منشي ابراهيم
سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر
محمد سليمان وساڻ
جنگ جنگ
جنگ آ تو سان منهنجي جنگ آ
پليت پير
ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ
سنڌ جي انهن قومي شاعرن جو جڏهن
به ذڪر نڪرندو جن ڌرتيء سان ڪيل عشق جي شاعري ڪندي پوري زندگي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو انهن
عظيم ڪردارن مان مرحوم منشي ابراهيم جو نالو به نمايان هوندو. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ
جا ڪيترا ئي سپوت ۽ جوڌا جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ جدوجهد لاءِ ارپي
آهي. جيڪي سنڌي قوم جي اجتمائي مفادن ۽ سنڌ جي آجپي جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري
باب بڻجي ويا آهن. منشي محمد ابراهيم به انهن امر ڪردارن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي
ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ
منشي محمد ابراهيم ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد
به ان وقت بهترين شاعرن مان هڪ ليکيو ويندو هو.
