ڊاڪٽر اياز قادري
هڪ ڪهاڻيءَ جي
بهترين پڄاڻي
منظور ڪوهيار
هر انسان جي زندگي به ته هڪ ڪهاڻي
آهي. ڪنهن جو منڍ ڇرڪائيندڙ ته ڪنهن جي پڇاڙي، ڪا معنى ته ڪا بي معنى، ڪا خوشي ۽
سرور جو سنگم ته ڪا پيڙا ۽ درد جو امتزاج.
اياز حسين قادري به هڪ دؤر، هڪ شهر، هڪ خاندان ۽ هڪ شخص
جي ڪهاڻي آهي. هن جو جنم ۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع
ڌاري ميان جي ڳڙهي (قادري پاڙي) لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد غلام سرور ”فقير“
تعليم کاتي ۾ آفيسر هو. ساڍن پنجن ورهين جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار راهه رباني
ورتي. والده کيس يتيمي جو احساس نه ڏياريو. سندس چوڻ هو، ”هڪ ته ماءُ ايڏي شفقت
ڏني جو، والد جي ڪمي محسوس ئي نه ٿي ۽ ٻيو ته فقيري اثر ڪري، مون ڪڏهن والد کي مئل
نه سمجهيو. ڇو ته اسان وٽ هي جهان دارالفنا ۽ ايندڙ دارالبقا آهي.“