لعل پشپ
سنڌي ٻوليءَ جو جديد ناول نويس
ضلعي لاڙڪاڻي جو هڪ بنهه ننڍڙو ڳوٺ ماهوٽا، جنهنجي
چئني پاسي، زيتونن جا باغ ۽ انهن باغن ۾ پڪل زيتون جن جي ناماچاري دنيا تائين پهتل
آهي. هونئن لارڪاڻو ڪيترن ئي حوالن سان جڳ مشهرو ضرور آهي. هيءُ ننڍڙو ڳوٺ ماهوٽا ننڍي
کنڊ ۾ جڏهن به ياد رکيو ويندو ته فقط سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ليکڪ لعل پشپ جي نالي سان،
هيءُ اهو ننڍڙو ۽ منهنجي لاءِ عقيدت جي حد جي مڃتا رکندڙ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ پهرين جنوري
اوڻيهه سؤ ڇٽيهن تي لعل پشپ جنم ورتو. پهرين تاريخ سندس جنم آهي ۽ مون کي پڪ آهي، اسان
جون اخبارون ۽ رسالا ننڍي کنڊ جي هن وڏي ليکڪ بابت هڪ ننڍڙي خبر به نه شايع ڪري سگهندون،
ڇاڪاڻ ته اهي اڻ ڄاڻ هونديون. انهن کي اها خبر ئي نه هوندي ته سنڌي ٻوليءَ جو پهريون
جديد ناول لعل پشپ جو لکيل آهي، جنهن جو نالو آهي. ”هُن جي آتم جو موت“ ۽ هيءُ اهو
ناول آهي، جنهن کي اڄ تائين ڪو به سنڌي ناول اورانگهي نه سگهيو آهي.