; سنڌي شخصيتون: نواب نبي بخش خان ڀٽو - مير نادر علي ابڙو

13 December, 2012

نواب نبي بخش خان ڀٽو - مير نادر علي ابڙو


نواب نبي بخش خان ڀٽو
هڪ اعليٰ شخصيت
مير نادر علي ابڙو
نواب نبي بخش خان ڀٽو سان منهنجو واسطو منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هو. هو منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي انتهائي پراڻن دوستن منجهان هڪ دوست هو. ۱۹۸۵ع ۾ جڏهن بابا سائين ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيو، ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ اچي، رهائش پذير ٿيو. ۱۹۸۵ع ۾ نواب صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات بابا سائين ڪرائيندي چيس ته هي اوهان جو ڀائيٽيو نادر علي آهي. نواب صاحب حالانڪ انهيءَ وقت به انتهائي ضعيف هو پر وڏي زور، گرم جوشي ۽ محبت منجهان ڀاڪر پائي، پيشاني تي چمي ڏيئي مليو ۽ مونکي پنهنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهاريائين ۽ هڪ ملازم کي سڏ ڪري چيائين ته بابا شهزادي کي منهنجي اوطاق گهمايو ۽ سندس اوطاق ڇا هئي ڪو بادشاهي محل هو. اوطاق ڏسي اچي نواب صاحب جي ڀرسان ويٺس. ڪافي دير ڪچهري هلي بعد ۾ منجهند جي ماني پڻ زوري نواب صاحب کارائي. ڪجهه مهينن ئي بعد بابا سائين وفات ڪري ويو. نواب صاحب ضعيفي جي حالت ۾ اچي اسان وٽ تڏي تي تعزيتي دعا گهري ۽ تعزيتي بڪ ۾ لکندي چيو ته ”اڄ منهنجو هڪ بازو ڪٽجي ويو آهي. تاج محمد خان ابڙو منهنجو ڀائرن جهڙو دوست مون تي ڏاڍو مهربان ۽ همدرد هو. مونکي هو هر وقت ياد هوندو آهي.“ نواب صاحب جي بابا سائين سان انتهائي گهرائپ هئي، اهو ئي سبب هو جو مان هن وٽ تقريبن هر سال سندس ڳوٺ ميرپور ڀٽو وڏي سڪ منجهان ويندو هئس. موٽ ۾ نواب صاحب به مونکي جيڪا محبت ۽ پيار ڏيندو هو سا وسارڻ جوڳي ناهي. هو خاموش طبع انسان هو. گهٽ ڳالهائڻو، هميشه الله جو ذڪر زبان تي ڪندڙ ۽ قرآن پاڪ جون ڪيسٽون ٻڌندڙ، جانورن سان پيار ڪندڙ، انسان ذات جي دل سان خدمت ڪندڙ، مسجدن ۽ مدرسن تي تمام گهڻو خرچ ڪندڙ غريب مسڪين ماڻهن کي خيرات ججهي ڏيندڙ، مسڪين نياڻين جي لاءِ ڏاج وغيره جو خرچ خوشيءَ سان برداشت ڪندڙ هو. سندس ننگر جواني کان آخري وقت تائين جاري رهيو.


