٿي. لفظ ”کاهوڙي“ جي عام طرح معنيٰ اِها آهي ”ڏٿ ڏوريندڙ يا جبلن تي ڏٿ
ڳوليندڙ“ پر ٻي معنيٰ آهي، ڪاهوڙي ڪاهيندڙ يا ڏوريندڙ ۽ اصطلاحي معنيٰ آهي ارادي
جا پڪا ۽ اٽل فيصلي واراـــــــ حقيقت ۾ ته سلطان الاولياءُ جي پٺيان هلندڙ اُهي
نظرياتي ماڻهو هيا، جن نئون سماجي معاهدو ترتيب پئي ڏنوــ جنهن ۾ هر ”انسان کي
جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو سبق هيو.
اهڙين ئي کاهوڙين مان محمد حسين
ولد محڪم الدين جوکيو به هڪ هيو ـ جيڪو اصلي لسٻيلي جو رهاڪو ۽ حق جو ڳولهائو هيو
ــ جنهن سلطان الاوليا محمد الزمان جي هٿ تي بيعت ڪئي. ۽ پوءِ اِهو مريدي ـــ
خادمي جو سلسلو پشت با پشت هلندو آيو ــ ۽ پوءِ محمد حسين جوکيو جي اولاد مرشدن جي
مڪان پاڪ جي قربت ۽ نسبت سان ”مڪاني“ سڏائجڻ لڳي ــ
حضرت سلطان الاولياءُ خواجه محمد
الزمان جي اولاد جي سلسلي مان جيڪي مسند نشين بزرگ ٿيا ـ اُهي هيٺين ريت آهن.
۱. خواجه گل محمد محبوب الصمد ۲.
حضرت غوث عالم خواجه محمد زمان ثاني ۳. حضرت خواجه محمد حسن مهاجر مدني ۴. حضرت
خواجه محمد سعيد مهاجر مڪي ۵. حضرت خواجه احمد زمان ۶. حضرت خواجه قبله پير گل حسن
ـ
۽ خاص مريدي سلسلي مان محمد حسين
جوکيي جو سلسلو به هيٺين ريت هلندو آيو:
۱.صوفي فقير عبدالله ۲. معلم محمد
حسين مڪاني ۳. فقير عبدالله مڪاني ۴ . آخوند محمد حسين مڪاني ۵. حاجي عبدالله
مڪاني ۶. ماستر محمد حسين مڪاني عرف صوفي غلام حسين ــ
ماستر محمد حسين مڪاني عرف صوفي
فقير غلام حسين مارچ ۱۸۸۸ع ۾ سنڌ جي تعليمي مرڪز پاٽ ۾ ڄائو، جو سندس والده ماجده
جو تعلق ”پاٽ“ سان هيو. جڏهن ته والد حاجي عبدالله مڪاني جو ڳوٺ هاڻوڪي سڪرنڊ مورو
تعلقي جي پراڻي ڳوٺ ”ملڪ“ سان هيو.
محمد حسين مڪاني پرائمري تعليم پاٽ
۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ سنڌي فائنل جو امتحان به اُتي ڏنائين ۽ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر
حاصل ڪيائين. سندس هم عصر ۽ ڪلاس ميٽ مرحوم قاضي اختر علي جو والد قاضي غلام
مصطفيٰ صاحب به هيو.
جيئن ئي سنڌي فائنل پاس ڪيائين ته
کيس ”پاٽ“ جي پرائمري اسڪول ۾ نوڪري ملي. اُتي هن پنهنجي محنت سان بهترين اُستاد
جي حيثيت سان نالو ڪڍيو. اُن کان پوءِ ٽرينگ جي لاءِ ”ٽيچرس ٽرينگ اسڪول جهوناڳڙه“
موڪليو ويو، جتي به هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ نوڪري سانگي ٿاڻي بولا خان
ڪوٽڙي، ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن مان ٿيندو لاڙڪاڻي پهتو ــ لاڙڪاڻي ۾ سندس علمي
قابليت جي هاڪ مچي وئي. ۱۹۲۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي هيڊ ماستر مسٽر
ايل ـــ پي واڌواڻي کيس اسڪول ۾ ٽيچر ٿيڻ جي آفر ڏني. جيڪا هن قبول ڪئي. اُن وقت
گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جا ڪلاس ٽريولر بنگلو ۾ هلندا هيا. جيڪو هاڻوڪي
ميونسپل هاءِ اسڪول جي لڳو لڳ هيو. جنهن کي ان وقت وڍيل باغ به ڪري سڏيو ويندو هو.
ياد رهي ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۱۹۱۹ع کان شروع ٿيو هيوـــ جڏهن انسپيڪٽر آف
اسڪولس سنڌ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي اِنسپيڪشن تي آيو ته هن اعتراض واريو ته
اپائنٽمينٽ ميرٽ تي ناهي جو استاد صرف سنڌي ست درجا فائنل پاس آهي. هيڊ ماستر
وراڻيو، ته ”سائين جي منهنجي وس ۾ هجي ها ته هن عالم شخص کي پنهنجي چيئر تي
ويهاريان هاــ“ انسپيڪٽر صاحب، ماستر محمد حسين مڪاني جي انگريزي ۾ ٽيسٽ ورتي، ته
انگريزي ٻوليءَ تي دسترس ڏسي حيران رهجي ويو. پڇيائين ”انگريزي ڪيئن پڙهيو آهين؟“
جواب ۾ چيائين، ”شوق پڙهائي آهي.“ ان کان پوءِ پڇيائين، ته ”تنهنجو پسنديده سبجيڪٽ
ڪهڙو آهي؟“ــ جواب ڏنائين، ”مئٿميٽڪ“ ۽ انهي ءَ سبجيڪٽ ۾ کيس ۷۲ حسابن جا درجا
لکرائي چيائين ته ٻن ڪلاڪن اندر ڪري ڏيکارــ ته ماستر محمد حسين مڪاني وراڻيو، ته
”سائين ڪري ڏيکاريانوَ، يا انهن جا جواب اِتي جو اِتي ٻڌائي ڇڏيانوَ. پوءِ جڏهن ۷۲
ئي حسابن جا جواب اُتي جو اُتي ٻڌائيندو ويو ته انسپيڪٽر آف اسڪولس سنڌ لاجواب ٿي
ويو. ۽ اپائنٽمينٽ کي ميرٽ تي ڪرڻ جا ريمارڪس ڏئي هليو ويوـــ
۱۹۲۲ع کان ۱۹۳۱ع تائين گورنمينٽ
هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو هر دلعزيز اُستاد رهيو. غير نصابي سرگرمين ۾ به هن گورنمينٽ
هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ نمايان ڪم ڪيو. پاڻ جيئن ته فوٽ بالر هيو. ان ڪري گورنمينٽ
هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي فوٽ بال ٽيم کي ڪراچي ۽ جهوناڳڙه تائين وٺي ويندو هيو. ۽
ٽورنامينٽ کٽرائي ايندو هو. نه صرف اسپورٽس ۾، پر ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ به هاءِ
اسڪول کي وڏي اؤج تي پهچايائين. اسڪول ۾ منقعد ٿيندڙ مشاعرن ۾ حصو ورتائين، سندس
ئي شعر جي هڪ طرح تي مزاحيه مشاعري جو اهتمام ٿيو.
آلجبرا سڀ جهڳڙا
اسان جا ٽين کڙڪي ويا
اهڙي طرح شاهه جي سورمين تي هن
ڪيترا اڪيڊمڪ اسٽيج ڊراما تخليق ڪيا. هو هڪ لائق فائق اُستاد هو ــ ذهين شاگردن کي
ننڍن ڀائرن وانگر ڀائيندو هو. سندس شاگردن ۾ لاڙڪاڻي جي ڪيترن ئي معزز شخصيتن کي
ڳڻائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ ميڊم اشرف عباسي ۽ ڪامريڊ عبدالقادر عباسي آهن. ليڪن علم و
ادب جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ رام پنجواڻي قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي جي لکيل پهرين ڪتاب”وينجهار“ ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان سان سندس باري
۾ هيٺين ريت اظهار آهي:
”عزيزي مسٽر محمد حسين صاحب مڪاني
جو تهدل سان شڪر گذار آهيان. جنهن آنڌيءَ مانجهيءَ سڏيءَ سڏ ڏنو.“
اهڙي طرح رام پنجواڻي پنهنجي هڪ خط
۾ پنهنجي اُستاد محمد حسين مڪانيءَ کي مڃتا ڏيندي لکيو آهي، ته .
