; سنڌي شخصيتون: ميان علي محمد قادري - منظور ڪوهيار

22 December, 2012

ميان علي محمد قادري - منظور ڪوهيار

ميان علي محمد قادري
چراغِ شهر
منظور ڪوهيار
لاڙڪاڻي جي قادري خاندان جي اها خوشنصيبي آهي ته ۱۸ صدي عيسويءَ ۾ تصوف ۽ ادب جو جيڪو چراغ ميان محمد صالح، پنهنجي مرشد حضرت قبله عبدالحق درازيءَ جي حڪم تي لاڙڪاڻي ۾ اچي روشن ڪيو، ان چراغ مان چراغ  ٻرندا اچن ٿا.
اهڙن روشن چراغن مان ميان علي محمد ”قادري“ به هڪ آهي. جنهن نه صرف ”ميان جي ڳڙهي “ يا ”لاڙڪاڻي“ کي منور ڪيو. پر ان روشنيءَ کي سڄي سنڌ ۾ ڦهلايو. جنهن جا معترف نه صرف سندس هم عصر آهن پر علم ۽ ادب جا سڀئي پار کو پڻ آهن.


ميان علي محمد قادريءَ جو مختصر تعارف هن ريت آهي ته ميان صاحب جو جنم سن ۱۸۵۶ع ڌاري ”ميان جي ڳڙهي“ لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ميان بهاوَالدين صاحب ذات ڄاماڻي جي گهر ٿيو. ميان بهاوَ الدين، ميان رضا محمد جو جگر گوشه ۽ ميان محمد صالح جو ڀائٽيو هو.
ميان علي محمد جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي مامي ميان غلام محمد ”گدا“ جي نظر هيٺ ٿي. ميان غلام محمد ”گدا“  پنهنجي وقت جو  عالم، پارسي، سرائيڪي ۽ سنڌيءَ جو وڏو شاعر هو. ميان غلام محمد جيڪو شعر چوندو هو سو ميان علي محمد ياد ڪندو هو. هڪ صوفياڻي سنگت، ٻيو ميان غلام محمد جي شعر گوئي، ٽيون سندس تعليم مقرر ٿيل مولويءَ وٽ ۽ چوٿون سندس ڀاءُ حافظ مير محمد تن سڀني گڏجي ميان علي محمد تي گهڻو اثر ڪيو. اٽڪل ويهن ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن ميان علي محمد پنهنجي استاد ميان غلام محمد ”گدا“ سان لاڙڪاڻي تعلقي جي هڪ مريد ”سعد خان لنڊ“ وٽ ويا ۽ جڏهن کين اتي طبع آزمائي لاءِ ارشاد ٿيو ته هن هڪ پارسي غزل تيار ڪري سندس خدمت ۾ پيش ڪيو. جنهن جو مقطع هي آهي:
نشسته بر درت اين دادِ خواهت
زمد تها به اميد نگاهت
بيا اي قادري بي خود زخود بين
بجز مستي در اينجا نيست راحت
(اوهان جي داد جو طلبگار در تي بيٺو آ، مدت کان اميدن جي نگاهن سان، اي قادري خود کان بيخود ٿيءُ،  جو سواءِ مستي جي هتي راحت نصيب ڪونهي ڪا.)
ميان علي محمد، جڏهن اهو شعر چيو تڏهن چؤ طرف ”واه واه“ ٿي وئي. پتاشا ورهايا ويا ۽ غلام محمد فخر سان چيو ”شڪر ٿيو جو اسان جي اولاد ۾ وري به هڪ چڱو شاعر پيدا ٿيو.“
ان کان پوءِ ميان علي محمد جيڪي علم و ادب جا واهڙ وهايا، تن جي ڪري سندس تخلص ”قادري“ ۽ مرشد جي ڏنل قادري طريقت جي سبب پورو ” ڄاماڻي خاندان ”قادري“ سڏجڻ لڳو.
اها هڪ حقيقت آهي ته ميان علي محمد قادري پنهنجي دؤر جو هڪ علمي ادارو هو، جنهن جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪاوشن تي هڪ ضخيم، مقالي لکڻ جي ضرورت آهي، تڏهن ئي ڪو حق ادا ٿي سگهي ٿو. ليڪن هتي صرف، سندس ڇپيل تخليقن جو سرسري جائزو وٺڻ مقصود آهي ته جيئن قادري خاندان جي هن گوهر ناياب جي علمي چمڪ دمڪ جو اندازو ٿي سگهي . سندس ڇپيل ڪتاب هيٺيان آهنِ:
(۱) حسن و عشق
هي منظوم داستان منشي پوڪرداس پبليڪشن، تاجر ڪتب شڪارپور، ۱۹۰۶ع ۾ ڇپايو. ان دؤر جو ادبي پارکو پروفيسر مسٽر رام چند پرتاب راءِ پنجواڻي ڊي جي ڪاليج سنڌ، ”حسن و عشق“ تي راءِ ڏيندي چوي ٿو:
”حسن و عشق جو پوڪر داس وارن ڇپايو آهي. تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ميان صاحب ڪيتري قدر پنهنجي خيال کان ڪم وٺي سگهي ٿو. حسن ۽ عشق جو بيان هونئن جيڪر ماڻهن کي اهڙو وڻندڙ نه لڳي. پر جڏهن هن صاحب پنهنجي عليحدي وڻندڙ نموني ۾ حسن کي معشوق، عشق کي عاشق، ناز غمزه کي حسن جون ساهيڙيون، دل درد ۽ غم کي عشق جو ساٿي بڻائي، سڄي حقيقت افساني جي نموني ۾ گهڙي ٺاهي پيش ڪري ٿو. تڏهن بي ساخته واه واه نڪري وڃي ٿي.“
منهنجي خيال ۾ ميان علي محمد جي ان پهرين ڪاوش تي اهڙي سهڻي تبصري کان پوءِ وڌيڪ ڳالهائڻ عبث آهي.
(۲) ليليٰ و مجنون
هي ڪتاب جهمٽ مل ويڙهي مل اسسٽنٽ ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻي، پنهنجي خرچ سان ۱۹۲۹ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
عرب جي عاشق جان باز مجنون جنهن جو قصو پارسي زبان ۾، نظم جي صورت ۾ مولانا نظامي لکيو هو. جنهن کان اهل سنڌ غير واقف هئا. اصل سنڌ جي دلچسپي ۽ ڄاڻ لاءِ هي ڪتاب ميان علي محمد قادري پنهنجي شيرين زبان سان منظوم ڪيو.
هي ڪتاب سندس ادبي ارتقا جو  اعليٰ نمونو، سادگي ۽ سلامت جي لحاظ کان منفرد آهي. سندس ڏانءُ، آغاز داستان ليلي مجنون جي هنن شعرن ۾ ملاحظه ٿئي:
خدايا بخش منهنجي دل کي طاقت
چوان ليليٰ ۽ مجنون جي حڪايت
شروع نالي سان تنهنجي ٿئي ڪهاڻي
ڪري برڪت انهيءَ جي سان پڄاڻي
ڪئي هن طرح آ راون روايت
قصي ليليٰ ۽ مجنون جي حڪايت
عرب جي ملڪ  ۾ نالي خجسته
هيو هڪ بادشاهه احسن سرشعه
گهڻي دولت ۽ زر کان مفحر هو
زماني جي ڏکن کان بي خطر هو

