ڪامريڊ جمال الدين بخاري
ٻري جن ٻاري
منظور ڪوهيار
مٿي تي فليٽ ڪيپ، هٿ ۾ ڇڙي، لينن
ڪٽ ڏاڙهي، مڙس هلڪي قد جو، وڌ ۾ وڌ سوا پنج فوٽ، پر ڏيا ڏهه فوٽي، شعله بيان، واٽ
سان جيڪو به مليو، تنهن سان ڪچهري شروع. عجيب مردِ قلندر هيو، ڪامريڊ جمال الدين
بخاري. جيئن مون ڏٺو،محفل ۾، مذاڪرن ۾، ادبي گڏجاڻين ۾، دهل تي ڏونڪي مثل.
۱۹۷۶ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ هڪڙي
دفعي نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي (جناح باغ اندر ٽائون هال جي عمارت) ٻاهران ڏاڪڻين تي هڪ
مولوي سان بحث ۾ مصروف هيو. ٻنهي جي ڀرسان لنگھندي ائين ڦاسي پيس، جيئن اُبت
ڪنڊڻيءَ ۾ ڪنهن واٽهڙو جو دامن ڦاسي پئي. ٻنهي ڄڻن بحث کي ٻڌڻ لاءِ روڪي منصف ڪري
ڇڏيو،مولوي ٻيو ڪونه هيو،منهنجي اسڪول جي زماني ۾، عربي جو استاد ۽ پاڙيسري سائين
مولوي نورالدين چانڊيو صاحب ۽ ٻئي طرف ڪامريڊ جمال الدين بخاري. پهريون دفعو
انگريزيءَ جو اِهو محاورو سمجهه ۾ آيو ته Between fire and water ڇاکي چئبو آهي.