; سنڌي شخصيتون: لعل پشپ

31 December, 2012

لعل پشپ


لعل پشپ
سنڌي ٻوليءَ جو جديد ناول نويس

ضلعي لاڙڪاڻي جو هڪ بنهه ننڍڙو ڳوٺ ماهوٽا، جنهنجي چئني پاسي، زيتونن جا باغ ۽ انهن باغن ۾ پڪل زيتون جن جي ناماچاري دنيا تائين پهتل آهي. هونئن لارڪاڻو ڪيترن ئي حوالن سان جڳ مشهرو ضرور آهي. هيءُ ننڍڙو ڳوٺ ماهوٽا ننڍي کنڊ ۾ جڏهن به ياد رکيو ويندو ته فقط سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ليکڪ لعل پشپ جي نالي سان، هيءُ اهو ننڍڙو ۽ منهنجي لاءِ عقيدت جي حد جي مڃتا رکندڙ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ پهرين جنوري اوڻيهه سؤ ڇٽيهن تي لعل پشپ جنم ورتو. پهرين تاريخ سندس جنم آهي ۽ مون کي پڪ آهي، اسان جون اخبارون ۽ رسالا ننڍي کنڊ جي هن وڏي ليکڪ بابت هڪ ننڍڙي خبر به نه شايع ڪري سگهندون، ڇاڪاڻ ته اهي اڻ ڄاڻ هونديون. انهن کي اها خبر ئي نه هوندي ته سنڌي ٻوليءَ جو پهريون جديد ناول لعل پشپ جو لکيل آهي، جنهن جو نالو آهي. ”هُن جي آتم جو موت“ ۽ هيءُ اهو ناول آهي، جنهن کي اڄ تائين ڪو به سنڌي ناول اورانگهي نه سگهيو آهي.

لعل پشپ سنڌي ٻوليءَ جو ماڊرن ليکڪ آهي. هُن سنڌي ٻوليءَ کي ويهارو کن ڪتاب ڏنا آهن، جيڪي سڀ جا سڀ ياد رکڻ جهڙا آهن ۽ سنڌ ۾ ٻيهر ڇاپڻ جهڙا آهن. هُو آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ڏهن جلدن تي آڌاريل آتم ڪٿا لکي رهيو هُئو، جنهن جا پنج جلد شايع ٿيا ته موت هُن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. سندس آتم ڪٿا پڻ سنڌ ۾ ڇپجي ته هڪ بيمثال ڪتاب جو واڌارو ٿيندو. جيستائين ايئن ٿئي، تيستائين لعل کي ياد رکڻ سنڌي ادب جي مستقبل لاءِ اهو سبق آهي، جنهن کي پڙهي ايندڙ نسل سنڌي ادب کي ڪو هڪ به جديد ناول ڏنو ته اهو خود سنڌي ادب ۾ واڌ ارو هوندو.


No comments:

راءِ ڏيندا