سندس جمالياتي حسن جو ادارڪ وري ليليٰ جي تصوير ڪشيءَ ڪندي معلوم ٿئي ٿو. ان حوالي سان سندس چند شعر پيش خدمت آهنِ:

نماڻي ناز پرور شرم واري
حياءَ شرم ۾ محمور ساري
شرم ان کي اچي پاڇي کان پنهنجي
ڏسڻ لئه چنڊ سج حيران تنهنجي
ڪري پوشاڪ تن تي گل بدن جي
لطافت ان کان وڌ ان جي بدن جي

ميان علي محمد قادري، داستان ليليٰ مجنون جي سلاست ۽ روانيءَ کي آخر تائين، قائم دائم رکيون اچي ٿو. جنهن مان سندس زور قلم ۽ اسلوب جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب جا آخري شعر پيش خدمت آهن:
محبت عشق ۾ گهرجي سچائي
سدا معشوق پنهنجي سان وفائي
مجازي عشق مجني تي ختم هو
محبت عشق ۾ آخري مري ويو
چراغ عشق سان پُر نور دل ڪر
شراب شوق سان مخمور دل ڪر
پيو پيءُ، عشق جي مئي جا ڀري جام
هميشه قادري پيءَ صبح و شام
محبت يار جي ۾ شل مران مان
پڙهي ڪلمون محمد تي ڏيان جان

