; سنڌي شخصيتون: مير نادر علي ابڙو، سارنگ منير سومرو، ماھنور شيخ،
Showing posts with label مير نادر علي ابڙو، سارنگ منير سومرو، ماھنور شيخ،. Show all posts
Showing posts with label مير نادر علي ابڙو، سارنگ منير سومرو، ماھنور شيخ،. Show all posts

10 December, 2012

رحيم بخش سومرو

رحيم بخش سومرو

سنڌ جو ناميارو سياستدان

مير نادر علي ابڙو



سال ۱۹۹۹ع ڌاران منهنجي پوسٽنگ پهريون دفعو بطور ايڊيشنل سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شڪارپور ٿي. اتان جي سينيئر وڪيل عطا محمد سومرو جن سان جڏهن ڪچهري ڪرڻ ويس ته مون کي چيائين، هلو ته هلون رحيم بخش سومري سان ملاقات ڪرڻ. منهنجي چاچي رحيم بخش سومرو سان اها پهرين ملاقات هئي. عطا محمد سومري منهنجو چاچي رحيم بخش سومري سان تعارف ڪرائيندي چيو ته هي تاج محمد ابڙو جو فرزند آهي ۽ هتي پوسٽنگ ٿي اٿس. چاچو رحيم بخش سومرو انتهائي ضعيف هو ۽ ان ڏينهن ته اتفاق سان طبيعت به صحيح ڪونه هئس پر تنهن هوندي به وڏي محبت ۽ گرم جوشيءَ منجهان مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ چيائين ته تون ته منهنجو ڀائيٽيو آهين. تنهنجو بابا منهنجو پراڻو سنگتي هو.