; سنڌي شخصيتون: مولانا غلام محمد گرامي - امتياز عادل سومرو

30 December, 2012

مولانا غلام محمد گرامي - امتياز عادل سومرو

مولانا غلام محمد گرامي
ڏات ۽ ڏاهپ جو ڏيئو
امتياز عادل سومرو/ميهڙ
سنڌ ڌرتيءَ هر دور ۾، ڪيترا ئي ڏاها، عالم، مُفڪر، شاعر ۽ ڏات ڌڻي پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڏات جي آڌار تي اعليٰ مقام ماڻيو آهي ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. ميهڙ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، عالم، سيد علي اڪبر شاهه، سيد علي اصغر شاهه، محمد نواز محزون، اسحاق راهي، شيخ سنڌي، غلام حسين ڏيپر ۽ صرير پنهور تائين، اهڙا اَڻ ڳڻيا انسان آهن، جن جي ڏات ۽ ڏانءُ اڄ به انهن جي سڃاڻپ کي برقرار رکيو ۽ ميهڙ جي مٽيءَ کي سنسار ۾ سُرخرو ۽ ساراهه جي لائق بنائڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو آهي.

اهڙن ئي اعليٰ انسانن مان، عالم، اديب ۽ شاعر سائين غلام محمد گرامي به هڪ آهي، جنهن جي ڏاهپ ڏيهان ڏيهه، ميهڙ جي مٽيءَ جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
غلام محمد گراميءَ جي پيدائش ميهڙ شهر جي هڪ مسڪين ماڻهو ۽ غربت ۾ گذارو ڪندڙ جاڙو خان لغاريءَ جي گهر ۾، ۳۰ ڊسمبر ۱۹۲۰ع ۾ ٿي. پورهيت جاڙو خان لغاري جو اهو فرزند، اڳتي هلي علم جي دولت سان ايترو ته مالا مال ٿيو جو ان علمي خزاني مان، اڄ جو اديب، شاعر ۽ علم جو اُڃارو شعور جي بيپناهه ملڪيت جو مالڪ بڻجندو پيو وڃي.
غلام محمد گرامي، هڪ اعليٰ استاد جي حيثيت ۾، سنڌ جي سدا بهار شاعر اسحاق راهيءَ جهڙا شاگرد تيار ڪيا. ۱۹۴۳ع کان پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي ابتدا ڪندي، هن مختلف اخبارن ۾ جيڪي ڪالم، مقالا ۽ مضمون لکيا، اهي سندس اعليٰ علمي صلاحيتن ۽ ترقي پسنديءَ جو بي بَها خزانو تصور ڪيا وڃن ٿا.
سائين غلام محمد گرامي، هڪ ترقي پسند اديب هو. هن اُن دور جي نوجوان لکندڙن کي، سندن علمي ۽ ادبي صلاحيتن جي آڌار تي، اُتساهي اڳتي آڻڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. نون لکندڙن جي همت افزائي ڪندي، سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، نيون راهون ڏنيون.
غلام محمد گرامي، ان وقت جي ڪيترين ئي علمي، ادبي تنظيمن ۽ اشاعتي ادارن سان پڻ سلهاڙيل رهيو. قلم سان سندس قُرب، ڪڏهن به ڪُراڙو ٿي نه سگهيو. لِکڻ سندس جياپي جو گَس بڻجي چڪو هو. جيڪو سندس آخري عمر تائين به پُرجوش رهيو. سندس قلم، هر دور جي ڏاڍ، نا انصافي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جا قهري ڪوٽَ هڪڙي ئي جُنبش سان ڪيرائيندو رهيو.
مولانا غلام محمد گرامي جو طويل تحقيقي مقالو، ’مشرقي شاعريءَ جا فني قَدر ۽ رجحانات‘ هڪ لازوال ادبي خزانو آهي.
غلام محمد گرامي، پنهنجي سموري زندگي، علم ۽ ادب جي اوسر، تحقيق، ۽ کوجنا جي راهن تي هلندي گذاري ڇڏي. علم و ادب جي ميدان ۾ مسلسل محنت ۽ جاکوڙ جاري رکندي، ڪڏهن به ڪٿي ٿڪجي ۽ ويهي رهڻ جي وائي نه ڪرڻ وارو، غلام محمد گرامي، ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۷۶ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا