پريل دايو
ٻارن ۽ يارن جو شاعر
امداد جسڪاڻي
ادب، صحافت، سياست ۽ سماجي سرگرمين سان هڪ ئي وقت نڀاءُ ۽ عملي تعلق
رکندڙ شاعر پريل دايو 15 مئي 1971ع تي پنوعاقل جي ڳوٺ نوراجا ۾ هاري ولي محمد دايو
مرحوم جي گهر ۾ اک کولي. پنهنجي جيجل امڙ جو پيارو سڪيلڌو ۽ اڪيلو پٽ هجڻ ڪري سٺي
پرورش ۽ پالنا سان گڏوگڏ سندس تعليم تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. ٻاروتڻ ۾ ئي ڇوٿين،
پنجين دردجي ۾ پڙهڻ دؤران هن لکڻ جي ابتدا ڪئي ۽ شاعري ڪرڻ لڳو، پرائمري تعليم کان
پوءِ ڇهين ڪلاس ۾ کيس ناليواري محقق ڪهاڻيڪار ۽ تاريخ نويس سرور سيف جهڙو ڪلاس
ٽيچر مليو جنهن پريل دائي جي همت افزائي ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس ادبي ماحول به مهيا ڪيو
۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوراجا جي ميمبرسپ ڏياريائين ۽ سندس شاعري 1982ع کان ئي
برسات، نئين زندگي ۽ عبرت ميگزين جهڙن رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي. پريل دائي جو چوڻ آهي ته
هن پهريون شعر ٻاراڻي نصاب ۾ شامل حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر سارنگ کان
متاثر ٿي بيت جي صورت ۾ لکيو.
ڪڪر ۽ ٽڪر، پيا گسن پاڻ ۾،
ڪري رب مهر، سانگيئڙن تي سک جي.
ان دؤران پريل دائي ساٿي ٻارڙا سنگت جي پليٽفارم تان سرگرمين ۾ حصو
ورتو، سرور سميجو، عبداش پنهور، اياز لطيف دايو. زبير دايو، مجيد نواز مغل ۽ ٻين
ڪيترن ئي اهڙين ساٿين سان سندس ويجهڙائي جو تعلق جڙيو. 87-1986ع ڌاري گورنمينٽ
هاءِ اسڪول پنو عاقل مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد 91-1990ع ڌاري شاهه لطيف يونيورسٽي
خيرپور مان گريجوئيشن ڪيائين، 87-1986ع کان صحافت ۾ پير پاتائين، سنڌي ٻوليءَ جي
اخبارن جي سڀني پبليڪيشن گروپس سان سندس وابستگي رهي آهي ۽ اخباري ادارن ۾ نيوز
ڊيسڪ تي پڻ ڪم ڪرڻ جو تجربو رکي ٿو ۽ صحافت ۾ هو نه فقط رپورٽر آهي، پر سڄاڻ
ڪالمڪار واري حيثيت پڻ رکي ٿو، سنڌي ادبي سنگت سان ته سندس 25-30 سالن جو تعلق
آهي، ڪيترائي ڀيرا شاخ پنوعاقل جو سيڪريٽري چونڊجي ويو. آهي، 7-2006ع ۾ ساس ضلع
سکر جو رابطا سيڪريٽري رهيو، سيد عبدالله شاهه سرڪار جي دور ۾ مارڪيٽ ڪاميٽي
پنوعاقل جو وائيس چيئرمين پڻ چونڊجي آيو. بظاهر ذاتي، زندگيءَ ۾ وڏيرن، پيرن ۽
سردارن سان گهڻي ويجهڙائي جي باوجود مختلف مرحلن ۾ ۽ ڪن خاص موقعن دؤران اهم موڙن
تي اديب ۽ صحافي جي حيثيت ۾ هو عملي طور سندس ڪٽر مخالف ٿي بيهڻ وارو ماڻهو پڻ
رهيو آهي. عدالتن اندر توڙي ٻاهر وڏيرن سان سندس ويڙهاند جا قصا مشهور آهن. ۽
لکڻين ذريعي پڻ وڏيرا مخالف سوچ جو پرچارڪ رهيو آهي. ادب جي شعبي ۾ ٻارن ڪاڻ لکڻ
جي حوالي سان سندس خاص سڃاڻپ رهي آهي. سچاڻي اشاعت گهر پاران ڇپيل سندس ٻاراڻي
شاعريءَ جي ڪتاب ”ٻاتا جنين ٻول“ کي ساس مرڪز پاران سال 2007ع جو ٻاراڻي ادب جو
قاضي غلام مرتضيٰ مڃتا ايوارڊ“ ڏنو ويو، ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم“ هلائڻ تي سنڌ
سنگت پاران کيس 2010ع ۾ ”ابن حيات پنهور مڃتا شيلڊ“ ڪارڪردگي بنياد تي ڏني وئي. کيس سنڌ سنگت جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ڪارڪردگي شيلڊ سان نوازيو ويو ۽ سنڌ
پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ميڊم راءِ ناز بوزدار هٿان
کيس شهيد بينظير ڀٽو مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. جڏهن ته 2011ع ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي
اسلام آباد پاران ٻين صحافين سان گڏ کيس به ورڪشاپ جي موقعي تي ايوارڊ ڏنو ويو. پريل دايو جتي صحافت جي ميدان ۾ پاڻ مڃايو، اُتي هو ٻاراڻي ادب جي ميدان ۾ پڻ سٺي
شاعر واري سڃاڻپ رکي ٿو، هتي سندس ٻاراڻي شاعريءَ مان ڪي نڪور خيال نموني طور ڏجن
ٿا.
مالهي
اچو اوهان کي باغ گهمايان.
گلن ڦلن جا رنگ سمجهايان.
هي آڳارهو ”گل گلاب“،
هن جو ناهي ڪوبه جواب،
کير جو رنگ ”رابيل“ جيان،
هن جي ڇا تعريف ڪيان.
”رات جي راڻي“ ڏينهن جو راجا،
جن جي هاڪ ٻجهي ٿي هرجا،
مان هان ٻارو! باغ جو مالهي،
مون وٽ گلڙن لهءِ سڀ سوالي.
وڻ پوکيو
ٻوٽا وڻ لڳايو ڀائو.
وڻڪاري کي چاهيو ڀائو.
وڻ وڍيندڙ ڏوهي آهي.
ان کي ڪجهه سمجهايو ڀائو.
جنهن ڀي هڪ وڻ پوکيو تنهن ڄڻ
جنت ۾ گهر ٺاهيو ڀائر،
ڀونءِ تي جيڪي وڻ بيٺل هن،
تن جي جان بچايو ڀائو.
ٻاجهاري ويو ڳالهه ٻڌائي،
پنهنجو پريل دايو ڀائو.
No comments:
راءِ ڏيندا