; سنڌي شخصيتون: صوفي، احمد، خيام، محمد، فقير، کٽياڻ،
Showing posts with label صوفي، احمد، خيام، محمد، فقير، کٽياڻ،. Show all posts
Showing posts with label صوفي، احمد، خيام، محمد، فقير، کٽياڻ،. Show all posts

23 December, 2012

صوفي محمد فقير کٽياڻ - احمد خيام


صوفي محمد فقير کٽياڻ
نانگا مليا ناٿ کي....
احمد خيام
الصوفي لامذهب هڪ مشهور عربي قول آهي. هِن دنيا جي عارضي ڪارخاني ۾، مذهبن جي نالن تي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ قتل عام ڪيا ويا آهن. ”پاڪ جنگين (Holy Wars) کان سلجوقين جي لڙاين، صليبي جنگين کان ويندي هٽلر جي ”يهودي مار حملن“ تائين ۽ ان کان اڄ ڏينهن جي عالمي دهشتگردي، خودڪش حملن، ڌماڪن، فرقيوارانه فسادن ۽ ٻين لاتعداد روز جي معاملن ۾، عقيدن جي نالي ۾ ڪيل تباهه ڪارين جا زندهه سلامت ثبوت ملن ٿا، پر فطرت ۽ قانون خداوندي هڪ طرفو نه هوندو آهي. ڪاري ڀرسان اڇو، رات جي پويان ڏينهن، ظلم جي سامهون امن ۽ انتهاپسنديءَ جي خلاف ڀائيچاري، محبت، اخوت ۽ هڪجهڙائيءَ جا پيغام به گڏوگڏ ئي هلندا آهن. صوفين جو اهو ئي مسلڪ، رنگ، اهڃاڻ ۽ انداز زندگي آهي، جنهن ۾ نه ڪو رنگ، نه نسل، نه عقيدو نه اير نه ڀير... سڀڪا پسي پرينءَ کي. ان واٽ تي هلندي صوفين کي نه ڊڄ نه ڊپ، نه دشمني نه ويڙهه نه بغض ۽ ڪينو... تنهن ڪري کين چيو ويو الصوفي لامذهب (صوفيءَ جو ڪو مذهب ناهي)