; سنڌي شخصيتون: غلام مصطفيٰ جتوئي - مير نادر علي ابڙو

12 December, 2012

غلام مصطفيٰ جتوئي - مير نادر علي ابڙو


غلام مصطفيٰ جتوئي
بزرگ سياستدان
مير نادر علي ابڙو
شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي به ڪجهه ڏينهن جي علالت بعد لنڊن جي اسپتال۾ لاڏاڻو ڪري ويو. غلام مصطفيٰ جتوئي جي لاڏاڻي تي ملڪي سياست ۾ ٿيل خال کي پُر ڪرڻ ۾ زمانا لڳندا. غلام مصطفيٰ جتوئي ملڪ جو وزير اعظم ۽ سنڌ جو وڏو وزير رهيو ۽ آخري دم تائين پاڻ نيشنل پيپلز پارٽي جو سربراهه هو.


 پاڻ زندگي جي ۷۸ سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو پاڻ آڪٽوبر مهيني ۾ لنڊن ويو هو علاج لاءِ جتي مٿس نومبر ۾ فاليج جو حملو ٿيو ۽ سندن دماغ جو کاٻو پاسو متاثر ٿيو هو ۽ پاڻ علاج خاطر لنڊن ايندو ويندو رهندو هو.
 غلام مصطفيٰ جتوئي ۱۴ آگسٽ ۱۹۳۱ع ۾ نوشهرو فيروز ضلعي جي ڳوٺ نوان جتوئي ۾ جنم ورتو هو. چئن ڀائرن ۾ سڀني کان وڏو هو. سندس ڏاڏو خان بهادر امام بخش خان جتوئي ۱۹۲۳/ ۱۹۲۷ ۽ ۱۹۳۱ ۾ بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ان دؤر ۾ سنڌ جي علائقي مان صرف ۴  ميمبر بمبئي ۾ موجود هئا. غلام مصطفيٰ جتوئي پرائمري تعليم نوان جتوئي ۽ بعد ۾ ميٽرڪ گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ پاڻ روزاني ۲۵ ڪلوميٽر سفر سائيڪل طي ڪري نوان جتوئي کان نوشهروفيروز هائي اسڪول ايندو هو. جنهن کان پوءِ پاڻ ڪراچي گرامر اسڪول ۾ داخلا ورتي. جتي پاڻ سينيئر ڪيمبريج پاس ڪئي.
۱۹۵۲ع ۾ هو بار ايٽ لا ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو انهيءَ دوران سندس والد جي علالت سبب هڪ سال اڳ ملڪ موٽڻو پيو. هو ۱۹۵۲ع ۾ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ بورڊ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو چيئرمين بڻيو ۽ ۱۹۶۹ع وارين عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وزارت عظميٰ دوران هو مواصلات سياسي معاملا ۽ قدرتي وسيلن جو وفاقي وزير رهيو ۽ ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۷ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو. کيس پاڪستان جي ان وقت تائين جي سڀ کان وڏي عرصي تائين وڏ وزارت سنڀالڻ جو اعزاز حاصل رهيو. پاڻ ضياءِ الحق جي مارشلا لاڳو ٿيڻ بعد ايم آر ڊي ۾ شامل ٿي مارشلا خلاف جدو جهد ڪئي ۽ اڳڀرو رهيو ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۵ع ۾ ٻه ڀيرا جيل پڻ ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪ جي عروج وقت مون کي ياد آهي ته ۱۹۸۳ع ڌاري منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پوسٽنگ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نواب شاهه ٿي هئي.
هن دؤر ۾ بابا سان گڏ لڪي ڇپي غلام مصطفيٰ جتوئي ساڻ ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ پاڻ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کان ملڪي سياست تي وڏا وڏا بحث ڪندو هو. غلام مصطفيٰ جتوئي پيپلز پارٽي سان اختلاف ٿيڻ بعد ۱۹۸۶ع ۾ ملڪ جي ناليوارن سياستدانن سان گڏجي نيشنل پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، جنهن۾ غلام مصطفيٰ کر، حنيف رامي، ايس ايم ظفر، حامد رضا گيلاني، ملڪ حامد سرفراز، غوث بخش رئيساڻي، ڪمال اظفر، ميان ساجد پرويز، نفيس صديقي، آفتاب شاهه جيلاني ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ۱۹۸۸ع ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار حاجي رحمت الله بهڻ کان قومي اسيمبلي جي چونڊ هارائڻ بعد ۱۹۸۹ع ۾ کيس ڪوٽ ادو جي ضمني چونڊ ذريعي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ويو. هن ٻين پارٽين سان گڏجي اسلامي جهموري اتحاد جوڙيو، غلام مصطفيٰ جتوئي سياست جي ميدان ۾ سهپ ۽ رواداري واري اصول جو علمبردار هو. پيپلز پارٽي کان ڌار ٿيڻ باوجود به هن ڪڏهن پيپلز پارٽي جي خلاف نه ڳالهايو.
۱۹۵۸ع ۾ اولهه پاڪستان جو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي، پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. ۱۹۹۰ع ۾ تڏهوڪي صدر غلام اسحاق خان طرفان وزير اعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت بر طرف ڪرڻ بعد، غلام مصطفيٰ جتوئي کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ ۶ آگسٽ ۱۹۹۰ع کان ۶ نومبر ۱۹۹۰ع تائين نگران وزير اعظم رهيو. غلام مصطفيٰ جتوئي ۱۹۶۲ع کان ۱۹۶۵ع تائين ٻه ڀيرا گڏيل قومن ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ پاڻ ۱۹۵۲ع ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ نواب شاهه جو چيئرمين چونڊيو ويو ۽ کيس اهو اعزاز حاصل ٿيو ته هو ننڍي کنڊ ۾ سڀني کان ننڍي عمر ۾ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو.
غلام مصطفيٰ جتوئي هر سال ڪيٽي جتوئي ۾ پنهنجي ساٿين غلام مصطفيٰ کر، مجيب پيرزادو، قانوندان عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻين سان گڏ شڪار ڪندو هو. هن ڀيري به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته پاڻ دوستن کي شڪار لاءِ دعوتون ڏنيون هيائين پر طبيعت جي ناچاڪي سبب هو شڪار تي نه وڃي سگهيو.
غلام مصطفيٰ جتوئي ٻه شاديون ڪيون جن مان هڪ ڏاڏي پوٽي مان ۽ ٻي شادي پيار جي پرڻي وسيلي ڪئي. هو نوجوان پٽ طارق جتوئي، جيڪو ۲۰۰۱ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿيو هو، تنهن جو صدمو ڪڏهن وساري نه سگهيو. غلام مصطفيٰ جتوئي، ايم اين اي غلام مرتضيٰ جتوئي، ايم پي اي مسرور جتوئي ۽ ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي سميت چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.
غلام مصطفيٰ جتوئي جي لاڏاڻي بعد سياسي ميدان ۾ پيدا ٿيل خال شايد ڪڏهن پُر ٿي سگهي.

(سنڌو ڊائجسٽ، خبرون، مقدمو، فيصلو، عوامي فورم، تعمير سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سُڪار، هلچل، هلال پاڪستان)

No comments:

راءِ ڏيندا