پرڀو وفا
بزرگ شاعر جي وڇوڙي تي
ابو رافع
فصل بھار جي آ وفا آخري گھڙي
مٿيون شعر ان وفا جو آهي، جنهن کان ممڪن آهي ته متاثر ٿي ڪيترائي شاعر
وفا سڏائڻ ۾ فخر ڪندا هجن، هونئن وفا لفظ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ دلربا لفظ آهي ۽ سنڌي ادب
۾ جنهن به ان تخلص سان لکيو، انهن سنڌي شاعريءَ کي اوج ڏنو، ان ۾ ٻه ڳالهيون ٿي سگهن
ٿيون، مثال طور ٻه نالا وفا پلي، وفا ناٿن شاهي.
انهن ۽ ٻين ڪيترن ئي وفا نالي سان لکندڙن ۾ پهريون نالو پرڀو وفا آهي،
جنهن سنڌي شاعريءَ کي اهو اوج ڏنو، جيڪو سندس نالي سان ئي سڃاپجندو، هن نالي سنڌي شاعريءَ
سان ستانوي سال مسلسل وفا ڪئي ۽ ان وفا جي عشق ۾ هن سنسار سان ڪيترن ئي ڪمن ۾ بيوفايون
ڪيون هونديون، اهو ممڪن آهي.