; سنڌي شخصيتون: واجد - منظور ڪوهيار

22 December, 2012

واجد - منظور ڪوهيار

واجد
جا پيڙ هئي پرواني ۾
منظور ڪوهيار
واجد مرحوم سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو  ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين ۽ ٽيون سندس لفظن جي ادائيگي زبردست هئي.
واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته ڪونه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، ۱۹۷۵ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي ڪٽيندا هياسي. انهيءَ دؤران مون کيس انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي. ٻئي ناڪام وياسي.

اڃا اٿڻ ويهڻ وڌيو ته واجد پهريون ڀيرو گيان باغ جي ڏکڻ ۾، پراڻي گهاڙ واهه جي سڪل پيٽ ۾ اڏيل ڪچي بستيءَ جي هڪ ڇني ۾ وٺي ويو. اهو سندس گهر هو. هڪ کٽ تي سندس پوڙهو پيءُ ستو پيو هو. ٻي کٽ تي واجد جا ڪتاب ڪڙا سٿيا پيا هئا. گهر جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ڪاٺ جي پيتي ۽ ان جي مٿان لوهي پيتي ۽ ٻي ڪنڊ ۾ هڪ بجڪو ٽنگيو پيو هو. پڇڻ تي ٻڌايو هئائين ته ان ۾ سندس والد جو سامان سرڙو آهي.
واجد سان اٿندي ويهندي ان ڳالهه جو احساس ٿيندو هو، ته هو ڏاڍو دلزده ۽ دلفگار شخص آهي. کيس پنهنجي غربت ۽ بي روزگاريءَ جو احساس شديد تر آهي. سندس اڌ کان وڌيڪ شاعري به ان ڪيفيت جو اظهار هئي. جيڪا ان وقت، هن  مون کي ٻڌائي هئي.
زندگي محرومين جو سلسلو آ

ڌرتي ۽ آڪاس ۾ ڄڻ زلزلو آ
ڇا حياتي ۽ حياتيءَ جي ڄمار
ٻن ورانگن جو ڪوئي فاصلو آ.
ماني ۽ ڪپڙن تي پئي عصمت کپي
ٿو پڇان ڪهڙو ڀلا هي معاملو آ
روئندا رڙندا ائين رُلندا وتون ٿا
ڄڻ ته ڪنهن رهزن لُٽيو هي قافلو آ.
جيڏو توکان ٿا ڊڄون اوڏو عذاب
ڇا اسان جي هي وفائن جو صلو آ.

يا


جڏهن ستائيندو آهيم

پنهنجي غربت جو احساس.
ٿيندو ائين محسوس اٿم
آهيان ڄڻ ڪو زنده لاش
مفلس ماڻهو جو جڳ ۾
جيئڻ سچ پچ آ بڪواس

