ميان علي محمد قادري
چراغِ شهر
منظور ڪوهيار
لاڙڪاڻي جي قادري خاندان جي اها
خوشنصيبي آهي ته ۱۸ صدي عيسويءَ ۾ تصوف ۽ ادب جو جيڪو چراغ ميان محمد صالح، پنهنجي
مرشد حضرت قبله عبدالحق درازيءَ جي حڪم تي لاڙڪاڻي ۾ اچي روشن ڪيو، ان چراغ مان
چراغ ٻرندا
اچن ٿا.
اهڙن روشن چراغن مان ميان علي محمد
”قادري“ به هڪ آهي. جنهن نه صرف ”ميان جي ڳڙهي “ يا ”لاڙڪاڻي“ کي منور ڪيو. پر ان
روشنيءَ کي سڄي سنڌ ۾ ڦهلايو. جنهن جا معترف نه صرف سندس هم عصر آهن پر علم ۽ ادب
جا سڀئي پار کو پڻ آهن.