; سنڌي شخصيتون: اڪبر، حسيني، سجاول، ٺٽو، سنڌي، ادبي، سنگت، جاتي، تڙ خواجا، محمد، علي، خواجا،
Showing posts with label اڪبر، حسيني، سجاول، ٺٽو، سنڌي، ادبي، سنگت، جاتي، تڙ خواجا، محمد، علي، خواجا،. Show all posts
Showing posts with label اڪبر، حسيني، سجاول، ٺٽو، سنڌي، ادبي، سنگت، جاتي، تڙ خواجا، محمد، علي، خواجا،. Show all posts

31 December, 2012

ڊاڪٽر اڪبر حسيني - ڊاڪٽر اسلم آزاد


ڊاڪٽر اڪبر حسيني

ڊاڪٽر اسلم آزاد /سجاول
هڪ دفعي ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل سوال جي جواب ۾، اهو بلڪل چيو هئم ته، آئون ڪڏهن به غمگين ۽ اداس نه ٿيندو آهيان. پر خبر ناهي ڇو گذريل هڪ هفتي کان، جڏهن منهنجي دلبر دوست، ڊاڪٽر اڪبر علي خواجا جو وڇوڙو ٿيو آهي، تڏهن کان منهجي دل ۾ هڪ غم ۽ درد گَهر ڪري ويهي رهيو آهي.
پنجيتاليھ ۴۵ سالن جي ڄمار جو ڊاڪٽر اڪبر، گذريل هفتي ڪينسر جهڙي مرض سان مقابلو ڪندي، زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. هو نه صرف هڪ ڊاڪٽر، پر ان سان گڏ شاعر ۽ سماجي ورڪر به هو.  اهو ئي سبب آهي جو سندس جنازي ۾ شامل بيشمار ماڻهن جون اکيون آليون هيون.