آسورام ”آسو“ دادلاڻي [1824ع – 1897]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مشهور ويدانتي شاعر، ديوان آسو رام ”آسو“ پٽ ساجن سنگ دادلاڻي، تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد جي ڳوٺ ڪوٽڙي مغل ۾ 3 آگسٽ 1824ع تي جنم ورتو. سندس پتا ڀلاوڻي جي دوڪان تي منشي هو؛ جنهن پنهنجي پٽ (آسوءَ) کي ڌرمي سکيا سان گڏ ويدانيت جون واٽون به ٻڌايون. تصوف ۽ طب جي سلسلي ۾ سيد فقير علي شاه کي پنهنجو اڳواڻ تسيلم ڪيائين.
سيد مصري شاه نصرپوري رح (1828ع – 1906ع) جهڙن سڄاڻ
صحبتن جي ڪچهرين مان شاعريءَ کي تقويت ڏنائين. طبيعت اهڙي ته ماٺيڻي هيس، جو هر
ڳالهه کي ٻڌندو ئي رهندو هو؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مناسب موقعي مطابق مختصر جواب ڏيندو هو.
هندو خواه مسلمانن سان شادين ۽ غميءَ جي موقعن تي سڏيءَ سڏ ڀريندو هو. ديوان
آسورام، ٿوري تي خوش ۽ سدائين باغ بهار نظر ايندو هو. هر وقت کيس اهوئي خفت لڳل
هو، ته ڪو سهڻو ۽ سانڍڻ جهڙو پستڪ هٿ اچي، ته يڪدم خريد ڪندو هو. قديم ۾ قديم دستخط
قرآن شريف، بائيبل، شريمد ڀاڳوت گيتا ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب وٽس موجود هوندا هئا.
شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”آسو“ تخلص سان غزل، ڪافيون، ڀڄن،
ڪنڍليون ۽ سلوڪ چيا اٿس. خاص ڪري غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ”ديوان“ به آهي، جيڪو
”ديوان آسو“ جي نالي سان 1897ع ۾ ڇپيو هو. اهڙ:ءَ طرح ”رساله آسو“ ۽ ”پريم غنچه“
به ڀائي آسوءَ جي ڪلام جا مجموعا آهن.