واجد
جا پيڙ هئي پرواني ۾
منظور ڪوهيار
واجد مرحوم سان جڏهن منهنجي پهرين
ملاقات ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين ۽ ٽيون سندس لفظن جي
ادائيگي زبردست هئي.
واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته
ڪونه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، ۱۹۷۵ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي
ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي ڪٽيندا هياسي. انهيءَ دؤران
مون کيس انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي.
ٻئي ناڪام وياسي.