; سنڌي شخصيتون: محمد، مڪاني، عرف، فقير، غلام، حسين، وساريل، کاهوڙي، منظور، ڪوهيار،
Showing posts with label محمد، مڪاني، عرف، فقير، غلام، حسين، وساريل، کاهوڙي، منظور، ڪوهيار،. Show all posts
Showing posts with label محمد، مڪاني، عرف، فقير، غلام، حسين، وساريل، کاهوڙي، منظور، ڪوهيار،. Show all posts

22 December, 2012

محمد حسين مڪاني عرف فقير غلام حسين - منظور ڪوهيار


محمد حسين مڪاني عرف فقير غلام حسين
وساريل کاهوڙي
منظور ڪوهيار
شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي گنج ۾ سر کاهوڙي جو پهريون بيت آهي:
”مون سين ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي

رهي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ
تنين جي ساڃاءِ، تُرهو ٿيندو تار ۾.


متفق راءِ سان چيو ويندو آهي ته اِهو بيت ڀٽ ڌڻي عمومن سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لنواري وارن جي باري ۾ چيو آهي. ڪافي عقيدتمندن ۽ صوفي دوستن خاص ڪري ڊاڪٽر ساغر ابڙي جي تحقيق آهي، ته سُر کاهوڙي آهي ئي خواجه محمد زمان ۽ سندس جماعت جي باري ۾ـ