; سنڌي شخصيتون: زينت بيگم - مصطفيٰ ملاح

11 December, 2012

زينت بيگم - مصطفيٰ ملاح


زينت بيگم
ننڍي کنڊ جي اداڪاره
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
ننڍي کنڊ جي اداڪاره مرحومه زينت بيگم جي وڇوڙي کي ڊسمبر ۲۰۱۲ع منجھ ۵ سال پورا ٿيندا.
اداڪاره زينت بيگم پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي سينيئر اداڪاره، هدايتڪاره ۽ ڪهاڻيڪاره هئي.
زينت بيگم جو اصل نالو، شميم اختر هو ۽ زينت نالو، هن تي گلوڪاره مرحومه نورجهان رکيو  هو. زينت بيگم پنجاب جي رياست مالير ڪوٽله ۾ اک کولي. والد جي وفات بعد ئي سندس والده هن جي عبدالجبار نالي شخص سان شادي ڪرائي، جيڪو فلمي دنيا سان دلچسپي رکندڙ هو. سندس مڙس جي گلوڪارا نورجهان سان دعا سلام هئي. جنهن زينت بيگم جي پهرين ملاقات ميڊم نورجهان سان ڪرائي ۽ نورجهان هن کي فلم ”همچولي“ ۾ معاون اداڪاره جو ڪردار ڏياريو ۽ ان ۾ نورجهان به مرڪزي ڪردار ڪيو هو. اھا فلم هدايتڪار لقمان جي پهرين فلم هئي. اهڙيءَ طرح ۱۹۴۶ع ۾ اها فلم رليز ٿي ۽ ۱۹۴۷ع  ۾ هدايتڪار ڪي جي پرمار فلم ”گرو“ ۾ هن کي هيروئن جي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو. هدايتڪار نذير هن کي پهرئين پنجابي فلم ”پهري“ ۾ ڪاسٽ ڪيو ۽ فلم ڪامياب وئي.


هن فلم جدائي، بلو، هرجائي، سوهني، باغي، حاتم ۽ ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، اداڪاره زينت ۳۵ سال فلمي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ دوران لڳ ڀڳ اردو پنجابي ۲۰۰ فلمن ۾ ڪم ڪيو،  ۱۹۷۶ع ۾ هن پنهنجي آخري فلم،”ناگ مُني“ ۾ جوهر ڏيکاريا، اداڪاره زينت بيگم ۱۱ ڊسمبر ۲۰۰۷ع ۾ هميشه لاءِ هي دنيا ڇڏي هلي وئي.

No comments:

راءِ ڏيندا