 مون کي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن مان ساڻس ڪچهري ڪرڻ ويس. اتي ڳالهين ڳالهين ۾ مونکان پڇيائين ته “ڀائيٽيا اوهان جي ٺٽي واري زمين جو ڇا حال آهي.” منهنجي ٻڌائڻ تي ته اها پئسا نه هجڻ ڪري غير آباد آهي. اهو ٻڌندي ئي هڪدم ذاتي سيڪريٽري کي چيائين ته “اها سڄي زمين اڄ کان آباد ٿيڻ کپي، خرچ جا سمورا پئسا مان پاڻ ڏيندس.” هن دؤر  ۾ اهي لفظ مون کي ڪنهن انسان جا نه بلڪه ڪنهن فرشتي جا پئي محسوس ٿيا. ڄڻ ته مون ڪو خواب پئي ڏٺو پر نه اها حقيقت هئي. هٿ ٻڌي مهرباني چيم ۽ چيو مانس ته چاچا اوهان جا ٿورا ٿيا پر مونکي اها زمين جلد ئي وڪڻڻي آهي، سو جلد ئي چند ڏينهن ۾ وڪامجي ويندي. نواب صاحب کي سياست سان تمام گهڻي دلچسپي هئي تنهن ڪري ڪافي وقت سنڌ هند جي سياست ۾ رهيو. نواب صاحب سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن اليڪشن ۾ بيٺو هميشه ڪاميابي ماڻيائين.
سنڌ جي هن بزرگ سياستدان ۱۹۰۴ع ۾ نواب الاهي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. نواب صاحب جو گهراڻو سنڌ جو معتبر گهراڻو هو. پڙهيل، سلڇڻو، تدبر، فهم ۽ فراست سندس طبيعت ۾ رب پاڪ ڪٽي ڪٽي ڀري هئي. نواب صاحب جو سئوٽ سر شاهنواز خان ڀٽو جڏهن بمبئي سرڪار ۾ مرڪزي لوڪل سيلف گورنمنيٽ جو وزير مقرر ٿيو ته انهيءَ دؤر  ۾ نواب صاحب وري ۱۹۳۴ع دوران ضلع لوڪل بورڊ جو صدر چونڊيو ويو. ۱۱ سال صدر رهيو. قائداعظم محمد علي جناح نواب صاحب سان ڪافي ويجهو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو ۱۹۳۸ع تي قائد اعظم لاڙڪاڻي آيو ته نواب صاحب سان گڏ سندس ڀرپور ميزباني سرانجام ڏني. نواب صاحب پاڪستان واري آزادي واري جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي ڪنهن به سياسي ڌر سان وابسته نه رهيو، هو هميشه آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندو هو. هن ۱۹۴۵ع ۾ قاضي فضل الله (جيڪو سنڌ جو وزير اعليٰ پڻ رهيو پر انهيءَ وقت مسلم ليگ جي طرفان وزير هيو.) پڻ شڪست ڏني، اسان جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هي واحد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين هو. جيڪو بجيٽ ۾ خساري هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي گهران پئسو خرچ ڪري پورت ڪندو هو. نواب صاحب بمبئي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو ۽ بمبئي کان سنڌ جي علحيدگي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۵۲ع تائين سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو. پوءِ سندس ڀائٽي شهيد ذوالفقار علي خان ڀٽو جي سياست ۾ اچڻ تي چونڊ تڪ سندس حوالي ڪيو ۽ پاڻ سياست کي خير آباد چيو. نواب صاحب جون ڪيترين ئي نوابن، مهراجن سان دوستيون هيون، جن ۾ هندوستان جي پٽيالا، ۽ نابا جا مهراج سندس ويجها دوست هئا. نواب صاحب سنڌ جي سياستدانن ۾ هڪ منفرد سياستدان رهيو. پاڻ سرڪاري دٻاءَ هيٺ وفاداريون مٽائڻ ۽ پنهنجي ووٽ جو ذاتي مفادن خاطر سودو ڪرڻ پنهنجي سياسي قد ڪاٺ مطابق پاڻ کي سياسي بازار ۾ نيلام ڪرڻ جهڙي عام سنڌ جي سياستدانن جهڙي موذي بيماري کان هميشه پنهنجو پاڻ کي پاڪ رکيو. سنڌ جا اهڙا سياستدان سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آهن ۽ اسان جي نوجوان سياسي ٽهيءَ لاءِ مشعل راهه آهن.
شال سنڌ جا هاڻوڪا سياستدان به نواب نبي بخش خان ڀٽو جي ڏنل راهه تي هلن ته اسان جي سنڌ جو مسڪين ۽ غريب طبقو پاڻ کي نڌڻڪو محسوس نه ڪري.
 منهنجا هي ڪجهه جملا نواب صاحب جي هماليه جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه به ڪين آهن پر تنهن هوندي به هن جي ياد تازي ڪن ٿا. موت شل موت پوئي جو ههڙيون عظيم هستيون اسان جي سنڌ کان جلد کسيو ڇڏين.

(عوامي آواز، مهراڻ، سنڌ، عبرت، هلچل، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان)

No comments:

راءِ ڏيندا