”رام پنجواڻي کي، رام پنجواڻي
بڻائڻ ۾ سائين محمد حسين مڪاني صاحب جو وڏو هٿ آهي.“
۱۹۳۲ع کان پوءِ کيس لاڙڪاڻي ضلعي
جي انڊيجينس اسڪولس يا عرف عام ملان اسڪولن جي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل آفيسر جي آفر ٿي،
جيڪا پاڻ قبول ڪيائين. کيس مختلف اسڪولن جي جاچ پڙتال ڪرڻ لاءَ اُٺ ۽ جت مليل
هوندو هيو.
سندس ايمانداري ۽ سختي سڄي ضلعي ۾
مشهور هئي. سندس ايامڪاريءَ جي دوران سندس پٽ عبدالله مڪاني ”ديني مدرسي“ ۾ ٻيو
درجو پڙهندو هيو. ٻي درجي جي امتحانن ۾ عبدالله مڪاني پهريون نمبر آيو. ته پاڻ ان
نتيجي کي رد ڪري ٻيهر امتحان وٺڻ لاءِ چيائين. ان دؤر ۾ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر ميان
محمد ابراهيم عباسي ۽ محمد عثمان چانڊيي، سندس پٽ جو ٻيهر امتحان ورتو ۽ نتيجي کي
جڏهن صحيح قرار ڏنائون ته مطئمن ٿيو.
ائين هڪ ٻيو واقعو به سندس حوالي
سان عبدالله مڪاني صاحب ٻڌائي ٿو ، ته ”هڪ
ڀيري سندس غير حاضري ۾ قنبر تعلقي جي مدرسي جو مولوي هرڻي کڻي گهر پهچائي ويو.
جڏهن بابو سائين آيو ته سخت ناراض ٿيو ۽ مون کي چپاٽ هڻي چيائين ته تو هرڻي ورتي
ڇو...؟ سندس غصو ايسيتائين ٿڌو نه ٿيو، جيسيتائين اُها هرڻي واپس نه ٿي.“
ايمانداري اِن کان وڌيڪ ٻي ڇا چئبي
ته ۳۹_۱۹۳۸ع ڌارا قادر بخش ٽالپر ٽنڊي جان محمد جو مير صاحب، سندس دوست ۽ پير ڀائي هو. بيمار ٿيو
ته ڪراچي اسپتال ۾ محمد حسين مڪاني سندس تيمارداري ڪرڻ لڳو. پر مير صاحب جو وقت
ويجهو اچي چڪو هو. مير صاحب مائٽن جي سامهون محمد حسين مڪاني کي چاليهه هزار روپيه
ڏنا ۽ چيائين ته ”فقير غلام حسين تون رک. تنهنجي فقيري حال جي اسان کي خبر آهي
توکي اهي ڪم ايندا.“ محمد حسين مڪاني سندس دل رکڻ لاءِ پئسا ته ورتا. پر سندس
لاڏاڻي کان پوءِ اُهي پئسا لوڪل بورڊ ۾
اِن شرط تي جمع ڪرايا ته ٽنڊي جان محمد ۾ مير قادر بخش جي نالي تي اسڪول
ٺهرايو ويندو. ۽ پوءِ اُهو اسڪول جڙي راس ٿيو.
