مهناز بيگم
جو لاڏاڻو
غزل ۽ ٺمري
جو الاپ بيهي ويو
مصطفى ملاح/ڪراچي
فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو جي ڀلوڙ ڳائڻي ٺمري ۽ غزل ۾ مهدي حسن کانپوءِ پنهنجي
آواز سان ڪروڙين ماڻهن جو دليون کٽيندڙ، مهناز بيگم ڪالهه پنهنجي بيماريءَ جو علاج
ڪرائڻ لاءِ آمريڪا وڃي رهي هئي، ته جهاز ۾ سفر دوران ئي هن جي طبعيت خراب ٿي پئي ۽
هن کي بحرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هوءَ ۵۵
ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري
وئي.
