; سنڌي شخصيتون: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي - ابو رافع

16 December, 2012

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي - ابو رافع


مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
سنڌ جو برک عالم
ابو رافع
دنيا جو برک عالم ۽ ادب جو اهم نانءُ ۽ شاهه سائينءَ جو شارح غلام مصطفيٰ قاسمي، صاحب اڄ جي ڏينهن تي اسان کان موڪلائي ويو، هاڻي هُو جسماني طرح اسان ساڻ نه آهي پر سندس پورهيو اسان جي اڳيان آهي، نه رڳو ڪتابن جي صورت ۾ پر انهن اديبن، شاعرن ۽ اسڪالرن جي صورت ۾ پڻ، جن سندس محبت ۾ رهي فيض پرايو ۽ جيڪي اڄ به سندس نالو نهايت احترام سان وٺن ٿا. علامه قاسمي صاحب سنڌ جو هڪ اهڙو علم جو سج آهي، جنهن کي وقت جي اونداهي، ڪڏهن به ڌنڌلڪو ڪري سگهندي، هُن علم ۽ ادب ۾ جيڪا روشني آندي ان روشنيءَ ۾ اڄ سنڌ جو نوجوان سفر ڪري رهيو آهي ۽ سچ پچ سندس نالو اها ضمانت آهي ته جنهن به سندن ڏنل روشنيءَ ۾ سفر ڪيو اهو اوس پنهنجي منزل ماڻيندو ۽ گڏيل طور سموري سنڌ ان روشنيءَ ۾ سفر ڪيو ته پڪ سان اها پنهنجي وفتي لاهن چاڙهن مان نڪري دنيا جي نقشي تي پنهنجي اصلي تاريخي تهذيبي سونهن سوڀيا ۽  ڪردار سان نظر ايندي. علامه قاسمي صاحب سنڌي اردو توڻي عربي ٻولين ۾ پنهنجو فلمي پورهيو ڪيو آهي، جنهن کي سندس ئي نالي سان جڙيل چيئر سهيڙي رهي آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ اسڪالر قاضي خادم صاحب آهي. ائين سندس ڪيل سمورو قلمي پورهيو، سهيڙجي ويندو ته سنڌي علم ۽ ادب ۾ اسان جي هن برک عالم جو نالو اڄا وڌيڪ نوجوانن جي دلين کي روشن ڪندو ۽ انهن نواجوانن جي محنتن سان سنڌ اڃا وڌيڪ زرخيز ٿيندي اهڙي پڪ آهي.


قاسمي صاحب جو جوڙيل اداري شاهه وليءَ الله اڪيڊمي پڻ سندس وڃڻ بعد به هلي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ان جي ڪم ۾ هاڻ سندس روح نظر نه اچي رهيو آهي، پر اهو ادارو اهڙو يقين ڏياري ٿو ته ان ۾ سندس روح به هئو ته علمي، عقلي ۽ عملي لاڳاپو به!
قاسمي صاحب شاهه سائيءَ تي جيڪو لکيو اهو پڻ سندس لکڻيءَ ۽ روئي جي عڪاسي ڪندڙ آهي، اڄ به سندس شاهه سائينءَ جو رسالو ڏسجي ٿو، جنهن جي ترتيب قاسمي صاحب ڏني آهي ته سندس علمي بصيرت جو اهڃاڻ لڳي ٿو ۽ ساڳئي وقت اهو به محسوس ڪرائي ٿو ته اڄ اسان جي ايندڙ نسل ۾ اهڙي سجاڳي نه رهي آهي، اڄ جو نوجوان ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي آڱريون استعمال ڪري سڄي دنيا جو علم حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، پر هو اهو نٿو ڄاڻي ته ڪمپيوٽر معلومات ڏيندڙ آهي، علم ڏيندڙ نه آهي، علم ڏاهن ماڻهن جا دماغ ڏيندا آهن جن ۾ تخليق جي صلاحيت هوندي آهي.
۽ قاسمي صاحب جو ڏنل علم اڄ ڪمپيوٽر ڏئي اهو ممڪن ڪٿي آهي، اسان کي گهرجي ته اڄ جي جديد علم ڏيندڙ ذريعن کي ضرور استعمال هيٺ آڻيون پر پنهنجي انهن عالمن ۽ اڪابرن کي نه وساريون جيڪي اسان لاءِ علم جون ڏياٽيون روشن ڪري ويا، پڪ سان قاسمي صاحب اهڙن عالمن مان هڪ هئو، جن دنيا کي پنهنجي علم سان منور ڪيو. اڄ سندس وفات جي ڏينهن کيس ياد ڪري ڄڻ اسان پنهنجو پاڻ کي زندهه هجڻ جو احساس ڏياريندا هجون، ڇاڪاڻ ته قومون پنهنجي رهبرن کي ياد ڪري، انهن کي مان ڏئي انهن جي ئي ڏسيل راهه تي هلي پنهنجو مستقبل سنوارينديون آهن ۽ بس.

No comments:

راءِ ڏيندا