(۳) واسوخته
واسوخته نظم جو اهو قسم آهي. جنهن جي تعريف  عبدالحليم شرر ”گذشته لکنئو“ ۾ هيٺين ريت ڪئي آهي:
”شاعري جو هڪ قسم واسوخته آهي، هي هڪ قسم جي عاشقانه مسدس آهي. ان جو مضمون عمومن ائين هوندو آهي ته پهريان پنهنجي عشق جو اظهار، ان بعد محبوب جي تصوير ڪشي، ان جون بي وفايون، پوءِ ان کان باور ڪرائڻ ته اسان ٻي ڪنهن تي عاشق ٿيا آهيون. ان فرضي محبوب جي حسن و جمال جي تعريف ڪري محبوب کي سڏڻ، کتيون ٻڌائڻ، ائين ان جو غرور ٽوڙي وري ميلاپ ڪرڻ.“
”گل رعنا“ جو مصنف عبدالحئي، مير تقي مير کي واسوخته جو پهريون شاعر چوي ٿو. جڏهن ته سنڌي ۾ شڪ ناهي ته واسوخته جو پهريون شاعر ميان علي محمد قادري آهي.
ميان علي محمد جو هي ڪتاب هري سنگهه وارن ڇپايو. هن ڪتاب تي پروفيسر رامچند پرتاب راءِ، مختصر مگر جامع راءِ ڏيندي فرمائي ٿو:
”ان منظم ڪهاڻي ۾ گويا هن پنهنجي زندگيءَ جو نقشو چٽيو آهي. جتي نهايت نازڪ خياليءَ سان پرده پوشيءَ ۾ هن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. پڙهڻ سان تعلق آهي.“
(۴) گلدسته نعت قادري
هي ڪتاب ميان غلام عباس”جوش“ ڇپايو. هن جو ديباچو پنهنجي دؤر جي مشهور ۽ لائق شاعر حاجي محمود ”خادم“ لکيو. جنهن جون ڪجهه سٽون هن ڪتاب جي اهميت اجاگر ڪن ٿيون، سي پيش خدمت آهن:
”سنڌي زبان ۾، سنڌي شاعري جي گهڻي قلت آهي ۽ خصوصن نعتيه ڪلامن جي ته از حد  اڻاٺ آهي ۽ تنهن ڪري گلدسته نعت قادري خاص جلد ۾ ڇپايو ٿو وڃي ته جئين سنڌي حضرات جي دلچسپي جو ذريعو موجود ڪجي ۽ ميان صاحب جي نازڪ خيالي ۽ اعليٰ معيار سندس حوصلي جو نتيجو آهي.“
(۵) ديوان قادري
ميان علي محمد جو هي اهم ڪتاب آهي. جنهن ۾ سندس نظريه حيات، حسن و عشق جو بيان، سلاست، بلاغت، بي ساختگي، ڏانءُ، ڏات ۽ فن گهرائي و گيرائيءَ سان پيش ٿيل آهن.
هي ڪتاب ميان غلام عباس ”جوش“ ۱۹۴۰ع ۾ قادريه پرنٽنگ پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن جو ديباچو ميان غلام عباس ”جوش“ پاڻ لکيو، جيڪو هڪ مستند اديب هو. ان جي جهلڪ پيش آهي:
”هاڻي جڏهن هي ديوان قادري منهنجي پريس قادريه ۾ ڇپجڻ لاءِ آيو ۽ مان انصاف جي نظر سان ڏٺو ته بيشڪ عروض جي علم سان ڀرپور، وزن جي ترازو ۾ توريل، هم پهلو اڳين فارسي و اردو ديوانن جي آهي. ڇا ته شاعر صاحب شعر جي ڪنوار کي رديف قافيه ۽ تشبيهات و محسنات جي زيورن سان سينگاري، حقيقي پردي ۾ مجازي پوشاڪ پهرائي ظاهر ڪيو آهي. جو جنهن جي ڏسڻ سان محبوب حقيقي ۽ معشوق تحقيقي جو مشاهدو نظر ٿو اچي. جيڪو به دانشمند حقيقي نظر سان ڏسندو ته کيس حق نظر ايندو. ۽ جي مجازي لباس ڏسندو ته ان کي مجازي مزو ايندو. مطلب ته هن ديوان ۾ هر قسم جا شعر موجود آهن.“
هن ديوان بابت مشهور پروفيسر رامچند پرتاب راءِ پنجواڻي جي لکت ۾ پرمغز تقرير آهي. جنهن ۾ وڏي وستار سان ميان علي محمد جي علمي و ادبي خدمتن تي روشني وڌل آهي. ۽ ان زماني جي شعر و شاعري تي پڻ تنقيد ٿيل آهي. ان جون هي چند سٽون ميان علي محمد قادري لاءِ سند آهن:
”سنڌي شعر ميان صاحب جيڪو چيو آهي سو ڪو پڙهي ته خبر پويس. باقي منهنجي لکڻ مان ڇا اندازو لڳائي سگهندو.“
۽ اها به حقيقت آهي ته ديوان قادري بحر عميق آهي. هر ماڻهو پنهنجي نموني سان حظ حاصل ڪري سگهي ٿو. مون جڏهن پڙهيو ته منهنجي آڏو پڻ نوان نقطه نروار ٿيا. نوان موتي، نوان مرجان هٿ لڳا. جنهن جو مختصر جائزو وٺڻ جي جسارت ڪريان ٿو.
سندس ڪافين تي نظر ڪجي ته ديسي رنگ جي اها ئي دمڪ غالب نظر ايندي، جنهن جا رنگ پڪا پختا ۽ دل ٺاريندڙ آهن. ان حوالي سان سندس ڪافين جا ٻه نمونه مثال طور پيش ڪجن ٿا:
ڪافي جو نمونو (۱)
چنڊ جهڙي اڄ چنبي سان ميٽ دلبر ٿي مليو
۽ لڱن لائڻ لئه لالڻ تيل تنهن ۾ ٿي  رليو.