مٿان وري عشق جي هلڪي سلڪي چپيٽ، تنهن کيس حد کان وڌيڪ حساس بڻائي ڇڏيو. مون کي هڪ ڏينهن داستان عشق ٻڌائيندي ٻڌائيندي پڇي ويٺو.
”ڀاءُ منظور، تو ڪو عشق ڪيو؟“
مون شينگهرجي چيو. ”ڪو هڪ اڌ هجي ته ٻڌايان به، الائي ڪيترا.“
سندس پر زور اصرار تي هڪ اڌ عشق جو قصو کنيم. شاهي بازار جي هڪ فرضي سيٺ جي ڌيءَ سان عشق، پوءِ اهي ئي ذات پات جا ٻنڌڻ، وچتي چانديءَ جون ديوارون، آخر ۾ ساڳيو ئي الميو سيٺ جي ڌيءَ زهر کاڌو ۽ مان بچي ويس. واجد روئي روئي کڻي رڇ ڀريا. مون ان ڏينهن کان توبهه ڪئي ته هن معصوم سان اهڙو چرچو ڪڏهن به نه ڪجي. اها مذاق ته انهن عاشقن سان ڪري سگهجي ٿي. جيڪي اسان جهڙا هجن نؤد ۽ تيليءَ کي ٿنڀ بڻائڻ وارا.
واجد جيئن ته حد کان وڌيڪ حساس هو. ان جي ڪري ڪنهن جي ٿوري ڳالهه به کيس ڏکوئي وجهندي هئي. ائين به نه هو ته منجهس مزاح جي حس نه هئي. اهل ڪرڻ ته ڪو واجد کان سکي، سا به مرحوم افضل قادري يا مولوي نور الدين نور جي، مشاعرن ۾ ادبي نوڪ جهوڪ به سٺي ڪري ڄاڻيندو هو. مرحوم افضل سان سندس نوڪ جهوڪ محفل کي زعفران بڻائي ڇڏيندي هئي ته ڪڏهن وڌي وڃي رسامن تي به پهچندي هئي. پر هن متاع درد رکندڙ ماڻهو ڪڏهن دل ۾ نه رکيو. مرحوم افضل لاءِ سندس نثري نظم، ”اڄ پڻ اکڙين“ سندس وسعت قلبي جو وڏو ثبوت آهي.
افضل هڪ ارڏو شاعر.
 جنهن جي سٽ سٽ،
 انڌيرن سان مهاڏو اٽڪايو،
جيڪو سورن جي ساگر ۾،
 مون لاءِ ناوَ سمان هو.“
۱۹۷۶ ع ۾ سندس اڪثر دوست بي روزگار، واندا يا شاگرد هيا. انهن سوچيو ته ڇو نه واجد کي ميٽرڪ ڪرائجي. جيئن هو احساس ڪمتريءَ مان آجو ۽ با اعتماد ٿئي. نيٺ اسلم سنديلي، رزاق مهر ۽ منهنجن ڪوششن رنگ لاتو، واجد مئٽرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سڀني کي اميد ٿي ته هاڻ هو هٿ پير هڻي با روزگار ٿيندو.
۱۹۷۷ع ڌاري مان سنڌ يونيورسٽي هليو ويس. منهنجي ملاقات ساڻس گاهي ماهي ٿيندي هئي. سال ۱۹۷۹ع اپريل جو مهينو هو. ڪنهن اچي گهر ٻڌايو ته واجد جو والد گذاري ويو آ. سندس والد به ڏاڍو قربائتو شخص هو. جڏهن به در تي بيهي سڏ ڪندا هياسي ته ويچارو گهر جي اندران ئي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ جواب ڏيندو هو.
”اچو منهنجا بابا، مان صدقي ٿيانوَ.“
سندس والد جي وفات کان پوءِ فاتحه ٿي. فاتحه کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جا قصا نڪتا، آخر ۾ دنگ وڃي واجد جي بي روزگاريءَ تي ٿيا. هر ڪنهن پنهنجي ذهن آهر کيس دڪان کولڻ يا  نوڪري ڪرڻ جي صلاح ڏني.پوءِ خبر پئي هئي ته سندس ڀائرن جاءِ کپائي حصي ۾ کيس صرف ساڍا ٽي هزار ڏنا هيا. اهي پيسا کڻي ٽنڊي غلام علي پهتو ۽ دڪان کوليائين. دڪان نه هليس ته مارڪيٽ ڪميٽي ۾ سب انسپيڪٽر جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين. اتي يارنهن مهينن جون پگهارون نه مليس ته وڃي ٿر وسايائين. جتي ڊي سي عبدالقادر منگي کيس روزگار ڀيڙو ڪيو. جيئن ئي منگي صاحب جي بدلي ٿي ته هي ٻيهر بي روزگار بڻجي پنهنجي اصلوڪي ماڳ لاڙڪاڻي اچي پهتو.
ان سڄي عرصي دؤران منهنجي ادبي دنيا کان ڌار پار ٿيڻ ڪري وچ ۾ ڪو اهڙو سٻنڌ نه رهيو جو هڪ ٻئي جي حال کان آگاهي رهي. البت سندس شاعري رسالن ۽ ميگزينن ۾ پڙهندي محسوس ٿيندو هو ته هو سخن کي سينگار وٺائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
۱۹۸۹ع ۾ وري پنهنجي ملاقات ”ميگهه ملهار ادبي سنگت“ جي هڪ ميڙاڪي ۾ ٿي. جنهن جي صدارت ڪندي هن پنهنجو تازو غزل ٻڌايو هو. جنهن جو ڪجهه سٽون اڄ به هيئن ۾ هرن ٿيون.
ٿو سئين هڻي مئخاني ۾

ڇا ملندءِ، چئه نذراني ۾
سو ماڻهو لامحدود ٿيو
 جو فٽ نه ٿيو ڪنهن خاني ۾
سا، مون ته شمع ۾ ڪو نه ڏٺي
 جا پيڙ  هئي پرواني ۾
ڪئن تپندي تند ڀلا واجد 
جي ناهي تاءُ تراني ۾

