; سنڌي شخصيتون: فقير نواب ولي محمد خان لغاري - سارنگ علي سولنگي

25 February, 2012

فقير نواب ولي محمد خان لغاري - سارنگ علي سولنگي


فقير نواب ولي محمد خان لغاري

سارنگ علي سولنگي

فقير نواب ولي محمد لغاري ثاني، شهر حيدرآباد ۾ سندس ڏاڏي وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري اول جي ٻڌايل ڳوٺ ٽنڊي ولي محمد ۾ سال 1836ع ۾ تولد ٿيو. هو نواب احمد خان جو وڏو پٽ هو. ان ڪري نواب جي موروثي لقب سان پنهنجي والد جو جاءِ نشين ٿيو.
سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي تنهائي پسند هئي. سندس صحبت مان گهڻن کي فيض پهتو. محمد فقير کٽياڻ، فتح علي کٽياڻ (محمد فقير جو سئوٽ) قاضي حسام الدين کٽياڻن وارو، احمد فقير لاکو پيڏين (لڳ ڀريا، ضلع نوشھروفيروز) جو، ديوان خانچند وارو ۽ ٻيا سندس صحبتي ۽ طالب هئا.
فقير نواب ولي محمد نهايت ئي نرم طبيعت ۽ سنجيده سڀاءَ جو مالڪ هو. ٻاهر مجلس ۾ ايندو هو ته مٿي کٽ تي، اوڪڙو ٿي، هٿ ٻڌي وهندو هو ۽ اکيون ڍاري ڇڏيندو هو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا چرڻ پرڻ جي ائين ئي ويٺو هوندو هو.
پاڻ 27 جولاءِ 1914ع تي وفات ڪيائين. وفات وقت سڀ فقير گڏ ٿيل هئا. جو سندس حياتي جو جام لبريز ٿي آيو ۽ سندس روح فاني جسم مان دارالبقا ڏانهن پرواز ڪيو. سندس عمر ان وقت اسي ورهيه هئي. طالبن ۽ فقيرن، فقير نواب ولي محمد جو جنازو يڪتارن، سازن ۽ آلاپن جي گونج ۾ سينگاري کنيو ۽ رستي لڳ سندس خانقاه جي حد اندر دفنايو ويو، جتي سندس مقبرو موجود آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا