; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار، علي، ڀٽو، رخي، گهڻ، رنگي، شخصيت، آصف، جيلاني،
Showing posts with label ذوالفقار، علي، ڀٽو، رخي، گهڻ، رنگي، شخصيت، آصف، جيلاني،. Show all posts
Showing posts with label ذوالفقار، علي، ڀٽو، رخي، گهڻ، رنگي، شخصيت، آصف، جيلاني،. Show all posts

25 January, 2013

ذوالفقار علي ڀٽو - آصف جيلاني


ذوالفقار علي ڀٽو
گهڻ رخي ۽ گهڻ رنگي شخصيت
آصف جيلاني
اها ۱۹۵۴ع جي ڳالهه آهي، مظفر علي منصوري صاحب، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اي پي پي ۾ هو ۽ ڊان جي مشير حسن سان گڏ آئون سنڌ چيف ڪورٽ جي ڪيفي ۾ ويٺو هئس ته ڇويهن سالن جو هڪ نوجوان، سنهي چنبڙيل پتلون، جسم تي ڇڪي چاڙهيل ڪوٽ، چمڪدار غير ملڪي جوتا پاتل ۽ چال اهڙي جو ڄڻ فرش تي رقص تي موسيقي جي تيز ڌن سان قدم ملائي رهيو هجي. هي ذوالفقار علي ڀٽو هو، جيڪو ڪيليفورنيا جي برڪلي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ تازو تازو پاڪستان موٽيو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئائين. ان زماني ۾ هو سنڌ جي مشهور وڪيل رام چنداڻي ڏنگو مل جي چيمبرس سان لاڳاپيل هو. گانڌي گارڊن جي پٺيان ان علائقي ۾، جيڪو گارڊن ايسٽ سڏجندو هو، هي پنهنجي والد سر شاهنواز جي بنگلي ۾ رهندو هو. آئون ان زماني ۾ ان علائقي ۾ خيرپور هائوس جي ويجهو رهندو هئس ۽ وقت بوقت ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي. سنڌ چيف ڪورٽ جي ڪيفي ۾ مونکي ڏسي هو اسان جي ميز ڏانهن آيو هو. انهن ڏينهن ۾ هو تمام گهڻو خوش هو. چوڻ لڳو: ”آصف، مونکي پهريون ڪيس مليو آهي، جيڪو تمام گهڻو اهم آهي. سنڌ جي هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ کي وزير اعلى ايوب کهڙي گرفتار ڪرائي ورتو آهي، آئون ان جي ناحق بند ۾ رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃي رهيو آهيان، پر مونکي ڊپ آهي ته کهڙو مونکي به گرفتار ڪرائي وٺندو.“ وري ڪجهه دير ترسي چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن چئن ڏينهن کانپوءِ آئون ڪراچيءَ نه موٽان ته تون منهنجي ناحق بند ۾ رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرائجانءِ.“