; سنڌي شخصيتون: ڇتو ڪوري، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، دادا سنڌي،
Showing posts with label ڇتو ڪوري، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، دادا سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label ڇتو ڪوري، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، دادا سنڌي،. Show all posts

25 November, 2011

ڇتو ڪوري


ڇتو ڪوري
[۱۵۴۸ع – ۱۵۹۸ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
دنيا ۾ ڪي انسان پنهنجي ڪارنامن کان مشهور هوندا آهن، ته ڪي وري فطري لحاظ کان، مخصوص عادتن، طور طريقن ۽ فڪري صلاحيتن سببان پري پري تائين اهڙا ته پڌرا هوندا آهن، جو پنهنجي وقت ۾ ته وارو وڄائي ويندا آهن، پر مرڻ کان پوءِ به هو پنهنجا ڪرتب عام ماڻهن جي ذهنن ۾ هميشہ هميشہ لاءِ نقش ڪري ويندا آهن. اهڙن نامورن مان محمد ڇتل ولد محمد صابن ڪوري[1] به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت خيرپور رياست جي ڳوٺ ”کهڙا“ ۾ ۲۲ صفر المظفر ۹۵۵ هه مطابق ۳ اپريل ۱۵۴۵ع تي ٿي آهي. سندس وڏا ڪپڙي اڻڻ کان علاوه زمين جو ٽڪرو به آباد ڪندا هئا.