; سنڌي شخصيتون: اردشير ڪائوسجي - امداد سومرو

02 December, 2012

اردشير ڪائوسجي - امداد سومرو


اردشير ڪائوسجي
وقت جي ڌنڌ ۾ وڃايل شخص
امداد سومرو
گذريل تقريبًا ٻن ڏهاڪن کان قلمي ٽرائيب (قبيلي) سان واسطو رهڻ ڪري مون کي تڏهن زيان جو نقصان وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو، جڏهن ان قبيلي جو ڪو فرد هميشه لاءِ پنهنجي پنهنجي خالق (Lord) سان وڃي ملي ٿو. ڪالم نگاري اسان وٽ ڌنڌو ٿي ويو آهي. پر اصل ۾ صحيح معنيٰ ۾ ڪالم نگاري ڇا ٿيندي آهي، ناخدائن وٽ ان جي پنهنجي پنهنجي وصف آهي. مون کي ايتري خبر آهي ته ڪائوسجيءَ وٽ رڳو غصو نه هو پر مزاح جي اها حس، لفظن جي اها آرٽ هن وٽ هئي، جنهن ڪنهن به سيزر کي اهو نياپو ڏنو ٿي: سيزر تون به امر ناهين.


”جرنلزم ۽ ناول هڪ ئي ماءُ جا ٻه ٻار آهن“، ڪجهه ڏينهن اڳ گارشيا مارڪئيز ٽيوٽر تي لکيو هو. گارشيا مارڪئيز جيڪو موت جي چائنٺ تي پهتل آهي پر ان باوجود هن جي آرٽ ڏانهن رغبت، حسن ۽ مزاح واري حس ۽ تجسس نه ويو آهي. ڪينسر جي بيماري هن جو اڃا به ڪجهه نه بگاڙي سگهي آهي. هو اڃا به وڏا ٽهڪ ڏئي ۽ لکي سگهي ٿو. جيئن شيخ اياز زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين لکندو رهيو هو.
رڳو ڪجهه سال اڳي اوريانا فلاچيءَ جو موت ٿيو آهي جنهن جو ڪتاب ”اي انٽرويو وٿ دي هسٽري“ پڙهي مون کي صحافت جو شوق ٿيو هو يا اها وبا مون ۾ داخل ٿي هئي. اوريانا جرنلسٽ هئي. پر هوءَ ڪنهن به وڏي ڪالم نگار کان وڏي ڪالم نگار هئي. هوءَ monotonous نه هئي، جيئن ڪائوسجي نه هو. پر ڪائوسجيءَ کي اوهان فلاچي واري صف ۾ نه ٿا بيهاري سگهو، ڇو ته هو ڇا به هو پر تخليقي ليکڪ نه هو. ڪائوسجيءَ لاءِ ڪراچي سڀ ڪجهه هئي. اهڙي طرح قرت العين حيدر به صحافڻ هئي. پر بي پناهه تخليقي سگهه هن کي ادب ڏانهن وٺي وئي.
جارج آرويل صحافي هو ۽ هن جي پائي جو ناول نگار دنيا ۾ هڪ امتيازي حيثيت سان مڃيو وڃي ٿو. ايئن نه آهي ته دنيا ۾ سٺو ادب يا صحافت نه پئي ٿئي. اورهان پاموڪ لکي رهيو آهي ۽ دنيا کي هڪ کان هڪ تجسس ۽ اتساهه ڇڏيندڙ ناول ڏئي رهيو آهي. وڪرم سيٺ جا ناول. جان ودال جهڙو ڪالم نگار تازو ئي ته مري ويو آهي. فسڪ اڃا رپورٽون فائيل ڪري رهيو آهي.
آرٽ بڪوالڊ ڊائلاسز تي هو ۽ اسپتال کي هن فنونِ لطيفه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. هو خاموشيءَ سان مري ويو ۽ اسپتال ۾ آخري ڏيهاڙن کي جشن وانگر ملهايائين. هن جو آخري ڪالم مون وٽ ايئن سانڀيل آهي جيئن ڪائوسجي جو آخري ڪالم، جڏهن هن لکڻ کي الوداع ڪيو.
ڇا هو گيدي بزدل هو؟ بنهه نه. پر هن جو اهو احتجاج ٻين کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ سان هو ۽ هڪ آرٽسٽ ايئن ڪري سگهندو آهي. جليل جڏهن اهو ٿو چئي ته منهنجي عمر جا رڳو ٻه ناقابل فراموش پڇتاءَ آهن، جن مان هڪڙو اهو ته ۴۷ع کانپوءِ جيئن سنڌي هندو، پارسي، عيسائي، گجراتي ۽ يهودي ڪراچي ڇڏي ويا ته مون کي به انهن سان سنڌ ڇڏڻ کپندي هئي ۽ ٻيو پڇتاءُ اهو ته ۷۷ع ۾ فلوريڊا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ واپس ٿيڻ نه گهربو هوس ته ان ۾ هن جي اندر جي آرٽسٽ جو اهو ڪروڌ ۽ احتجاج شامل آهي جيڪو حالتن جي مسلسل نه بدلجڻ ۽ آرٽسٽڪ انڪليو (Artistic enclave) جي ويرانيءَ سبب آهي.
اهو سماج جيڪو مسلسل رڳو هڪ هنڌ بيٺل ئي ناهي پر اهو تيزيءَ سان جنون ۽ اهڙو اڻ سهپ ڪروڙين ماڻهن جو هجوم بڻجي چڪو آهي، جتي ڳالهه کي اهميت نه آهي پر هٿيار کي اهميت آهي. اهو آرٽسٽڪ احتجاج آهي. ڪائوسجيءَ جو لکڻ کي الوداع ڪرڻ يا جليل جو مٿيون رويو بزدلي ۽ مايوسيءَ کان وڌيڪ هڪ آرٽسٽ جي انا طور وٺڻ گهرجي، جنهن حالتن سان سمجهوتو نه ڪيو آهي پر حالتن جي جبر اتساهن کي موت ڏئي چڪو آهي.
حد کان وڌيڪ حب الوطني، پاڪيزگي يا فتوا بازي نمائش جو نالو آهي. سنڌ ۾ ان فتويباز برگيڊ جو وڏو تعداد آهي. سنڌ هاڻ ان ۾ ٻين کان پوئتي سماج نه آهي. (بئريسٽر ضمير گهمري خلاف فتوابازي ان جو رحم جوڳو ۽ تازو مثال آهي.) لکيل پڙهيل ماڻهن جو اٿاهه هجوم هڪ ئي وقت ان حد تائين جنگوازم تي لهي ايندو گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ سنڌين کانسواءِ ڪنهن ٻئي وٽ ان جو مثال نه ٿو ملي. ان مامري ۾ اسان پنهنجي الڳ سڃاڻپ جوڙي ورتي آهي.
سنڌ ۾ اوهان کي اڪثر ڪالم نگار هڪ ئي ڪئپسول مان نڪتل ملندا. ٿوري پرڀرائپ، الڳ خاصيت، دليل جو ٻيو سواد ۽ چونڊ نه ملندي... پر اوهان غور سان ڏسندؤ ته اهو چون چون جو مربو لڳندو. لڳندو ڄڻ هڪ ئي ماڻهو اهي سڀ ڪالم لکيا آهن. هتي نقالي آهي يا تبليغ آهي پر آرٽ نه آهي.
اردشير ڪائوسجيءَ تي لکڻ تان ٿيل شروعات ٻي ڊيگهه جو شڪار ٿي وئي. سو ڪائوسجي مري ويو. ڪراچيءَ پنهنجو انتها ئي وفادار پٽ ۽ محسن شهري وڃايو. هو جيڪو ڪراچيءَ جي عروج ۽ زوال جو عيني گواهه هو. گٽرن جي ڍڪن. باغيچن، فلاحي پارڪن، مينگروز، پلاسٽڪ شاپرس خلاف مهمن، گهڻ ماڙ عمارتن، بدعنواني، انتها پسندي ۽ مال پروري خلاف ويڙهه جو هي اڪيلو سپاهي هو. خاموش، پُرامن، مهذب ۽ پارسي سخي ماڻهن واري ڪميونٽيءَ جو روح روان.