درگاهه لنواري شريف جي مرشدن طرفان
جڏهن حڪم ٿيو ته درگاه کي سندس خدمتن جي
ضرورت آهي، ته پاڻ ۱۹۴۲ع ۾ پرميچوئر
رٽائرمينٽ وٺي. پنهنجي روحاني مرڪز سان منسلڪ ٿي وياــ
خواجه احمد زمان جي وصال کان پوءِ
حضرت قبله پير گل حسن جڏهن دستاربندي پئي ڪئي، ته اُن موقعي تي سندس چيل مدح مشهور
آهي. جنهن جو ذڪر، عبدالرحمان نقاش ۽ آسودو مل چانڊواڻي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڏکڻ
ڏٺو چنڊ“ ۾ هيٺين ريت بيان ٿيل آهي:
”جماعت جي مشهور شاعر ۽ پنهنجي
زماني جي ممتاز تعليمي ماهر صوفي غلام حسين پنهنجي هڪ مدح ۾ حضرت جن جو ذڪر هن ريت
ڪيو آهي:
فضل داور ٿو کپي، ڇا ٿو ڪري چرخ ڪُهن
جي گهلي باد ــ خزان، آخر صبا ايندي چمن
ابر باران تازگي ڏيندو اُها ئي کي گلن
اڄ نرالي رنگ ۾ پوشاڪ پهري جانِ ــ من
صورتِ زيبا چنين نامش وري ٿيو گل حسن.
جي گهلي باد ــ خزان، آخر صبا ايندي چمن
ابر باران تازگي ڏيندو اُها ئي کي گلن
اڄ نرالي رنگ ۾ پوشاڪ پهري جانِ ــ من
صورتِ زيبا چنين نامش وري ٿيو گل حسن.
۱۹۸۹ع ۾ لنواري شريف ادبي ڪميٽي جي
طرفان مٿين ڇپيل ڪتاب جي ارپنا جماعت جي اهم شخصيتن جي نالي هيٺين ريت ٿيل آهي.
”ارپنا ــــ هي ڪتاب دل جي گهراين
سان
مير حاجي سهراب کڏڙو (سانگهڙ)،
آخوند الهڏنو بوبڪائي، خليفو محمد صديق ٻلهڙيجي (ڏوڪري)، فقير غلام حسين لاڙڪاڻوي،
ڊاڪٽر الهرکيو آزاد لنواري شريف (بدين) سيد باغ علي شاهه لکنوي ۽ محمد ابراهيم
مڪاني ٻلهڙجي کي ارپيون ٿا. جن جي روايتن ۽ ابتدائي ڪوششن هن ڪتاب جي اشاعت کي
ممڪن بڻايو.“
محمد حسين مڪاني عرف صوفي غلام
حسين نه صرف سنڌيءَ تي دسترس رکندو هيو. پر پاٽ جي علمي ۽ ادبي پس منظر رکڻ جي ڪري
کيس پارسي ۽ عربي تي عبور حاصل هيو. هن سلطان اولياءُ خواجه محمد الزمان جي پارسي
۾ لکيل ملفوظات کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ۱۹۵۱ع ۾ محمدي پريس لاڙڪاڻي مان ڇپايو.
سندس ترجمو ٿيل، ڪجهه ملفوظات پيش خدمت آهن.
۱.ــــــ خلق جو عالم، افضل آهي،
امر جي عالم کان ڇاڪاڻ ته ظهور اُن مان ئي حاصل ٿئي ٿو.
۲ــــــ معراج جي رات سواءِ
انسانيت جي، ٻيو ڪو آخري پردو ڪو نه رهيو.
۳ـــــ مراقبي جو نمونو ٻليءَ کان
سکڻ گهرجي، جيڪا ڪوئي جي ٻــر تي جوهه ماري ويهندي آهي.
۴ـــــ جنهن کي محبت ناهي، تنهن کي
ايمان ناهي. جنهن کي اطاعت ناهي، تنهن کي ذڪر ناهي.
۵ـــــ انسان قائم آهي، خيال تي،
خيال گم ٿيو انسان به گم ٿي ويندو.
۶ــــ جڏهن فڪر تمام گهڻو ٿيندو،
تڏهن خدا حاصل ٿيندو.