ان کان پوءِ ٽنڊي غلام علي مان سندس ٻه ٽي خط پهتا، لڳو هو ته قلم جي زبان جلائي خط لکيو هيائين. جنهن ۾ زماني ۽ دوستن جون شڪوهه شڪايتون ۽ تنهائيءَ جون حڪايتون هيون. سندس اهڙن خطن جي ڪري دوستن جو چوڻ هو. ته کيس جهڄڻ، جهرڻ جي عادت پئجي وئي آهي. حقيقت اها هئي ته هو هر پراڻي پريت واري کي پنهنجو سمجهندو هو. اها اسان دوستن جي بي سمجهي هئي. جو ان کي غلط سمجهيو سي ۽ ڪن يارن ته کيس مئي کان پوءِ به نه بخشيو ۽ سندس روح رنجايو.
سال ۱۹۹۴ع ۾ علي خان جي، ”نواز پريس“ تي ملي ويندو هو. پريس هڪ ننڍڙي ڪمري تي ٻڌل، انگريزن جي دؤر جي باقيات هئي. پر مالڪ علي خان ڄڻ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ڪا آخري نشاني هيو. جنهن جي ننڍن ننڍن اسٽولن تي، بظاهر ڏسڻ ۾ ميرا سيرا حالي موالي ماڻهو ويٺا هوندا ها. پر کُلڻ کان پوءِ ڄڻ هيرن ۽ ياقوتن جو کاڻيون هيا. مظفر علي قادري عرف مجن خان ۽ محترم عبدالرحيم پيرزادو جهڙيون ڏکٽار شخصيتون براجمان هونديون هيون. ان وچ ۾ واجد پنهنجو شعري مجموعو ”آءٌ اوهان جو آهيان“ ڪمپوز پيو ڪرائيندو هيو. جنهن جا ڪيترائي شعر ڄڻ سندس، امنگن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندا هيا، اُنهن مان ڪجهه شعر هتي سندس اندروني ڪيفيت ۽ سوچ جي حوالي سان پيش ڪجن ٿا ته جيئن سندس خيال جي خوبي ۽ پيڙا جي امتزاج کي اوهان به محسوس ڪري سگھو:

زندگيءَ جي هر ادا، مون کي قبول.

با وفا يا بيوفا، مون کي قبول.
سارو جڳ سرهو رکي مون کي مُٺئه،

هي عجب جھڙي سخا، مون کي قبول.
زندگي وئرٿ وئي واجد، مگر،

تلخ ٿيا جي تجربا، مون کي قبول.
تون پڇين ٿو ڪيئن پئي گذري حيات!؟

ريءَ پرڙن جي پئي اڏري حيات.
چئني پاسن کان پيون آنڌيون اچن،

اڳ ئي واريءَ جان پئي اڏري حيات.

ڌڪو، ٿاٻو، ٿيلو آهيان،

مونجھارن جو ميلو آهيان.
سور اوهان جا ساڻي آهن،

آئون ڪٿ اڪيلو آهيان.
جنهن جو ڪنهن نه شمار ڪيو آ،

اهڙو گذريل ويلو آهيان.
مون هڪ تبديلي محسوس ڪئي هئي ته واجد جيڪو پهريائين کائڻ جو شوقين هو. خاص ڪري سندس مهري دال چاڙهڻ جو ته ڪو جواب ئي نه هو. اسان مهري دال، سائو مصالحو ۽ ٿوم وٺي سندس گهر پهچندا هئاسين. واجد پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندو هيو.دال سوئيندو، پاڻيءَ ۾ رڌيندو، داغ ٺاهي، مصالحو وجهي، مٿان وري، ٿوم جي رائي ڏيندس، پوءِ ڪو ڏسي دم دال جو، آڪڙ پلاءَ جي پر هاڻ واجد چانهه ۽ سگريٽ نوشيءَ تي لهي پيو هو. سندس چين سموڪنگ مان لڳندو هو.ته هن ”اهرمن“ جي اولاد  (سگريٽي دونهين) سان باقاعده جنگ جوٽي هئي. جهلڻ جي باوجود به روز سوين سگريٽ ساڙي خاڪ ڪندو هو. مٺي چانهه جي محبت کيس مٺو زهر ٿي لڳي. ٻنهي سندس صحت کي ڏاڍو هاڃو رسايو. واجد ويو پؤڻو ٿيندو، تان جو وڃي سورن سيراندي ٿيو. سندس ”ست سنگ“ خوب نڀايو. مداحن ۽ مهربانن به ڪوشش ڪئي. ايسيتائين جو لاڙڪاڻي جي هڪ سڳڻي، سماني ۽ سوريتي اديبه به کيس رت ڏنو. پرقَضا کي قضا نه آئي.
۵ جولاءِ ۱۹۵۲ ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ تي ڄمندڙ شعبان علي منگي، ۲ مارچ ۱۹۹۴ع ۾ هڪ روشن خيال شاعر”واجد“ جي حيثيت سان موڪلائي ويو ۽ اسان کي پنهنجي ذهن جي اميريءَ جا ٽي اهڙا اثاثه ڏنائين. جيڪي سنڌي ادب جي لازوال ميراث آهن، جن ۾، ”منهنجا گيت زهر جي ڳيت“، ”سوريءَ مٿي سيڻ“، ۽ ”آءٌ اوهان جو آهيان.“ آهن.
***

No comments:

راءِ ڏيندا