ذوالفقار علي ڀُٽي هن کي ۷۲ ڏينهن جيل جي سزا کارائي. پر هن گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن سالن تائين ڀٽو خلاف لکيو. ان ۾ هُن ڊڪٽيٽر يا ڊيموڪريٽڪ جو سَنڌو نه ڪيو. ڪڙي حقيقت اها آهي جيڪا ڪائوسجي تي مئي پڄاڻان به ڪري سگهجي ٿي ته هن مشرف ڊڪٽيٽر جي سپورٽ ڪئي. پر مڪمل سپورٽ نه. هن جو قلمي پيار جو پورهيو عورتن جي حقن، ٻارن، اقليتن، ڪراچي جي پراڻين عمارتن، پارڪن وغيره لاءِ هو ۽ ان لاءِ هو ڪنهن شيطان جي حمايت به ڪري سگهيو ٿي. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ڪو جنرل مشرف کان هن کي ڪا ذاتي طلب يا لالچ هئي پر هن انتهاپسندن خلاف ڪريڪ ڊائون تي سمجهيو پئي ته جنرل، ملڪ کي روشن خيال ملڪ ڪرڻ طرف وڃي پيو، تلخ حقيقت اها هئي ته ايئن نه هو، محض خام خيالي هئي. هن جو ٻيو وڏو وقت ان interpretation  ۾ گذريو ته ڪيئن هن ملڪ کي جناح صاحب جي سيڪيولر جمهوري رياست بڻائجي. آگسٽ ۱۱ ۽ آگسٽ ۱۳ واري تقرير جو هو هر ٻئي ڪالم ۾ حوالو ضرور ڏيندو هو. جناح صاحب جي اها تصوير جنهن ۾ هن جو پاليل ڪتو ويٺو آهي ۽ سگريٽ ڇڪي رهيو آهي، اها تصوير هو البم مان ڪڍي هڪ ٽي وي انٽرويو لاءِ اسٽوڊيو ۾ کڻي آيو هو. هن جناح صاحب جي ٿيوڪريٽڪ رياست نه بنائڻ واري عزم کي بار بار حڪمرانن ۽ پڙهندڙن تائين پهچايو ٿي.
صحافي مونس بخاريءَ تي ڄام صادق علي جي مهربانيءَ تي هن ”ڊزنس آف ڊوڪري“ وارو ڪالم لکيو هو. ڄام صادق علي جي هڪ تقريب ۾ هو شارٽس پائي آيو هو ته ڄام هن کي آداب سان اچڻ جي تنبيهه ڪئي هئي. جانورن، پکين، ڪتن ۽ ٻلين سان پيار ڪندڙ ڪائوسجي. هو ڀُٽي جو دوست ۽ ڀُٽي جو بلا دشمن هو. هو اندرون سنڌ ۾ رڳو الاهي بخش سومرو جو دوست هو، جنهن کي هو الو جي نالي سان سڏيندو هو. ڪراچي هن لاءِ سنڌ هئي، ڪراچي هن لاءِ پاڪستان هئي. هو ايم ڪيو ايم توڻي ڪنهن به سياسي لساني ڌر لاءِ هڪ ئي رويو رکندڙ هو.
آخري سالن ۾ هن سياست تي گهٽ پر ڪراچيءَ ۾ گهڻ ماڙ غير قانوني عمارتن ۽ تعليمي فلاحي پارڪن پلاٽن تي قبضن توڻي ماحوليات سان لاڳاپيل اشوز تي اڪثر لکيو. رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان جي ۱۹۹۶ واري پٽيشن تي اعليٰ عدالت جي بار بار ياد دهاني پڻ هو ڪرائيندو رهيو، جنهن تي هاڻ تاريخي فيصلو اچي چڪو آهي.
گذريل سال هن لکڻ کي خير آباد ڪيو. هن ۱۴ آگسٽ ۱۹۸۷ع تي ڊان ۾ پهريون خط لکيو ۽ پوءِ ۲۲ سالن تايئن ڪالم لکندو رهيو. هن آخري مستقل ڪالم گذريل سال آگسٽ ۾ لکيو. غير رواجي يا غير مستقل ڪالم نگار طور هن جو هڪڙو ڪالم  ڊان جي ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۲ واري شماري ۾ ڇپيو هو جنهن جو عنوان هو، ”وقت جي ڌنڌ ۾ وڃايل“. باقي سڄي تاريخ آهي...

No comments:

راءِ ڏيندا