۷ــــ جڏهن خاڪ جي وصف کي پهچندين،
تڏهن ڀائنج ته سير سلوڪ پورو ٿيو.
۸ــــ جهڙيءَ طرح ٻه گدرا مٺ ۾ نه
ٿا اچي سگهن. ان طرح دنيا ۽ آخرت به هڪ ئي وقت هٿ نه ٿا ڪري سگهجن.
۹ـــــ سچي صحت ۽ مسرت فقيري ۾
آهي. ليڪن فقيري غربت جو نالو آهي، نفساني خواهشن کي مٽائڻ جو نالو آهي.
۱۰ــــ جو طالب خود کي فنا نه ٿو
ڪري. محض وظيفن ۽ درودن جي ذريعي حق تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. خدا کي اُن جي
وظيفن ۽ ورد جي پرواهه ناهي.
۱۱ــــ اسان جو طريقو هٿ هاج ۾، دل
يار ڏي هجي.
سلطان اولياءُ خواجه محمد زمان جا
ملفوظات ڪل ۴۴۶ آهن. هر هڪ قول معرفت جو موتي، توحيد ۽ سلوڪ جو ياقوت و الماس مثل
آهي.
ان کان سواءِ محمد حسين مڪاني عرف
صوفي غلام حسين جو اڻ ڇپيل مواد، قلمي نسخي جي صورت ۾ ”سوانح حيات حضرت خواجه احمد
زمان“ لنواري شريف جي ادبي ڪميٽي وارن وٽ اڃا موجود آهي ۽ ڇپائيءَ جو منتظر آهي.
کيس مذهبي شاعريءَ تي به ملڪو حاصل
هيو. ان ڪري جماعت ۾ سندس مداحون، مُناجاتون، قصائد ۽ نعتون نهايت مشهور هيون.
جيڪي اڄ به ڪيترن کي بر زبان ياد آهن، جن جا ڪجهه بند ، مثال طور پيش آهن.
ڏوهه ڏوهيءَ جا ڪروڙين
مثل واريءَ جي اپار
ڇا صغيرا، ڇا ڪبيرا
ناهه تن جو ڪو شمار
عُفو جي فرمان سان
سائين ستر ڪرڪو ستار
انت شافعي، انت ڪافي
انت مولا، تون غفار
رحم واري ذات تنهنجي
رحم ڪر پروردگار
رحم تنهنجو ٿو نهاريان
رحم تنهنجو بي شمار
*
مثل واريءَ جي اپار
ڇا صغيرا، ڇا ڪبيرا
ناهه تن جو ڪو شمار
عُفو جي فرمان سان
سائين ستر ڪرڪو ستار
انت شافعي، انت ڪافي
انت مولا، تون غفار
رحم واري ذات تنهنجي
رحم ڪر پروردگار
رحم تنهنجو ٿو نهاريان
رحم تنهنجو بي شمار
*
سڀ ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺاهيم
ڪو نه پاڙيم ڪو اکر
ٻاجهه ڀريا ٻاجهه ڪر
ڪر نه مون کي دربدر
*
ڪو نه پاڙيم ڪو اکر
ٻاجهه ڀريا ٻاجهه ڪر
ڪر نه مون کي دربدر
*
ڪر ڪرم خيرالواريٰ، يا رحمت العالمين
شافع روز جزا، يا رحمت العالمين
شافع روز جزا، يا رحمت العالمين
سندس پٽ سائين عبدالله مڪاني ٻڌائي
ٿو ته ”هڪ دفعي امان سخت بيمار ٿي پئي، ايسيتائين جو بدن جي کل به لهي ويس. گهڻي
دوا درمل کان پوءِ به سندس جان آجي نه پئي ٿي. بابا هڪ مناجات جوڙي وڏي عجز سان
امان جي مٿان پڙهڻ لڳو.
شهنشاه مشڪل ڪُشا، اڄ ٻاجهه تنهنجي
ٿي کپي
درد جا دارون دوا، اڄ ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
نتيجي ۾ امان ٻن هفتن اندر ٺيڪ ٿي
وئي. “
بقول سائين عبدالله مڪاني جي، ته
سندس ڪافي لکيل مواد گهر ۾، ڪاٺ جي پيتين ۾ موجود هيو. جيڪو اڏوهي جي ور چڙهي ويو. حتاڪ، اُهو سروس بوڪ به جنهن سان سندس
ملازمت واري زندگيءَ جو احوال ترتيب ڏئي سگهجي پيو.
”گلزار سعادت “ نالي مناجاتن ۽ مدحن
جو ڳٽڪو جماعت جي هڪ ميمبر طرفان ڇپايو
ويو هو. جنهن ۾ سندس ڪافي شاعري هئي. جيڪو هن وقت اڻ لڀ ٿي چڪو آهي.
محمد حسين مڪاني عرف فقير غلام
حسين شريعت ۽ طريقت جا صاحب هيا. نماز پڙهڻ وقت، تڪبير چوڻ کان پوءِ دنيا و مافيها کان بي خبر ٿي ويندا هيا. ٻاهريون گوڙ
۽ شور، ايسيتائين جو دهل ۽ شرناين جو آواز به مٿانئن اثرانداز نه ٿيندو هو. مراقبي
۽ ذڪر قلبي سان کين رغبت هئي. اِنهيءَ مراقبي ۽ ذڪر قلبي جي اسرار کي سمجهڻ ۽
انداز کي اختيار ڪرڻ لاءِ، وقت جا عالم سندس وٽ ڪهي ايندا هيا. مولانا غلام رسول
جنهن جا خطبه مشهور آهن. اُهو به وٽس رشد ۽ هدايت وٺڻ لاءِ ايندو رهندو هيو.
۶۸ سالن جي عمر ۾ جڏهن بيمار ٿيا
ته اڳواٽ ئي سڀن کي ٻڌائي ڇڏيون ته ”اسان وڃڻ وارا آهيون.“ دوستن، احبابن ۽ پير
ڀاين کيس عرض ڪندي پڇيو ته ”اوهان کان پوءِ روحاني صحبت ڪنهن سان ڪجي.“ ته
وراڻيائون، ”هاڻي روحاني صحبتن جو دؤر ختم ٿيو. هاڻي هر ڪنهن کي صحبت پاڻ سان ڪرڻي
آهي.“ سن ۱۹۵۶ع ۾ پاڻ وفات ڪيائون ۽ لاهوري محلي لاڙڪاڻي جي وڏي مقام ۾ مدفون آهن.
اولاد ۾ کيس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي.
پهريون پٽ احمد علي مڪاني مرحوم، سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ سپرنڊنٽ جي حيثيت سان
رٽائرڊ ڪيو. ٻيو پٽ مرحوم ڪامريڊ شوڪت علي مڪاني سنڌ جو بي باڪ ۽ ارڏو صحافي ٿي
گذريو آهي ۽ هاري تحريڪ جي حمايت ۾ جيل به ڀوڳيائين. ٽيون پٽ عبدالله مڪاني جيڪو
ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو ۽ پوءِ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي
عهدي تان ۱۹۹۱ع ۾ رٽائر ٿيو، حال حيات آهي. سندس پوٽن ۾ محمد حسين مڪاني ڊسٽرڪٽ
اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو منهنجي ننڍپڻ جو محرم راز دوست آهي، جيڪو پنهنجي ڏاڏي جي
روحاني ۽ جسماني نقش قدم تي روان دوان آهي.
ماستر محمد حسين مڪاني عرف صوفي
فقير غلام حسين لاءِ سندس ئي ڪامل مرشد
سلطان اولياءَ خواجه محمد زمان جو
اُهو بيت ارپجي ته بهتر ٿيندو. يقين آهي
ته اُهو بيت ئي سندس روح کي سڪون ۽ آرام بخشيندو.
صنم سو ئي ڀانءِ، جو دل رهائي دوست
کان
ٿياسي ئي ٿانءِ، جي هميشه حضور ۾.
ٿياسي ئي ٿانءِ، جي هميشه حضور ۾.
**
No comments:
راءِ ڏيندا