ڪافي جو نمونو(۲)
دوست دلبر جا پون ٿا پل ۾ پور نوان نوان،
سوز جا سيني ۾ سنڀرن، سهسين سُور نوان نوان.
هن جي ڪافين ۾ ته اها ئي ديسي رنگ جي دمڪ آهي، جنهن ۾ بي ساختگي، رواني ۽ لئي ڪاري شرط اولين آهي. جيڪو هنر سندن وڏڙن جو ورثو هو.
ليڪن ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ميان علي محمد قادري اهو شاعر هو، جنهن غزل کي مروجه پارسي ۽ عربي لفظن جي گلڪاريءَ سان گڏوگڏ غزل کي سنڌي مزاج پڻ ڏنو ۽ اها پيڙهه رکي، جن  تي ايندڙ دؤر جي غزل گو شاعرن پنهنجي عمارت اڏي. ان جو ثبوت ميان علي محمد ”قادري“ جا هيٺيان غزل آهن. جنهن ۾ پارسي ۽ عربي ترڪيبون گهٽ ۽ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو وڌيڪ آهي.
غزل جو نمونو(۱)
غم ته دنيا ۾ گهڻا، پر عشق جو غم ٻي طرح
آهي هن عالم ۾ ليڪن هن جو عالم ٻي طرح

عشق واري سان برابر ڪيئن ٿي ماتم عام جو
ان جون آهون ان جون دانهون ان جو ماتم ٻي طرح

زخم دل تدبير سان، ڪڏهين نه ڇٽندو اي طبيب!
ان جي لپري، ان جو ٻرڪو، ان جي مرهم ٻي طرح

حسن وارا ڪيترا، پر مٽ نه ڀايان يار جي
ان جو غمزو ان جو رمزو، ناز دم دم ٻي طرح

عشق اختياري نه ڪڏهن ڪفر ۽ اسلام کي
ان جو مذهب، ان جي ملت ”قادري“ ڪم ٻي طرح.

غزل جو نمونو(۲)
زلف جي دام ۾، شل دل نه اڙائي ڪوئي
جي وڃي اڙجي ته ان کي نه ڇڏائي ڪوئي.

مثل سرمي جي ڪري سهڻا اکين ۾ ٿا وجهن
آتشِ عشق ۾ جو دل کي جلائي ڪوئي

عيش عشرت جو مزو ڪين اچي ان کي پسند
دل اندر درد جو دونهون جو دکائي ڪوئي

جنهن جي حق ۾ جو لکيل روز ازل کان آهي
”قادري“ ليک سو  هرگز نه مٽائي ڪوئي.

ميان علي محمد نه صرف جوڙ جنسار جو شاعر هو، پر تصوف جي باريڪ نڪتن تي به سندس نظر هئي. بنيادي طور تي سندس تعلق صوفي فقيرن جي ان لڙهي مان هو، جن کي هيءَ دنيا هڪ وڏو منجهدار پئي نظر آئي. جنهن ۾ ان ذات حقيقي کين اڇلائي امتحان پئي ورتو. صوفين جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه، تڏهن ته فرمايو آهي:
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا ائين چون، متان پاند پسائين.
سچ پچ ته اهو هڪ وڏو چئلينج آهي، انسان لاءِ، ته هو هن موه داري دنيا مان بنا پاند پسائڻ جي نڪري وڃي. ان جو جواب ميان علي محمد قادري پنهنجي هڪ شعر ۾ ڏنو آهي، جيڪو سندس تصوف جي رمز، خيال جي اڏام ۽ تشبيهه جو اعليٰ ڪمال آهي.
رهين جي بحر دنيا ۾ ته مرغابي جان ره آزاد،
اڏامي ”قادري“ جي  تون ته آلو ٿي نه تنهنجو پر.“
ميان علي محمد قادري هڪ Committed صوفي هو ۽ پنهنجي درازي مرشدن جي تقليد ڪندي پنهنجي نظريه بابت واشگاف لفظن ۾ چوي ٿو:
نڪي مان مالڪي حنفي، نه شافعي حنبلي آهيان
انهين جو عشق منهنجو مذهب آهي ۽ اهو رهبر نهٺائي ۽ نوڙت جو اهو عالم آهي جو پاڻ کي پيرن ۽ فقيرن ۾ به نه ٿو قطاري، صرف هڪ عاشق ۽ دردمند سڏائي ٿو:
نه مان پيرن فقيرن ۾، نه ڪي رندن ۽ مُفتن ۾،
فقط هڪ عاشقِ جانان، مان داخل درمندن ۾.
بنا ڪنهن وڌاءَ جي ته ميان علي محمد قادري پنهنجي شعرن ۾ تصوف جا ڪيترائي باريڪ نقطه، سهل ۽ سولي نموني اهڙي طرح سان بيان ڪيا آهن، جيڪي اهل دل ۽ دردمندن لاءِ بي بها نسخه آهن. ان حوالي سان ”ديوان قادري“ ۾ ميان علي محمد قادري ڄڻ درياهه کي ڪوزي ۾ سمايو آهي. اها وڏي ڪنجوسي ٿيندي، جي ميان غلام عباس ”جوش“ جي ان شعر جا ٽي بند پيش نه ڪيا وڃن، جيڪي هن ’ديوان قادري‘ جي حوالي سان چيا آهن:
آهي عجيب خوشتر ديوان قادري
حڪمت سان پر سراسر ديوان قادري
ڇو ٿا ٿين پڙهڻ سان مخمور آدمي
گويا آ مئي جو ساگر ديوان قادري
هي معرفت حقيقت ۽ حسن عشق جو
اي جوش آهي دفتر ديوان قادري.

”ديوان قادري“ جي علمي حوالي سان ان دؤر ۾وڏي اهميت  ۽ افاديت هئي. ڇو ته هن ديوان ۾شعر جا هڙيئي نمونا يعني حمد، مناجات، نعت، قصيده، ڪافيون، غزل، مخمس، مثلث، قطعه، رباعيون، سه حرفيون موجود آهن. ازنسواءِ ڪتاب جي پڇاڙي ۾ فرهنگ، تصوف جي معنيٰ ۽ علمِ عروض جي باقاعده سمجهاڻي به ڏنل آهي. ان حوالي سان ”ديوان قادري“ شاعري تي طبع آزمائي ڪرڻ وارن لاءِ هڪ بهترين رهنما به هو. ان جو اعتراف، ان دؤر جو استاد باڪمال جناب ماستر محمد پريل. ميونسپل ڪائونسلر لاڙڪاڻو، پنهنجي ”تقريظ“ ۾ هيئن ڪري ٿو:
”اهڙو ديوان فاسي اردو ۽ سنڌي زبان ۾ هن کان اڳ نظر ڪو نه آيو آهي. مطلب ته هي ديوان هر هڪ شاگرد لاءِ خاص ڪري سنڌي شاعرن لاءِ نهايت مفيد بلڪه هڪ استاد آهي.“
لکڻ ڪاڻ ته گهڻو ڪجهه ”ديوان قادري“ تي لکي سگهجي ٿو. ليڪن ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ ڏنل سهڻين سٽن کان پوءِ ميان علي محمد قادري جي شاعري تي لکڻ طوالت جو باعث ٿيندو:
”ميان علي محمد قادري جي شاعري ساوڻ جي مينهن جي انهن بوندن مثل آهي. جن جي ڪرڻ سان ڌرتيءَ تي هڪ وڻندڙ خوشبو چؤ طرف پکڙجي ويندي آهي. هو بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي. هن جي دل ۽ دماغ تي حقيقي محبوب  ۽ سندس پيارن جي محبت ڇانيل آهي. تنهن ڪري سندس ڪلام تصوف جو آئينو آهي ... هن جي ڪلام ۾ هڪ خاموشي سان وهندڙ نديءَ واري رواني آهي. هن جو انداز بيان صبح جي نون ڪرڻن وانگر دلفريب ۽ هن جي خيالن ۾ جادو جهڙو گهرو اثر آهي.“

(۶) سفر نامه
ميان غلام عباس ”جوش“، ”ديوان قادري“ جي ديباچي ۾ رقمطراز آهي:
”عراق، ايران حجاز ۾ خاص رياستن چوڏهن معصومن عليهم السلام جي لاءِ خان بهادر حاجي امير علي خان لاهوري، او بي اي ( آرڊر آف برٽش ايمپائر) جي رفاقت ۽ قافله سالاري هيٺ پهريون ڀيرو جنوري ۱۹۲۴ع ۾،  ٻيو ڀيرو آڪٽوبر ۱۹۲۴ع ۾،  ٽيون ڀيرو مارچ ۱۹۲۵ع ۾ بصره، بغداد، ڪربلا، نجف اشرف، ڪاظمين، سامرو مسيب، ڪوفه، ملائن تخت گاهه نوشيران عراق ۽ ايران جي گرد نواحي ۾. حضرت امام موسيٰ  رضا جي زيارت لاءِ مشهد مقدس پهريون ڀيرو ۱۹۲۴ع ۾، ٻيو ڀيرو ۱۹۲۶ع  ۾  برحبذ سرو تربت حيدري، مشهد مقدس، مڪو معظم ۽ مدينو شريف. مارچ ۽ اپريل ۱۹۳۲ع مطابق ذوالقعد ۽ ذوالحج ۱۳۵۰هه ۾ سندس شعر جيڪو سفر ۾ چيل آهي. ملڪن ۽ روضن شريفن جي ملاحظات سندس سفرنامه ۾ تفصيل وار لکيل آهي، سو سفر نامو ڏسڻ وٽان آهي.“
 ۽ جڏهن ان سفرنامي کي قادري قلم قبيلي پاران ذولفقار علي قادري صاحب جي سرپرستي ۽ نگراني ۾ ڇپرايو ويو ته اهو سفرنامو هڪ تاريخي دستاويز ثابت ٿيو. جنهن ۾  ان دؤر جي مختلف ملڪن جي سماجي ۽ مذهبي معلومات ڏنل آهي ۽ انهيءَ سفرنامي ۾ برسبيل ان سٻيلي سنگت جو به ذڪر آيو، جيڪي پنهنجي دؤر جون اهم شخصيتون هيون. جيئن نواب امير علي لاهوري، مرزا منوچهر بيگ وغيره وغيره.
(۷) حڪمت جا ڪتاب
حڪمت هڪ وڏو شعبو آهي. لاشڪ ته ميان علي محمد قادري پنهنجي دؤر جا سٺا حاذق حڪيم ۽ دواخانه قادري لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جا مهتمم به هئا. جنهن جو ذڪر سندس هم عصر وڏن ماڻهن به ڪيو آهي. ان حوالي سان سندس ڪيئي ڪتاب، حڪمت تي لکيل سندس پونيئرن وٽ پيا آهن. انهن قلمي نسخن کي ڇپائي جي فيض عام ڪيو  وڃي ته اها ان شخص جي قدرداني ٿيندي ۽ خدا جي خلق کي فائدو رسندو.

