; سنڌي شخصيتون: سردار رسول بخش خان انڙ، قادر بخش راهو، ضياءُ قريشي،
Showing posts with label سردار رسول بخش خان انڙ، قادر بخش راهو، ضياءُ قريشي،. Show all posts
Showing posts with label سردار رسول بخش خان انڙ، قادر بخش راهو، ضياءُ قريشي،. Show all posts

21 December, 2012

سردار رسول بخش خان انڙ

سردار رسول بخش خان انڙ

سنڌ جو سخي مرد

قادر بخش راهو



رئيس رسول بخش خان انڙ ۱۹۰۱ع ڌاري، سردار خان صاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان به مشهور هو. هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو، سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا. پهرئين سمي حاڪم ڄام انڙ جو اولاد هئا. انهن جي تعلق جي ڪري، سردار رسول بخش انڙ جي خاندان جي، سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي. رئيس رسول بخش انڙ سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جي پهرئين اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پهريائين ۱۹۳۳ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيڊنٽ پڻ رهيو.