; سنڌي شخصيتون: ممتاز لاشاري - ڪريم بخش ملڪ

07 February, 2012

ممتاز لاشاري - ڪريم بخش ملڪ


ممتاز لاشاري
سنڌ جو سُريلو راڳي
ڪريم بخش ملڪ
چوندا آهن ته موسيقي روح جي غذا آهي. واقعي ئي پاڪيزه موسيقي روح کي راحت ڏيندي آهي. اها انساني ڪيفيت هوندي آهي ته هُو ڪڏهن خوشين جي سمنڊ ۾ تڙڳندو آهي ته ڪڏهن وري غمن جي درياهه ۾ غوطا کائيندو آهي. جڏهن اندر جي اڌمن کي اجهائڻ خاطر موسيقيءَ طرف لاڙو رکندو آهي ته موسيقي مڙيو ئي من جون مونجهون لاهي تن کي تسڪين بخشيو ڇڏي.


قديمي دور جي موسيقي، ڪلاسيڪل فنڪارن جي آواز ۾ اڄ به، ڪلهه وانگر نئين نڪور روحاني راحت ميسر ڪري ٿي. اڳوڻا خانصاحب فنڪار استاد منظور علي خان، استاد بيبو خان، استاد جمن علي، ماسٽر چندر، استاد محمد يوسف ۽ ٻيا اهڙا موسيقي جا ماهر ڪلاڪار هئا جو اهڙن سريلن فنڪارن جو روح پرور راڳ ٻڌي اندر جو انسان ٺريو وڃي. سريلا ٻول سدائين ذهن کي پنهنجي آغوش ۾ آڻيو ڇڏين.
ممتاز لاشاري صاحب، حقيقي راڳ، ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي، راڳ جي ڄاڻ وارن جون دليون بهلائي رهيو آهي. هن دادن فقير، احمد خان مدهوش، راشد مورائي، عبدالخالق عبد، عبدالرحيم عزمي، غني غمدل، ارشاد چانڊيو، مهر ڊٻائي، مشتاق بخاري ۽ ٻين ڀلوڙ ناميارن شاعرن جي شاعري ڳائي سنڌ واسين جون دليون قيد ڪري ڇڏيون آهن. حقيقت ۾ ممتاز لاشاري هن معاشري ۾ راڳ وسيلي تبليغ شروع ڪئي آهي. اصلاحي شاعري ڳائڻ  فنڪار عيب سمجهندا آهن پر آءٌ ممتاز لاشاري کي هر طرح خراج تحسين پيش ڪندي مبارڪباد ڏيان ٿو جيڪو نوجوان طبقي جي اصلاح خاطر پاڪيزه موسيقي ڳائي معاشري جي اصلاح ڪري رهيو آهي. هن ماحول ۾ جڏهن انسان، انسان جو دشمن بڻجي جانورن جيئان هڪٻئي کي کائي رهيو آهي. انهن کي موسيقي ذريعي سهڻي سليقي پيار محبت سان روڪيندي چوي ٿو ته ”ادا ماڻهو نه مار، ڪجهه لڇڻ ته ڌار، رب ڏاڍو ٿي“ يا وري سنڌ اندر سالن کان وٺي جهيڙن ۽ جهڳڙن جي صورت ۾ ۽ سنڌ اندر قبيلائي جهيڙا ايترو ته زور وٺي ويا جو سون جي تعداد ۾ بي گناهه معصوم ٻار ٻڍا نياڻيون ۽ جوان گولين جو کاڄ بڻجي ويا. ممتاز لاشاري راڳ وسيلي اهڙو ته خوبصورت پيغام ڏيندي چيو آهي ته ”ادا سائين ڇڏ تون قبيلائي جهيڙا، ٻين جي چوڻ تي اجاڙيا ٿئي ويڙها“ ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ ضلعي ڪشمور اندر اوڳاهي تيغاڻي تڪرار ۽ ضلعي خير پور ۾ ڏهن سالن کان هلندڙ اڄڻ ۽ ناريجا تڪرار جو خاتمو به ان ڳالهه جا مثال آهن. لاشاري صاحب جو اهو پيغام ٻڌي زنگ چڙهيل ذهن کلي ويا ۽ ڪيترين ئي جهيڙيندڙ ڌرين تڪرار ڪرڻ کان هٽي ڪري پاڻ ۾ صلح ڪيو آهي. ممتاز لاشاري  جا چيل لفظ ته؛ منهنجي سنڌ ۾ بدامني ۽ قبيلائي تڪرارن جي باهه ٻريل آهي، مان سمجهان ٿو ته منهنجو هي پيغام ٻڌي اها باهه گهٽجي ويندي. سندس چيل لفظن بلڪل ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهن تي اثر ڇڏيو کوڙ سارين تڪرار ڪندڙ ڌرين پاڻ ۾ صلح ڪيو آهي ۽ وڌيڪ به اميد رکجي ٿي. اهو ڪريڊٽ سندس ڏانهن وڃي ٿو. جنهن اهڙو پيغام پهچايو آهي.
ممتاز لاشاري دل جو سخي مهمان نواز زبان جو سچو واعدي جو پڪو ۽ کرو انسان آهي. هن جي سچ سان سنگت ۽ ڪوڙ سان ڪلفت آهي. هو هر ڪنهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو آهي. سدائين منهن تي مُرڪ مسڪراهٽ هوندي اٿس. ننڍي توڙي وڏي کي ڳل لائي اهڙي ته ڳل ڳراٽڙي پائي ملندو آهي جو هڪ ڀيرو ملڻ کان پوءِ ساڻس بار بار ملڻ لاءِ دل اتامڙي رهندي آهي.
ممتاز لاشاري هر انسان کي هڪ جهڙي نظر سان ڏسندو آهي. هن وٽ تخليق کي تمام گهڻي اهميت ۽ افاديت حاصل آهي. ڪو ئي شاعر آهي ته کيس جيءَ ۾ جايون ڏيديندو آهي جتي کيس دوستن طرفان سونا تاج پارايا وڃن اتي مون مسڪين جي ڇا حيثيت هوندي. پر هن وٽ پئسي کي ڪا به اهميت ناهي. اڻ ڳڻين خوبين جو مالڪ سنڌ جو هي واحد فنڪار آهي. جنهن جا ڳايل ڪلام هر محفل کي زيب بخشيندا آهن. لاشاري صاحب سڀني کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ سٻاجهڙي طبيعت جو مالڪ ڳهيلڙو انسان آهي. شال رب ڪريم سندس جي آواز ۾ اڃان به وڌيڪ سرور ۽ لطف پيدا ڪري ته جيئن هو ٻڌندڙن جون دليون ٺاريندو رهي.

No comments:

راءِ ڏيندا