(۸) ادب، دوستي ۽ ادب پروري
ميان علي محمد قادري نه صرف هڪ اديب ۽ شاعر هو پر هو هڪ وڏو ادب دوست ۽ ادب پرور انسان هو. هن علمي جدو جهد سان لاڙڪاڻي ۽ سڄي سنڌ ۾ سنڌي ادب  جي آبياري  ڪئي، جنهن جي شاهدي پنهنجي دؤر جا وڏا مشاهير، نقاد ، نڪتدان ۽ محقق ڏين ٿا.
ڊاڪٽر اياز قادري، ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ لکي ٿو، ”۱۹۱۵ع ۾ بزم مشاعره قائم ٿيڻ لڳا، اڳ ئي وٽس شعر و سخن جون محفلون ٿينديون هيون، جنهن ۾ سنڌ جا استاد شاعر مختلف هنڌن تان اچي شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾  شمس الدين ”بلبل، فتح محمد سيوهاڻي ”صغير“، مولوي محمد عاقل، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ ۽ ٻين احبابن جي ڪوششن سان بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو بنياد پيو. جنهن جي مرڪزي شخصيت ۽ صدر ميان علي محمد قادري هو. ڄڻ هو محفل جي شمع هو، جنهن جي چؤگرد سڄي سنڌ جا شاعر اچي ڪٺا ٿيا ٿي.“
انهيءَ جي تصديق سندس هم عصر پروفيسر رام پنجواڻي ”ديوان قادري“ تي لکيل تقرير ۾ فرمائي ٿو:
”لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعرو ميان علي محمد قادري صاحب ۽ ميان حاجي محمود جي سرجوشي سان تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن ڪنهن کي به مشاعري ڪرڻ جو خيال نه هو. ميان صاحب (قادري) ان ڪري سنڌ ۾ شاعري برپا ڪرڻ جي لحاظ کان شعر جي ترقي واسطي پاڻ پتوڙڻ جي ڪري مشاعري جو ابو ڪري ڪوٺجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.“
ميان علي محمد قادري جو سنڌي ادب  جي واڌ ويجهه ۾ اهو هڪ وڏو ڪارنامو ليکبو، جو هن ۱۹۲۱ع ۾ سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي. هن ڪانفرنس ۾ سڄي هندستان جا ناميارا اديب ڪٺا ٿيا. جنهن ۾ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ  (جنهن صدارت ڪئي) مرزا منوچهر بيگ، احمد علي ڪامران، رئيس نجم الدين، غريب دهلوي، ڪاشف لکنوي، مرزا احمد خان، محمد بخش واصف، ماستر جمعو خان غريب، مولوي ثناءَ الله ”ثنائي“، ماستر رازق ڏنو ”سائل“، غلام سرور ”فقير“، امير الدين همدم، حاجي محمود ”خادم“، فقير عبدالقادر ”بيدل“ ۽ نواز علي ”نياز “ شامل ٿيا.
اهڙي طرح هن لاڙڪاڻي ۾ پنجين ۱۹۴۴ع ۽ ستين ۱۹۴۷ع آل سنڌ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي ۽ پنهنجي ادب پروري جو ثبوت ڏنو.
۱۹۱۹ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس خيرپور ۾ منعقد ٿي ته ميان علي محمد جي مهنداريءَ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي شاعرن جو وفد اُن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو.
۱۹۲۵ع ۾ آل انڊيا سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد جي موقعي تي ميان علي محمد جي اڳواڻي ۾ بزم مشاعره جي شاعرن جو وفد شريڪ ٿيو. سندس انهي سرجوشي جي ڪري لاڙڪاڻو شاعرن جو آکيرو سڏجڻ لڳو.
ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته ميان علي محمد قادري پنهنجي ذات ۾ ادب گاهه هو. سنڌ جي پرٻيڻ شخصيتن به جڏهن مٿانئس لکيو ته سندس ادبي حيثيت ۽ اخلاقِ حميده جو اعتراف ڪيائون. پير حسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ سندس شخصيت جو بيان ڪندي چوي ٿو:
”نماڻو نهٺو، نيڪ، سٻاجهو، مٺو ۽ مهربان، ڪنهن جي تيريءَ ميريءَ مان نه ڄاڻندڙن بزرگن جهڙي روش، اٿيءَ ويٺي ۾ ڏاڍي واضع داري، ائين پيو معلوم ٿيندو ڄڻ سڀني جو سرپرست ۽ سڄي محفل جو مربي آهي. سڀئي ڄڻ سندس اولاد پيا سونهن.“
پير علي محمد راشدي وري سندس شخصيت تي هيئن روشني وجهي ٿو:
”قادريه خاندان جو پڳدار، مرحوم مغفور علي محمد صاحب قادري پڻ شعر و شاعريءَ جو شغل ڪندو ٿي رهيو. نه فقط صورت ۾ بلڪه سيرت ۾ به بزرگ هو. سندس مٿي تي سنڌي طرز جي سفيد پڳ خاص طرح سان ڏاڍي سٺي لڳندي هئي. فارسي خواهه سنڌي ڪلام گهڻو ڇڏيائين. سندس همعصر شاعر کيس استاد ڪري مڃينداهئا.“
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پنهنجي ڪتاب ”ياد رفتگان“ ۾ هن طرح سان اظهار ڪري ٿو:
”مرحوم قادري سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ چڱي دسترس رکندو هو. وقت جي پخته شاعرن ۾ سندس مقام مٿانهون هو. پاڻ سنڌ جي شاعر ميان غلام محمد ”گدا“ جو شاگرد هو. سندس ڪلام پڪو پختو ۽ وڻندڙ آهي. ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻو سندس محنت جو نتيجو آهي. مرحوم علي محمد قادري اوصاف فقيرانه سان سينگاريل هو.“
ميان علي محمد قادري جي علمي جدوجهد جو اندازو ان مان لڳائجي ته هن نه صرف ادبي ادارا قائم ڪيا پر سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هن ميان غلام سرور ”فقير“ سان گڏجي ۱۹۲۲ع ۾ قادريه پرنٽنگ پريس قائم ڪئي. جنهن مان ۱۹۲۲ع ۾ اخبار ”الحقيقت“ نڪرڻ لڳي. انهيءَ اخبار جي بانين مان ميان علي محمد قادري به سنڌي صحافت ۾ پنهنجي جداگانه حيثيت ٺاهي. ان کان پوءِ انهي پريس مان ۱۹۲۲ع ۾ ”گلدسته سنڌ“ شايع ٿيو. ان جو ايڊيٽر ميان علي محمد قادري هو. هن ادبي رسالي سڄي سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي. محمد هاشم ”مخلص“ گلدسته سنڌ تي تبصرو ڪندي چوي ٿو:
”لاڙڪاڻي مان بزم مشاعره جي طرفان ماهوار رسالو ”گلدسته سنڌ“ جو پهريون نمبر اسان کي پهتل آهي. واقعي عمده گلن جو مجموعو (گلدسته) آهي. منجهس شعر و شاعري بابت عمدا مضمون ۽ سنڌ جي نامور شاعرن جا غزل شايع ٿين ٿا.“
اهڙي طرح سندس شخصيت جا ٻيا به پهلو هئا، جن کي اجاگر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. سياست جي حوالي سان هو لاڙڪاڻي جي انهن  عمائدين منجهان هو، جن ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۳۸ع ۾ قائداعظم جي لاڙڪاڻي آمد تي کيس سپاسنامو پيش ڪيو هو. شروع کان وٺي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سينيٽري ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو. نواب امير علي لاهوري پريزيڊنٽ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو اهو معمول هو ته هو گهوڙي تي چڙهي شهر جو دورو ڪندو هو. انهيءَ معمول ۾ ميان علي محمد قادري سان ملاقات ۽ مشاورت به هوندي هئي. تعليمي حوالي سان سندس گهڻيون خدمتون هونديون هيون. هو ڪافي عرصو چيئرمين، ميونسپل اسڪول بورڊ لاڙڪاڻو به رهيو..
اها اميد ٿي ڪجي ته سندس شخصيت جي انهن اهم بلڪه وساريل  پهلوئن تي به اهل قلم ۽ اهل علم ضرور لکندا ۽ سنڌ جي سچيت ۽ سيرتوند شخصيت کي ضرور ساريندا، جنهن هن جهان مان، ۱۰ نومبر ۱۹۴۰ع تائين بي لوث خدمت ڪئي ۽ پننجي نيرورتا ۽ جڳياسي هجڻ جو اعلان ڪري موڪلائي ويو

ڪي سڏن سني، ڪي شيعو ٿا چون سڀ خاص عام،
ڪي صفا صوفي سڏن، منهنجو پڙهي هي خوش ڪلام
جو ئي آهيان سو ئي آهيان، جيئن چون مَرُ پيا چون
ٻارهن پنجن چئن جو قادري آهي غلام.

***

No comments:

راءِ ڏيندا